Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو اي آر وائي اسلام آباد جي آفيس فون، نيوز ايڊيٽر رضوان عالم سان فون تي ڳالھھ ٻولھھ.


 ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو اي آر وائي اسلام آباد جي آفيس فون، نيوز ايڊيٽر رضوان عالم سان فون تي ڳالھھ ٻولھھ.
 Posted on: 1/13/2016
 ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو اي آر وائي اسلام آباد جي آفيس فون، نيوز ايڊيٽر رضوان عالم سان فون تي ڳالھھ ٻولھھ.
دهشت گردي جي واقعي تي دلي افسوس ۽ همدردي جو اظهار.
لنڊن: 13 جنوري 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اسلام آباد ۾ اي آر وائي جي آفيس فون ڪري اتي اي آر وائي اسلام آباد جي نيوز ايڊيٽر رضوان عالم سان ڳالھھ ٻولھھ ڪئي ۽ دهشت گردي جي واقعي تي دلي افسوس ۽ همدردي جو اظهار به ڪيو. جناب الطاف حسين داعش جي هٿيار بند دهشت گردن جي طرفان دستي بم حملي ۽ فائرنگ سان زخمي ٿيندڙ ڪارڪن جي صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي. ان موقعي تي ڳالھھ ٻولھھ ڪندي جناب الطاف حسين فرمايو ته مان رڙيون ڪري ڪري طالبان ۽ داعش جي باري ۾ ٻڌائيندو رهيس پر حڪومت جي طرفان ان کان لڳاتار انڪار ڪيو ويندو رهيو. انهن فرمايو ته پاڪستان ۾ داعش جي وجود کان انڪار ڪبوتر وانگر اکيون بند ڪري وٺڻ ۽ اٺ پکي وانگر واري ۾ منھھ لڪائڻ جي برابر آهي. جيڪڏهن اسان ان انڪار جي حالت کان ٻاهر نه نڪتاسين ۽ پنهنجو غير ذميوارانه رويو تبديل نه ڪيو ۽ مذهبي انتها پسندي جي سڌي ريت يا اڻ سڌي ريت حمايت ڪندا رهياسين ته پوءِ داعش ۽ ٻين مذهبي انتها پسند عناصر جي هٿان نه صرف اسان جي جان و مال کي نقصان پهچندو رهندو بلڪه خدانخواسته اهي عناصر ملڪ کي به هن ڌرتي تان مٽائي نه ڇڏين. انهن فرمايو ته مان دعا ڪري رهيو آهيان ته الله تعالٰي انهن دهشت گردن کان پاڪستان جي  ڪنڊ ڪنڊ کي محفوظ رکي. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان اي آر وائي جي هڪ هڪ ڪارڪن سان دلي همدردي جو اظهار ڪريان ٿو ۽ انهن جي لاءِ دعا ڪريان ٿو ته الله تعالٰي اي آر وائي جي سمورن صحافين، ڪيميره مينن ۽ سڄي اسٽاف کي پنهنجي حفاظت ۾ رکي. انهن اي آر وائي اسلام آباد جي نيوز ايڊيٽر رضوان عالم کي چيو ته اهي اي آر وائي جي مالڪن سلمان اقبال ۽ حاجي اقبال تائين به منهنجو اهو پيغام پهچائين ته اسان ڏک جي ان گهڙي ۾ انهن سان گڏ آهيون ۽ ان موقعي تي اي آر وائي سان هر طرح جو غير مشروط تعاون ڪرڻ جي لاءِ به تيار آهيون. 
*****

5/11/2024 1:10:39 AM