Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اسلام آباد ۾ اي آر وائي جي آفيس تي هٿيار بند دهشت گردن جي طرفان دستي بم حملو قابل مذمت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


اسلام آباد ۾ اي آر وائي جي آفيس تي هٿيار بند دهشت گردن جي طرفان دستي بم حملو قابل مذمت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 1/13/2016
اسلام آباد ۾ اي آر وائي جي آفيس تي هٿيار بند دهشت گردن جي طرفان دستي بم حملو قابل مذمت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
اهو واقعو حڪومت جي انهن ماڻهن جون اکيون کولڻ جي لاءِ ڪافي آهي جيڪي پاڪستان ۾داعش جي وجود کان انڪاري آهن. جناب الطاف حسين.
لنڊن: 13 جنوري 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اسلام آباد ۾ اي آر وائي جي آفيس تي هٿيار بند دهشت گردن جي طرفان دستي بم حملي جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته اهو واقعو اي آر وائي تي نه بلڪه پاڪستان جي ميڊيا جي آزادي تي آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن فرمايو ته ان کان اڳ به ڪيترن ئي ٽي وي چينلن کي پابندي مڙهيل تنظيمن ۽ مذهبي انتها پسند تنظيمن جي طرفان دهشت گردي جو نشانو بڻايو ويو آهي ۽ هاڻي اسلام آباد ۾ اي آر وائي جي آفيس کي به دستي بم سان نشانو بڻايو ويو آهي.انهن فرمايو ته اڄ اي آر وائي نيوز تي ٿيندڙ حملي جي ذميواري داعش نالي تنظيم قبول ڪئي آهي ۽ واقعي واري هنڌ تي هڪ ڌمڪي وارو پمپليٽ به اڇلايو ويو آهي. انهن فرمايو ته اها ڳالھھ وفاقي حڪومت، وفاقي وزير داخلا ۽ ان جي سمورن ماڻهن جي لاءِ اکيون کولڻ جي لاءِ ڪافي آهي. جيڪي هن مهل تائين پاڪستان ۾ داعش جي وجود کان انڪاري آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته وقت اچي ويو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان تي ان جي روح ۽ ابتدا ۾ ڪيل اعلان جي مطابق عمل ڪيو وڃي ۽ پابندي مڙهيل تنظيمن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي. جناب الطاف حسين دهشت گردن جي حملي تي اي آر وائي جي مالڪن، سمورن صحافين ۽ اسٽاف سان دلي همدردي ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪندي دهشت گردن جي حملي ۾ زخمي ٿيندڙ اي آر وائي جي هڪ ميمبر جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي. 
*****

5/11/2024 10:05:03 PM