Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪستان کي سعودي عرب ۽ ايران تڪرار تي غير جانبدار رهڻ گهرجي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


پاڪستان کي سعودي عرب ۽ ايران تڪرار تي غير جانبدار رهڻ گهرجي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 1/15/2016
پاڪستان کي سعودي عرب ۽ ايران تڪرار تي غير جانبدار رهڻ گهرجي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
سعودي عرب ۽ ايران جي معاملي تي ڪنهن به ملڪ جو ساٿ ڏيڻ پاڪستان جي تباهي جي برابر هوندو.
عالمي سطح تي داعش جي ذريعي شيعه ۽ سني فسادن جي سازش ڪئي پئي وڃي. 
حيدرآباد زون جي زير اهتمام لطيف آباد ۾ محفل ذڪر مصطفٰي صلي الله عليه وسلم جي شرڪاء کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن: 15 جنوري 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته سعودي عرب هجي، ايران هجي، شام هجي يا ٻيو ڪوئي به اسلامي ملڪ هجي اهي سڀ پاڪستان جي لاءِ قابل احترام آهن. ان جي ڪري پاڪستان کي انهن جي تڪرار ۾ غير جانبدار رهڻ گهرجي ڇو ته ان تڪرار ۾ ڪنهن به هڪ ملڪ جو ساٿ ڏيڻ پاڪستان جي تباهي جي برابر هوندو ۽ ان معاملي ۾ پاڻ کي الڳ رکڻ پاڪستان جي سلامتي جي برابر هوندو. انهن خيالن جو اظهار انهن  حيدرآباد زون جي زير اهتمام لطيف آباد باغ مصطفٰي گرائونڊ ۾ منعقد ٿيندڙ محفل ذڪر مصطفٰي صلي الله عليه وسلم جي شرڪاء کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ماضي ۾ آمريڪا ۽ روس جي سرد جنگ ۾ پاڪستان جي حڪمرانن کُلي ڪري آمريڪا جو ساٿ ڏنو هو ۽ پوري ملڪ  کي داءُ تي لڳائيندي سڄي ملڪ ۾ مدرسا ٺهرائي ڇڏيا. هن وقت سڄي ملڪ ۾ 50 هزار کان وڌيڪ مدرسا قائم آهن. انهن وڌيڪ فرمايو ته پهرين معاملو آمريڪا ۽ روس جو هو جيڪي غير مسلم ملڪ هئا،پر هاڻي معاملو سعودي عرب ۽ ايران جو آهي. 34 عرب ملڪن جو اتحاد بڻجي رهيو آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان پهرين ئي چئي چڪو آهيان ته جيڪڏهن پاڪستان جي بقا ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻو آهي ته ان 34 ملڪي اتحاد ۾ پاڪستان کي شامل نه ٿيڻ گهرجي. اسان جي بزرگان دين جون مزارون، مسجدون ۽ امام بارگاهون شهيد ڪيون ويون آهن، نماز پڙهندي شيعه ۽ سني شهيد ڪيا ويا آهن. اسان جو پورو ملڪ پهرين ئي دهشت گردي جي ور چڙهيل آهي. اهڙي صورتحال ۾ اسان کي پاڪستان جي سلامتي جي ڳڻتي ڪرڻ گهرجي ۽ وچ اوڀر ۾ ٿيندڙ ڇڪٿاڻ کان پاڻ کي پري رکڻ گهرجي. ان معاملي ۾ پاڪستان کي غير جانبداري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. انهن فرمايو ته ان تڪرار ۾ ڪنهن به ملڪ جو ساٿ ڏيڻ پاڪستان جي تباهي ۽ ان معاملي ۾ پاڻ کي الڳ رکڻ پاڪستان جي سلامتي جي برابر آهي. انهن فرمايو ته مان گهڻو وقت اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته طالبانائزيشن ٿي رهي آهي. ۽ جيڪڏهن ان کي نه روڪيو ويو ته ملڪ تباهي ڏانهن هليو ويندو. پر سڀ چون پيا ته الطاف حسين ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ۽ عوام کي ڊيڄاري رهيو آهي. پر اڄ دنيا ڏسي رهي آهي ته  منهنجا سمورا خدشا درست ثابت ٿي رهيا آهن ۽ پاڪستان ۾ القائده ۽ طالبان کان پوءِ داعش به گهري آئي آهي. انهن فرمايو ته عالمي سطح تي 
