Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار جي دهشت گردن جي طرفان اسلام آباد ۾ هڪ ٽي وي چينل جي آفيس تي دستي بم حملي ۽ فائرنگ ڪرڻ جي مذمت.


ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار جي دهشت گردن جي طرفان اسلام آباد ۾ هڪ ٽي وي چينل جي آفيس تي دستي بم حملي ۽ فائرنگ ڪرڻ جي مذمت.
 Posted on: 1/13/2016
ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار جي دهشت گردن جي طرفان اسلام آباد ۾ هڪ ٽي وي چينل جي آفيس تي دستي بم حملي ۽ فائرنگ ڪرڻ جي مذمت.
ميڊيا جي رپورٽن جي مطابق ان حملي جي ذميواري داعش افغانستان قبول ڪئي آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
ڪراچي: 13 جنوري 2016 
                    متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر  ۽ قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر ڊاڪٽر فاروق ستار دهشت گردن جي طرفان اسلام آباد ۾ هڪ ٽي وي چينل جي آفيس تي دستي بم حملي جي مذمت ڪندي ان واقعي کي آزادي صحافت تي حملو قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ انهن چيو ته ميڊيا جي رپورٽن جي مطابق ان حملي جي ذميواري انتها پسند تنظيم داعش افغانستان قبول ڪئي آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم آزادي صحافت جي عملبردار آهي ۽ ان ڏکئي وقت ۾ صحافي برادري سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري گڏ آهي. انهن چيو ته اسلام آباد ۾ داعش جي سرگرمين سان سڄي ملڪ جي ماڻهن ۾ ڳڻتي جي لهر ڇائنجي وئي آهي ۽ ان ڪاروائي سان اهو سوال پيدا ٿيو آهي ته جڏهن ملڪ جي گادي جي هنڌ ۾ داعش دهشت گردي ڪري سگهي ٿي ته ملڪ جي ٻين حصن ۾ ان جو نيٽ ورڪ ڪيترو نه مضبوط هوندو. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف کان مطالبو ڪيو ته اهي اسلام آباد ۾ ٽي وي چينل تي داعش جي حملي جو فوري طور تي نوٽس وٺن ۽ اسلام آباد سميت ملڪ جي ٻين حصن ۾ داعش جي وڌندڙ سرگرمين جي روڪٿام جي لاءِ فوري طور تي قدم کڻڻ.
*****

5/11/2024 3:11:50 AM