Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪوئيٽا جي علائقي سيٽلائيٽ ٽائون ۾ بم ڌماڪي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


ڪوئيٽا جي علائقي سيٽلائيٽ ٽائون ۾ بم ڌماڪي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 1/13/2016
ڪوئيٽا جي علائقي سيٽلائيٽ ٽائون ۾ بم ڌماڪي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 13 جنوري 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪوئيٽا جي علائقي سيٽلائيٽ ٽائون ۾ حفاظتي ٽڪن جي مرڪز جي سامهون بم ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ ايف سي ۽ پوليس اهلڪارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته دهشت گرد بم ڌماڪن ۽ دهشت گردي جي ذريعي پنهنجن مذموم مقصدن جي تڪميل جي لاءِ سرگرم آهن ۽ معصوم ۽ بي گناھ ماڻهن جي زندگين سان کيڏي رهيا آهن. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي بم ڌماڪي ۾  اهلڪارن ۽ ٻين جي هلاڪت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي انهن جي پونئرن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحومن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ زخمين کي جلد و مڪمل صحتيابي عطا فرمائي. آمين. ان کان علاوه رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وزير اعلٰي بلوچستان کان مطالبو ڪيو ته اهي ان بم ڌماڪي ۾ ملوث دهشت گردن کي فوري طور تي گرفتار ڪرائين ۽ ان ۾ مدد فراهم ڪندڙ عناصر جي خلاف به ڪاروائي ڪرائين. 
*****


5/12/2024 5:01:09 AM