Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اليڪشن ڪميشن ۽ سنڌ حڪومت جي ڳٺ جوڙ جي ڪري چونڊيل مڪاني نمائندن کي اختيار نه ٿا ڏنا وڃن. محمد حسين.


اليڪشن ڪميشن ۽ سنڌ حڪومت جي ڳٺ جوڙ جي ڪري چونڊيل مڪاني نمائندن کي اختيار نه ٿا ڏنا وڃن. محمد حسين.
 Posted on: 1/12/2016
اليڪشن ڪميشن ۽ سنڌ حڪومت جي ڳٺ جوڙ جي ڪري چونڊيل مڪاني نمائندن کي اختيار نه ٿا ڏنا وڃن. محمد حسين.
چونڊيل مڪاني نمائندن کي اختيار نه ڏنا ويا ته پوءِ اسان سنڌ حڪومت کي به هلڻ نه ڏينداسين ۽ ڪراچي جي روڊن تي دمادم مست قلندر ٿيندو. عبدالحسيب.
سنڌ حڪومت عوام جي چونڊيل مڪاني نمائندن جا فنڊ پاڻ ۾ ورهائي ڇڏيا آهن. محترمه زرين مجيد.
جڏهن اسان حلف کڻنداسين ته انشاء الله تعالٰي پيپلز پارٽي جيترا به ٺيڪا ۽ ٽينڊر ڏنا آهن انهن جي انڪوائري ڪرائينداسين.وسيم اختر.
 صوبائي اليڪشن ڪميشن جي آفيس جي سامهون چونڊيل مڪاني نمائندن کي اختيار نه ڏيڻ ۽ شيڊول جو اعلان نه ڪرڻ جي خلاف هڪ وڏي مظاهري کي خطاب.
ڪراچي: 12 جنوري 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن محمد حسين، عبدالحسيب، محترمه زرين مجيد، عارف خان ۽ نامزد ميئر وسيم اختر چيو آهي ته مڪاني نمائندن کي اختيار نه ڏنا ويا ته پوءِ اسان سنڌ حڪومت کي به هلڻ نه ڏينداسين ۽ ڪراچي جي روڊن تي دمادم مست قلندر ٿيندو. چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف مڪاني نمائندن کي اختيار نه ڏيڻ جي سازشن ۽ قانون جون دڄيون اڏائڻ جو نوٽس وٺن. مڪاني نمائندن کي اختيار نه ڏنا ويا ته پوءِ اسان سنڌ اسيمبلي جو هڪ به اجلاس ٿيڻ نه ڏينداسين. انهن خيالن جو اظهار انهن صوبائي اليڪشن ڪميشن جي آفيس جي سامهون هڪ وڏي مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ سنڌ حڪومت جي ڳٺ جوڙ جي ڪري چونڊيل نمائندن کي اختيار نه پيا ڏنا وڃن. انهن چيو ته جڏهن به ايم ڪيو ايم ڪنهن اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ته پي پي ان جي مينڊيٽ کي قبول نه ڪيو آهي.انهن چيو ته پاڪستان جي چوٿين ۽ سنڌ جي ٻئي وڏي جماعت ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين کي ان جي ڪروڙين چاهڻ وارن کان پري رکڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن ۽ اهو انهن ئي سازشن جو نتيجو آهي ته اڄ جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن تي پابندي عائد آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب چيو ته اسان سنڌ حڪومت کي چئون ٿا ته اهي مڪاني اليڪشن اوهان نه ڪرايا آهن بلڪه اهي سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ٿيا آهن.انهن چيو ته ڪائي به جمهوريت ان وقت تائين مڪمل ٿي نه ٿي سگهي جيستائين عوام کي مڪاني نظام نه ٿو ڏنو وڃي. انهن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مڪاني نمائندن کي اختيار نه ڏيا ويا ته پوءِ اسان سنڌ حڪومت کي هلڻ نه ڏينداسين ۽ ڪراچي جي روڊن تي دمادم مست قلندر ٿيندو. ان موقعي تي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبر محترمه زرين مجيد چيو ته سنڌ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن ڳٺ جوڙ ڪري ويهي رهيا آهن ۽ پاڻ ۾ ملي ڪري ٺيڪا ڏيئي رهيا آهن، بل پاس ڪيا پيا وڃن. پر اسان ائين ٿيڻ نه ڏينداسين. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم  رابطا ڪميٽي جي ميمبر عارف خان چيو ته جيڪڏهن مڪاني نمائندن کي اختيار نه ڏنا ويا ته پوءِ اهو احتجاج ڪراچي کان نڪري ڪري پوري پاڪستان ۾ ٿيندو. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڪراچي جي نامزد ميئر وسيم اختر چيو ته مڪاني اليڪشن جيڪي ستن سالن کان نه پيا ڪرايا وڃن، انهن جي لاءِ ايم ڪيو ايم سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ آواز بلند ڪئي ۽ پوءِ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي اهي اليڪشن ٿيا آهن. پر هاڻي پي پي جي سنڌ حڪومت مڪاني اميدوارن کي اختيار نه ڏيئي رهي آهي.  انهن چيو ته سنڌ حڪومت سازشون ڪرڻ جي باري ۾ سوچي رهي آهي پر اسان ان کي انهن جي سازشن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.انهن چيو ته سنڌ حڪومت ڌمڪين جي ذريعي اسان جي سپورٽرن کي اسان کان پري ڪري نه ٿي سگهي. انهن صوبائي حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو ته اهي فوري طور  تي مڪاني شيڊول جو اعلان ڪن. انهن چيو ته مڪاني وزير کي اهو نه ٿو سونهي ته اهي 5 ڊسمبر کان پوءِ مڪاني حڪومت جي آفيسرن کي حڪم ڏين يا فنڊن جو استعمال ڪن اهي غير قانوني حرڪتون آهن. انهن چيو ته اسان جڏهن حلف کڻنداسين ته پوءِ انشاء الله تعالٰي سنڌ حڪومت جيڪي به ٺيڪا ۽ ٽينڊر ڏنا آهن. انهن جي انڪوائري ڪرائينداسين. انهن چيو ته ڌاندلي ڪرڻ وارا سنڌ حڪومت سان تعلق رکن ٿا ۽ وزير ضلعن ۾ فون ڪري گاڏيون گهرائي رهيا آهن.انهن وڌيڪ چيو ته اسان کي مڪاني نمائندن جي اختيارن جي لاءِ وڌيڪ آپشن استعمال ڪرڻ نه ڏنا وڃن ايئن نه ٿئي جو اسان پنهنجن اختيارن سان گڏو گڏ اوهان جا اختيار به ڇني وٺون.انهن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي اپيل ڪئي ته اهي مڪاني نمائندن کي اختيار نه ڏيڻ جي غير قانوني سازشن ۽ قانون جون ڌڄيون اڏائڻ جو نوٽس وٺن. ان موقعي تي سي اي سي انچارج فرقان اطيب، سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار الحسن ۽ هير سوهو به خطاب ڪيو.
*****

5/11/2024 7:30:36 PM