Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڊاڪٽر عاصم حسين جي والده محترمه اعجاز فاطمه جو ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين کي سلام ۽ دعائن سان گڏ پيغام.


ڊاڪٽر عاصم حسين جي والده محترمه اعجاز فاطمه جو ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين کي سلام ۽ دعائن سان گڏ پيغام.
 Posted on: 1/19/2016
ڊاڪٽر عاصم حسين جي والده محترمه اعجاز فاطمه جو ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين کي سلام ۽ دعائن سان گڏ پيغام.
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو به ڊاڪٽر عاصم حسين جي والده سان دلي همدردي جو اظهار.
مان ڊاڪٽر عاصم حسين کي لنڊن ۾ قيام جي دوران اهو مشورو ڏنو هو ته اهي پاڪستان نه وڃن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن: 19 جنوري 2016 
                   سابق وفاقي وزير ۽ ضياء الدين اسپتال ۽ مختلف يونيورسٽين جي سربراھ ڊاڪٽر عاصم حسين جي والده محترمه اعجاز فاطمه ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين کي سلام ۽ دعائن سان گڏ هڪ پيغام موڪليو آهي، جنهن جي جواب ۾ جناب الطاف حسين به ڊاڪٽر عاصم حسين جي والده محترمه جي خدمت ۾ سلام عرض ڪندي انهن جي وڏي عمر جي لاءِ دعا ڪئي آهي. جناب الطاف حسين ڊاڪٽر عاصم حسين جي والده سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته ڊاڪٽر عاصم حسين جيڪي به تڪليفون برداشت ڪري رهيا آهن الله تعالٰي اهي ڏسي رهيو آهي. انهن فرمايو ته مان ڊاڪٽر عاصم حسين کي لنڊن ۾ قيام جي دوران اهو مشورو ڏنو هو ته اهي 
پاڪستان نه وڃن پر انهن منهنجي مشوري کي رڌ ڪري ڇڏيو هو. جناب الطاف حسين پاڪستان جي عوام خصوصن ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي چيو ته اهي ڊاڪٽر عاصم حسين جي جيڪا به آئيني، قانوني ۽ اخلاقي مدد ڪري سگهن  اها ضرور ڪن. انهن ڊاڪٽر عاصم حسين کي به مشورو ڏنو ته اهي به الله تعالٰي جي مدد جي لاءِ دعا ڪن ۽ ڪثرت سان استغفار ڪن. الله تعالٰي بهتر انصاف ڪرڻ وارو آهي. انهن  اها به دعا ڪئي ته الله تعالٰي ڊاڪٽر عاصم حسين جي والده محترمه اعجاز فاطمه جي ڇانوَ اسان جي مٿان سلامت رکي.آمين.


5/13/2024 12:20:23 AM