Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين پابندين جي باوجود داعش ۽ ملڪ دشمن قوتن جي اڳيان هڪ شيهي رسيل ڀت وانگر مضبوط بيٺل آهن. حق پرست سينيٽر ۽ ڪي پي ڪي جو صدر بيرسٽر محمد علي سيف.


جناب الطاف حسين پابندين جي باوجود داعش ۽ ملڪ دشمن قوتن جي اڳيان هڪ شيهي رسيل ڀت وانگر مضبوط بيٺل آهن. حق پرست سينيٽر ۽ ڪي پي ڪي جو صدر بيرسٽر محمد علي سيف.
 Posted on: 1/15/2016
جناب الطاف حسين پابندين جي باوجود داعش ۽ ملڪ دشمن قوتن جي اڳيان هڪ شيهي رسيل ڀت وانگر مضبوط بيٺل آهن. حق پرست سينيٽر ۽ ڪي پي ڪي جو صدر بيرسٽر محمد علي سيف.
پشاور: 15 جنوري 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي سينيٽر ۽ ڪي پي ڪي جي صدر بيرسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سڄي ملڪ جي حڪمرانن ۽ عوام کي طالبان ۽ داعش جي موجودگي جي باري ۾ سڀني کان پهرين آگاھ ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته جناب الطاف حسين ئي ملڪ کي هنن ظالمن مان نجات ڏياري سگهن ٿا. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته ملڪ جي حڪمرانن ۽ سياسي ۽ مذهبي جماعتن جي اڳواڻڻ کي گهرجي ته اهي طالبان کان داعش جي پاڪستان ۾ موجودگي تي پردو وجهڻ جي بجاءِ حقيقتن کي تسليم ڪن ۽ سامهون اچي ڪري ان سنگين صورتحال جو سامنو ڪن ڇو ته ڊڄڻ سان داعش جي دهشت گردن کان نه ته عوام بچي سگهن ٿا ۽ نه ئي حڪمران پنهنجن محلن ۾ محفوظ رهي سگهن ٿا.انهن چيو ته داعش جي ملڪ ۾ ڪاروائين کان پوءِ هاڻي ڪوئي به جواز نه ٿو بچي ته ان جي موجودگي کان انڪار ڪيو وڃي. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف کان مطالبو ڪيو ته اهي داعش جي ملڪ ۾ ڪاروائين کان پوءِ مصلحت جي چادر کي لاهي ڦٽي ڪن ۽ جيڪي عناصر داعش کي مدد ۽ تعاون به فراهم ڪري رهيا آهن انهن جي خلاف به سخت ترين ڪاروائي ڪري  ملڪ ۾ امن ڪيو وڃي.
*****


5/11/2024 2:13:19 PM