Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ مڪاني اليڪشن کان پوءِ بلدياتي ادارن جي جوڙجڪ کي فوري طور تي مڪمل ڪري نمائندن کي عوامي خدمت جي لاءِ ڀرپور اختيار ڏنا وڃن.ايم ڪيو ايم جو قائم مقام ڪنوينر نديم نصرت.


ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ مڪاني اليڪشن کان پوءِ  بلدياتي ادارن جي جوڙجڪ کي فوري طور تي مڪمل ڪري نمائندن کي عوامي خدمت جي لاءِ ڀرپور اختيار ڏنا وڃن.ايم ڪيو ايم جو قائم مقام ڪنوينر نديم نصرت.
 Posted on: 1/18/2016
ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ مڪاني اليڪشن کان پوءِ  بلدياتي ادارن جي جوڙجڪ کي فوري طور تي مڪمل ڪري نمائندن کي عوامي خدمت جي لاءِ ڀرپور اختيار ڏنا وڃن.ايم ڪيو ايم جو قائم مقام ڪنوينر نديم نصرت.
لنڊن: 18 جنوري 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي قائم مقام ڪنوينر نديم نصرت چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان کي دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ شامل ڪرڻو آهي ته اسان کي انهن ترقي يافته ملڪن ۾ رائج مڪاني نظام کي به اختيار ڪرڻو پوندو. اها ڳالھھ انهن ايم ڪيو ايم اوورسيز ڊنمارڪ يونٽ جي تنظيم نو جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪئي. نديم نصرت چيو ته پاڪستان خصوصن ڪراچي ۾ مڪاني ادارن کي جيستائين بااختيار نه بڻايو ويندو ته ان وقت تائين ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو.  انهن چيو ته مڪاني اليڪشن جي عمل کي شروع ٿئي ڪجھھ مهينا گذري ويا آهن پر ان جي باوجود به اهو سرخ ڦيتي جو شڪار آهي ۽ هن مهل تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. انهن چيو ته مڪاني اليڪشن جي تڪميل ۽ اختيارن جي منتقلي ۾ دير بدنيتي جو هڪ واضع ثبوت آهي. انهن مطالبو ڪيو ته ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ مڪاني اليڪشن کان پوءِ مڪاني ادارن جي جوڙجڪ کي فوري طور تي مڪمل ڪري نمائندن کي عوامي خدمتن جي لاءِ ڀرپور اختيار ڏنا وڃن. آخر ۾ نديم نصرت ايم ڪيو ايم اووسيز ڊنمارڪ يونٽ جو باضابطه اعلان ڪندي سعد احمد کي يونٽ آرگنائيزر مقرر ڪيو ۽ انهن جي معاونت جي لاءِ ٽي رڪني ڪميٽي به قائم ڪئي ،ڪميٽي جا نالا هي آهن، احسن صديقي، محمد توصيف ۽ شيخ سليم .
*****

5/12/2024 11:40:08 PM