Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جنرل راحيل شريف اهم قومي معاملن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. خدا جي واسطي اهي مهاجرن کي انصاف ڏيارڻ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


جنرل راحيل شريف اهم قومي معاملن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. خدا جي واسطي اهي مهاجرن کي انصاف ڏيارڻ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 1/12/2016
جنرل راحيل شريف اهم قومي معاملن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. خدا جي واسطي اهي مهاجرن کي انصاف ڏيارڻ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
الله تعالٰي پاڪستان تي رحم کائي ڪري جنرل راحيل شريف کي موڪليو آهي. مان جنرل راحيل شريف جي ڪاميابي جي لاءِ ڪالھھ به دعاگو هئس ۽ اڄ به دعا ڪري رهيو آهيان.
سنڌ حڪومت  ڪراچي کان ڪشمور تائين سمورن مڪاني نمائندن کي اختيار ڏي، اسان جهيڙو نه ٿا چاهيون بلڪه گڏجي ڪري رهڻ چاهيون ٿا. 
جيڪڏهن سنڌ حڪومت ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن کي اختيار نه ڏنا ته پوءِ عوام سنڌ اسيمبلي کي هلڻ نه ڏيندا.
صوبائي اليڪشن ڪميشن جي هيڊ آفيس جي سامهون احتجاجي مظاهري کي خطاب.
لنڊن: 12 جنوري 2016 
                متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته پاڪستان ۾ اقتدار جي طاقت جو سرچشمو فوج آهي ۽ جنرل راحيل شريف پاڪ فوج جا سربراھ آهن. ان جي ڪري اسان انهن کي چئون ٿا ته  اوهان جتي ملڪ جي دفاع سميت ٻين اهم قومي معاملن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهيو ، خدا جي واسطي اتي مهاجرن کي انصاف ڏيارڻ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪريو . سنڌ حڪومت ڪراچي کان ڪشمور تائين سمورن مڪاني نمائندن کي اختيار ڏيئي، انهي ۾ سڀني جو ڀلو آهي، اسان جهيڙو نه ٿا چاهيون بلڪه گڏجي ڪري رهڻ چاهيون ٿا ۽ جيڪڏهن سنڌ حڪومت ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن کي اختيار نه ڏنا ته پوءِ اسان سنڌ اسيمبلي کي هلڻ نه ڏينداسين. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي ۾ صوبائي اليڪشن ڪميشن جي هيڊ آفيس جي سامهون احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي فرمايو .مظاهري ۾ ڪراچي جي نامزد ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمينن، ڪائونسلرن ، اسيمبلي ميمبرن ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪنن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.  جناب الطاف حسين پنهنجي خطاب ۾ فرمايو ته سنڌ ۾ مڪاني اليڪشن ٽن مرحلن ۾ منعقد ٿيا. پر هن مهل تائين نون چونڊيل نمائندن جي حلف برداري به نه ٿي آهي.ميئر ۽ ضلعي چيئرمينن جي اليڪشن ۾ غير ضروري دير ڪئي پئي وڃي. عوام جا مسئلا وڌندا پيا وڃن. جڏهن ته سنڌ حڪومت مڪاني ادارن کان انهن جا اختيار به ڇني ورتا آهن ۽ ڪوئي به ٻڌڻ وارو نه آهي. انهن جنرل راحيل شريف کي اپيل ڪئي ته اوهان جتي ٻين معاملن ۾پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيو. اتي ان معاملي ۾ به فوري طور تي مداخلت ڪريو ۽ ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي مڪاني ادارن جي اختيارن جو معاملو حل ڪرايو. انهن جنرل راحيل شريف کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان چئو ٿا ته اسان سعودي عرب جي سلامتي جو دفاع ڪنداسين ته ڇا پوءِ سنڌ جي شهري علائقن جا مهاجر مسلمان نه آهن؟ آخر انهن کي حق ڏيارڻ جي سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڇو نه ٿا ڪريو؟ مهاجرن کي انهن جي حقن کان محروم رکيو پيو وڃي. اهي جيڪڏهن اليڪشن کٽي به وڃن ته انهن کي اختيار نه ٿا ڏنا وڃن. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان جنرل راحيل شريف جي بهادري ۽ انهن جي جرتمندانه ڪردار جي تعريف ڪريان ٿو جو انهن طالبان دهشت گردن جي خلاف ضرب عضب شروع ڪئي. ان تي مان  انهن کي واضع طور تي سپورٽ به ڪيو. فوج جي حق ۾ هڪ ملين جي ريلي به ڪڍي ۽ بيهي ڪري پاڪ فوج کي سلوٽ به پيش ڪيو.مان دهشت گردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج کي ان وقت سپورٽ ڪيو جڏهن نيشنل ايڪشن پلان جي لاءِ ڪائي به اي پي سي نه ٿي هئي. حالانڪه مون کي غدار چيو وڃي ٿو. انهن فرمايو ته منهنجي علم ۾ اها ڳالھھ آئي آهي ته هڪ تقريب ۾ ڪنهن جنرل راحيل شريف جي سامهون اسلام آباد ۾ ڊي ايڇ اي جي زمين تي قبضي جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ سابق آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني جي ڀاءُ جو نالو اچي ٿو ته ان تي جنرل راحيل شريف واضع لفظن ۾ چيو ته جيڪو به ڪرپشن ۾ ملوث هجي ڀلي اهو ڪيتري ئي وڏي عهدي تي  ڇو نه هجي يا ان جو ڀاءُ ئي ڇو نه هجي ان کي به قانون جي ڪٽهڙي ۾ ضرور آڻڻ گهرجي. مون کي اهو ڄاڻي ڪري خوشي ٿي ۽ مان سمجهان ٿو ته الله تعالٰي پاڪستان تي رحم کائي ڪري جنرل راحيل شريف کي موڪليو آهي.مان جنرل راحيل شريف جي ڪاميابي جي لاءِ ڪالھھ به دعاگو هئس ۽ اڄ به آهيان ۽ ساڻ ساڻ اها به دعا ڪريان ٿو ته الله تعالٰي جنرل راحيل شريف کي ٻيا معاملا به سمجهڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. انهن فرمايو ته جنرل راحيل شريف انصاف پسند آهن. انهن کي مهاجر نوجوانن جي ماورائي عدالت قتلن ۽ انهن تي ڪيل ظلمن جو به نوٽس وٺڻ گهرجي. اسان سان ٿيندڙ ناانصافيون بند ڪرائڻ گهرجن.انهن فرمايو ته وزير اعظم هائوس ۾ ٿيندڙ سياسي جماعتن جي اي پي سي ۾ حڪومت ۽ فوجي قيادت اهو يقين ڏياريو هو ته نيشنل ايڪشن پلان جي تحت انهن طالبان ۽ پابندي مڙهيل تنظيمن جي جيٽ بليڪ دهشت گردن جي خلاف آپريشن ڪيو ويندو، جيڪي پاڪ فوج جي مرڪزن، مسجدن ۽ امام بارگاهن تي حملن، خودڪش ڌماڪن، فوجين جا ڳلا ڪٽڻ ۽ آرمي پبلڪ اسڪول ۾ شاگردن جي وحشياڻي قتل  ۽ دهشت گردي جي ٻين ڪاروائين ۾ملوث آهن. انهن فرمايو ته آصف زرداري جي اها ڳالھھ صحيح آهي ته ان آپريشن جو اهو مينڊيٽ نه آهي ته رينجر ڪي ايم سي جي هيڊ آفيس ۾ وڃي ڪري فائلون کڻي ۽ ڪرپشن جي خلاف ڪاروائي ڪري. انهن سوال ڪيو ته جيڪڏهن ڪرپشن جي خلاف ڪاروائي ٿيڻي آهي ته ڇا ڪرپشن صرف سنڌ ۾ آهي. ڇا پنجاب ۾ ڪرپش نه آهي؟ ڇا بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ ڪرپشن نه آهي. انهن فرمايو ته آصف زرداري يا پي پي جي اڳواڻڻ کي  اها به توفيق نه ٿي ته اهي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن جي مذمت ۾ ٻه لفظ ئي چون ، پر وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ته ٻه ڏينهن اڳ ئي اهو چيو ته جڏهن آپريشن شروع ٿيو هو ته اهو ٺيڪ هو پر هاڻي ان جو رخ تبديل ٿي چڪو آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان جي ابن ڏاڏن پاڪستان بڻايو پر اسان ئي پنهنجن حقن کان محروم آهيون. فوج اسان کي کلي ڪري ٻڌائي ته اها مهاجرن کي ڇا سمجهي ٿي. اسان جي ڳالھھ ٻڌي وڃي ۽ اسان کي به اسان جا جائز حق ڏنا وڃن. انهن فرمايو ته اڄ چين جو وزير هجي يا آمريڪا جو، سعودي عرب جو وزير خارجه هجي يا ولي عهد. اهو پهرين جنرل راحيل شريف سان ملي ٿو. انهن جنرل راحيل شريف کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان جتي ملڪ جي دفاع سميت ٻين اهم معاملن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. خدا جي واسطي اتي مهاجرن کي انصاف ڏيارڻ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪريو.