Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

متحده لائرز فورم کي فوري طور تي تحليل ڪيو ويو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو


متحده لائرز فورم کي فوري طور تي تحليل ڪيو ويو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو
 Posted on: 1/18/2016
متحده لائرز فورم کي فوري طور تي تحليل ڪيو ويو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو
يونائيٽڊ ليگل ڪائونسل جي نالي سان نئون پليٽ فارم جوڙيو ويو آهي، جنهن جو صدر بيرسٽر فروغ نسيم ۽ گلفراز خان خٽڪ سيڪريٽري هوندا
لنڊن: 18 جنوري 2016 
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جو هڪ اجلاس قائم مقام ڪنوينر نديم نصرت جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ مختلف تنظيمي معاملن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪيل فيصلي جي مطابق متحده لائرز فورم کي فوري طور تي تحليل ڪيو ويو آهي. ان جي جڳھھ تي يونائيٽڊ ليگل ڪائونسل جي نالي سان نئون پليٽ فارم جوڙيو ويو آهي ۽ ممتاز آئيني ۽ قانوني ماهر ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جي ميمبر بيرسٽر فروغ نسيم کي يونائيٽڊ ليگل ڪائونسل جو صدر ۽ گلفراز خان خٽڪ کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته 6 رڪني ايڊوائزري ڪميٽي به مقرر ڪئي وئي آهي. جن ۾ بيرسٽر محمد علي سيف، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، ڪنور نويد جميل، حيدرعباس رضوي، رئوف صديقي ۽ خواجه اظهار الحسن شامل آهن. جڏهن ته يونائيٽڊ ليگل ڪائونسل جون وڌيڪ سب ڪميٽيون به جوڙيون وينديون. جن ۾ وڪيلن ۽ ٻين لاڳاپيل شخصيتن کي شامل ڪيو ويندو. يونائيٽڊ ليگل ڪائونسل جي مقصدن ۾ وڪلا برادري ۾ تحريڪ جي پيغام کي عام ڪرڻ، بار ڪائونسلن ۽ بار ايسوسي ايشنن جي اليڪشنن ۾ حصو وٺڻ، انٽرنيشنل بار ايسوسي ايشنن سان رابطا رکڻ، ڪانفرنسن، سيمينارن ۽ سمپوزيئم جو انعقاد ڪرڻ، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ قانون جي پيشي، تعليم ۽ تعليمي ادارن سان لاڳاپيل معاملن ۾ مدد ڪرڻ ۽ فلاحي معاملا  انجام ڏيڻ به شامل آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين متحده لائرز فورم جي تحليل ۽ يونائيٽڊ ليگل ڪائونسل جي قيام جي فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي ۽ ان حوالي سان باقائده سرڪلر به جاري ڪيو ويو آهي. 


5/13/2024 10:36:03 AM