Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ٿر ۾ ڏڪر ۽ بيمارين سان معصوم ٻارن جي هلاڪتن جا لڳاتار واقعا وڏي ڳڻتي جي ڳالھھ آهن.نديم نصرت.


ٿر ۾ ڏڪر ۽ بيمارين سان معصوم ٻارن جي هلاڪتن جا لڳاتار  واقعا وڏي ڳڻتي جي ڳالھھ آهن.نديم نصرت.
 Posted on: 1/13/2016
ٿر ۾ ڏڪر ۽ بيمارين سان معصوم ٻارن جي هلاڪتن جا لڳاتار  واقعا وڏي ڳڻتي جي ڳالھھ آهن.نديم نصرت.
لنڊن: 13 جنوري 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي قائم مقام ڪنوينر نديم نصرت ٿر ۾ ڏڪر ۽ بيمارين سان معصوم ٻارن جي هلاڪتن جي لڳاتار واقعن تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته ٿر ۾ ڏڪر ۽ بيمارين سان ٻارن جي فوت ٿيڻ جا واقعا لڳاتار ٿي رهيا آهن. پر سنڌ حڪومت ماضي وانگر هن ڀيري به انتهائي وڏي بي حسي جو مظاهرو ڪري رهي آهي. انهن چيو ته ٿر ۽ ان جي ويجهن علائقن ۾ قائم اسپتال صرف نالي ماٿر آهن جتي نه ته ڊاڪٽر آهن ۽ نه ئي ٻارن جي علاج معالجي جون سهولتون ميسر آهن ۽ جيڪي ٿوريون گهڻيون مشينون به آهن ته اهي به عملو نه هجڻ جي ڪري خراب پيل آهن. نديم نصرت چيو ته سنڌ حڪومت جي وزيرن ۽ صحت کاتي جي اعلٰي آفيسرن جي وڏي پيماني تي ڪرپشن ۽ غفلت جي ڪري ٿر ۾ صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي. پر اها ڳالھھ افسوسناڪ آهي ته وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ان صورتحال جو نوٽس وٺڻ ۽ ان سلسلي ۾ عملي قدم کڻڻ جي بجاءِ ان طرح جا عذر پيش ڪري رهيا آهن جيڪي انهن جي بي حسي جو واضع ثبوت آهن. نديم نصرت چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت ٿر ۾ سنگين ٿيندڙ صورتحال جو فوري طور تي نوٽس نه ورتو ۽ هنگامي بنيادن تي قدم نه کنيا ته اتي هلاڪ ٿيندڙ ٻارن جي هلاڪتن تي سنڌ جي حڪمرانن کي الله سائين جي عذاب کي منھھ ڏيڻو پوندو. نديم نصرت هلاڪ ٿيندڙ ٻارن جي پونئرن سان دلي همدردي جو اظهار به ڪيو.
****

5/11/2024 7:59:33 AM