داعش جي ذريعي شيعه ۽ سني فسادن جي سازش ڪئي پئي وڃي. اسان کي انهن جي سازشن کان هوشيار رهندي پنهنجن شهرن ۾ فرقي وارانه هم آهنگي کي برقرار رکڻ گهرجي، شيعه سني اتحاد جو مظاهرو ڪري هڪ ٻئي جو گهر برباد ڪرڻ جي بجاءِ هڪ ٻئي جي حفاظت ڪرڻ گهرجي. اسان کي نه صرف فرقي وارانه هم آهنگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. بلڪه مذهبي رواداري جو مظاهرو ڪندي هندن، عيسائين، سکن ۽ احمدين سميت ڪنهن جو به گهر نه ڊاهڻ گهرجي ۽ قرآن پاڪ جي تعليم تي عمل ڪندي هڪ ٻئي جي عقيدن جو احترام ڪرڻ گهرجي. انهن فرمايو ته قرآن پاڪ ۾ واضع حڪم آهي ته “لا اڪراھ في الدين” يعني دين ۾ ڪوئي به ڏاڍ نه آهي. قرآن پاڪ جي سوره الحجرات ۾ الله تعالٰي فرمايو آهي ته جيڪڏهن مومنن جون ٻه ڌريون پاڻ ۾ وڙهي پون ته انهن ۾ صلح ڪرايو. جيڪڏهن هڪ ڌر ٻئي ڌر سان ڏاڍائي ڪري ته ڏاڍائي ڪرڻ واري ڌر سان وڙهو، ايستائين جو اها الله سائين ڏانهن رجوع ڪري. بس پوءِ جڏهن اها رجوع ڪري وٺي ته ٻنهي ڌرين ۾ مساوات سان صلح به ڪرائي ڇڏيو ۽ انصاف سان ڪم وٺو. الله تعالٰي انصاف ڪرڻ وارن کي پسند ڪري ٿو. ان جي ڪري اسان کي عقل نه رکندڙن جي خواهشن جي بجاءِ  الله تعالٰي جي حڪمن تي عمل ڪرڻ گهرجي. جناب الطاف حسين نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي سيرت پاڪ جو ذڪر ڪندي فرمايو ته نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم محسن انسانيت آهن. اوهان صلي الله عليه وسلم دشمنن کي به معاف ڪري ڇڏيندا هئا. جڏهن سرڪار دوعالم صلي الله عليه وسلم طائف ۾ دين جي تبليغ ڪرڻ ويا ته مشرڪن شرارتي ٻارن جي ذريعي اوهان صلي الله عليه وسلم تي پٿراءُ ڪرائي رتو رت ڪرائي ڇڏيو. اهڙي ۾ حضرت جبرائيل عليه السلام اچي ڪري عرض ڪيو ته يا رسول الله صلي الله عليه وسلم جيڪڏهن اوهان حڪم فرمايو ته مان ٻنهي جبلن کي پاڻ ۾ ملائي ڇڏيان ۽ اهي ان ۾ چيڀاٺجي ڪري مري ويندا. پر اوهان صلي الله عليه وسلم فرمايو ته نه اهي نادان آهن ۽ مون کي سڃاڻين نه ٿا ته مان ڪير آهيان. اوهان صلي الله عليه وسلم انهن کي معاف ڪري ڇڏيو. اهڙي محبت ڪرڻ وارو دل صرف امام الانبياء حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جو ئي ٿي سگهي ٿو.امت محمدي صلي الله عليه وسلم وڏي گنهگار آهي پر خوش قسمت به آهي ڇو ته قيامت جي ڏينهن سرڪار دو عالم صلي الله عليه وسلم سڀني کان پهرين پنهنجي امت جي شفاعت فرمائيندا. جناب الطاف حسين فرمايو ته سرڪار دوعالم صلي الله عليه وسلم جي تعليم ۽ سيرت طيبه تي عمل ڪيو وڃي. انهن فرمايو ته ڪوئي به ان وقت تائين مومن ٿي نه ٿو سگهي جيستائين لاالٰه الا الله محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم نه چوي. پر جيڪڏهن ڪوئي اهو چوي ته اهو الله سائين ۽ قرآن پاڪ کي ته مڃي ٿو پر اهو سرڪار دوعالم صلي الله عليه وسلم کي نه ٿو مڃي ته پوءِ الله پاڪ ۽ قرآن پاڪ کي مڃڻ جو به ڪوئي فائدو نه آهي. نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم والدين، عورتن، بزرگن ۽ استادن جي احترام جو درس ڏنو آهي. ان جي ڪري جيڪڏهن نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي محبت کي پائڻو آهي ته اسان کي والدين، بزرگن، عورتن ۽ استادن جو به احترام ڪرڻو پوندو. انهن جي عزت ڪرڻي پوندي ۽ سچ ڳالهائڻو پوندو، امانت ۾ خيانت کان پرهيز ڪرڻو پوندو ۽ احسان فراموشي جي عمل کان به باز رهڻو پوندو. جناب الطاف حسين محفل ذڪر مصطفٰي صلي الله عليه وسلم جي روحاني اجتماع جا انتظام ڪرڻ تي حيدرآباد جي زونل ڪميٽي ، شعبن جي ميمبرن، سيڪٽر ۽ يونٽن جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي به زبردست خراج تحسين ڪيو.
*****

5/12/2024 12:38:40 AM