اسان هڪ ڀيرو ٻيهر چئون ٿا ته اسان پاڪستان جي خلاف نه آهيون ،اسان کي پنهنجو سمجهو، اسان کي پاڻ سان ملايو اسان اوهان سان گڏ هونداسين ته ڪوئي به دشمن پاڪستان ڏانهن ميري اک کڻي ڪري نه ڏسي سگهندو. انهن فرمايو ته اسان آرمي چيف کي ان جي ڪري چئي رهيا آهيون ڇو جو ملڪ جي وزير اعظم جو حال ته اهو آهي ته اهي ملڪ کان وڌيڪ ٻاهرين ملڪن جي دورن تي رهن ٿا.انهن رينجر جي اختيارن جي معاملي تي سنڌ ۽ وفاق ۾ پيدا ٿيندڙ تڪرار جي حل جي لاءِ وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار کي سنڌ جو دورو ڪرڻ ۽ وزير اعلٰي سان ملي ڪري معاملي کي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي پر وزير داخلا ان ڳالھھ کي بلڪل نظر انداز ڪري ڇڏيو.وزير اعظم ڪراچي ۾ آپريشن جي نگراني جي لاءِ هڪ مانيٽرنگ ڪميٽي بڻائڻ جي به ڳالھھ ڪئي هئي پر اڄ تائين اها ڪميٽي نه بڻائي وئي آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪستان جي قيام جي وقت فوج جون ڪيتريون بٽالين هيون ۽ اڄ ڪيتريون بٽالين ٿي چڪيون آهن. اهڙي طرح دنيا جي مختلف ملڪن جي قيام جي وقت ڪيترا صوبا هئا ۽ اڄ اتي صوبن جي تعداد ڪيتري آهي.پر جڏهن ته پاڪستان ۾ اڄ 
به صرف چار ئي صوبا آهن.انهن فرمايو ته پاڪستان جي آبادي تمام گهڻي وڌي چڪي آهي.هاڻي ملڪ چئن صوبن سان هلي نه ٿو سگهي. ملڪ کي مضبوط ڪرڻ ۽ هڪ قوم جو تصور مضبوط ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ۾ فوري طور تي 20 صوبا بڻايا وڃن. نون صوبن جو قيام پاڪستان کي مضبوط بڻائڻ ۽ سٺو نظام آڻڻ جو ڪارڻ بڻجندو. انهن فرمايو ته ڪراچي ۾ مهاجرن سان گڏو گڏ سمورين قومن سان تعلق رکندڙ ماڻهو رهن ٿا. ماضي ۾ اسان کي هڪ سازش جي تحت پاڻ ۾ وڙهايو ويو. پر هاڻي اسان فيصلو ڪري ورتو آهي ته اسان سڀ پاڻ ۾ ڀائرن وانگر گڏجي ڪري رهنداسين.هتي سڀني جو برابر جو حق هوندو. هتي رهندڙ پنجابي، پختون، سنڌي ۽ بلوچ به ڪراچي جو ميئر بڻجي سگهندو ۽ چيف منسٽر به بڻجي سگهي ٿو. هتي سڀني کي پورو حق ملندو ۽ ڪنهن سان به زيادتي نه ٿيندي. جناب الطاف حسين فرمايو ته سنڌ حڪومت ڪراچي کان ڪشمور تائين سمورن مڪاني نمائندن کي اختيار ڏيئي. انهي ۾ سڀني جي ڀلائي آهي. اسان وڙهڻ  نه ٿا چاهيون. بلڪه سڀني سان گڏجي ڪري رهڻ چاهيون ٿا ۽ چاهيون ٿا ته سنڌ حڪومت ڳالھھ ٻولھھ جي ذريعي معاملي کي حل ڪري ۽ مڪاني نمائندن جي حق کي به تسليم ڪري. جيڪڏهن سنڌ حڪومت ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن کي اختيار نه ڏنا ته پوءِ عوام به سنڌ اسيمبلي کي هلڻ نه ڏيندو ۽ پوءِ ڪنهن جي به هٿن ۾ ڪجھھ به نه ايندو.  انهن جنرل راحيل شريف کي چيو ته اسان پوري ملڪ جي ڀلائي چاهيون ٿا ، پاڪستان جي ترقي چاهيون ٿا، اسان ته چئون ٿا ته جنرل راحيل شريف سنڌ جي دانشورن ۽ ماهرن کي گهرائين، انهن جي دليلن کي ٻڌن ۽ جيڪڏهن اهي انهن کي مطمئن ڪري ڇڏين ته ڪالاباغ ڊيم به بڻايو، اسان به  ان جي حمايت ڪنداسين. جناب الطاف حسين سڄي ملڪ جي شيعه ۽ سني عوام کي چيو ته حالتون ڀلي ڪهڙيون به هجن پر اوهان پاڻ ۾ گڏجي ڪري رهو ۽ ڪنهن به قيمت تي پاڻ ۾ نه وڙهو. بلڪه هڪ ٻئي جي حفاظت ڪريو. انهن انتهائي مختصر نوٽس تي زبردست احتجاجي مظاهرو ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو. 
*****

5/11/2024 3:48:39 PM