Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي اليڪشن جي لاءِ سنڌ ۽ پنجاب جي صوبائي حڪومتن جي طرفان کليل ووٽنگ ڪرائڻ جي فيصلي جون اطلاعون اليڪشن جي عمل تي اثرانداز ٿيڻ جي مذموم ڪوشش آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي اليڪشن جي لاءِ سنڌ ۽ پنجاب جي صوبائي حڪومتن جي طرفان کليل ووٽنگ ڪرائڻ جي فيصلي جون اطلاعون اليڪشن جي عمل تي اثرانداز ٿيڻ جي مذموم ڪوشش آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 1/18/2016
ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي اليڪشن جي لاءِ سنڌ ۽ پنجاب جي صوبائي حڪومتن جي طرفان کليل ووٽنگ ڪرائڻ جي فيصلي جون اطلاعون اليڪشن جي عمل تي اثرانداز ٿيڻ جي مذموم ڪوشش آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي:18 جنوري 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي مڪاني اليڪشن جي قيام جي لاءِ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي اليڪشن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي صوبائي حڪومتن جي طرفان کليل ووٽنگ ڪرائڻ جي فيصلي جي اطلاعن کي اليڪشن جي عمل تي اثر انداز ٿيڻ جي مذموم ڪوشش قرار ڏنو آهي ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر  آف پاڪستان سردار رضا خان کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي سنڌ ۽ پنجاب جي حڪومتن جي طرفان مڪاني ميمبرن تي دٻاءُ ۽ انهن کي خوفزده ڪرڻ جو  فوري طور تي نوٽس وٺن. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته سنڌ ۽ پنجاب جون صوبائي حڪومتون نون چونڊيل نمائندن تي دٻاءُ وجهي رهيون آهن ته جيڪڏهن توهان اسان جي اميدوارن جي حمايت نه ڪئي ته توهان جو انجام سٺو نه ٿيندو ۽ ان جي ڪري ئي مڪاني نمائندن ۾ وڏي ڳڻتي پاتي وڃي ٿي. رابطا ڪميٽي چيو ته حڪومتي حلقن جي طرفان ضلعي چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن جي اليڪشن ۾ پوليس جي استعمال جون خبرون به اڳ ۾ ئي گردش ڪري رهيون آهن ۽ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي اليڪشن ۾ کلي عام ووٽ ڏيڻ جي اطلاعن سان سنڌ ۽ پنجاب جي عوام ۾ به وڏي ڳڻتي پاتي وڃي ٿي.
*****

5/13/2024 12:11:24 AM