Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين پي پي حڪومت جي ايم ڪيو ايم دشمن حرڪتن کي بي نقاب ڪري عوام جي جذبن جي ترجماني ڪئي آهي. نديم نصرت


قائد تحريڪ جناب الطاف حسين پي پي حڪومت جي ايم ڪيو ايم دشمن حرڪتن کي بي نقاب ڪري عوام جي جذبن جي ترجماني ڪئي آهي. نديم نصرت
 Posted on: 1/11/2016
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين پي پي حڪومت جي ايم ڪيو ايم دشمن حرڪتن کي بي نقاب ڪري عوام جي جذبن جي ترجماني ڪئي آهي. نديم نصرت
لنڊن: 11 جنوري 2016 
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي قائم مقام ڪنوينر نديم نصرت چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي باني ۽ قائد جناب الطاف حسين اڄ پي پي حڪومت جي ايم ڪيو ايم دشمن هٿڪنڊن کي بي نقاب ڪري عوام جي جذبن جي ترجماني ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ نديم نصرت چيو ته قائد تحريڪ اڄ پنهنجي هڪ تازه ترين ۽ اهم بيان ۾ ايم ڪيو ايم جي سمورن ذميوارن، ڪارڪنن ۽ عوام کي مخاطب ڪندي فرمايو آهي ته پي پي ايم ڪيو ايم جي وجود کي ختم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر غير آئيني ۽ غير قانوني حرڪتن تي لهي آئي آهي. انهن چيو ته جتان به ايم ڪيو ايم مڪاني اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. پي پي هاڻي کان ئي انهن علائقن جي عوام کي وڌيڪ پريشانين جي دٻڻ ۾ ڌڪڻ ۽ انهن جي زندگين کي عذاب بڻائڻ  شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ پي پي جماعت اسلامي سميت سمورين ايم ڪيو ايم دشمن جماعتن ايستائين جو اسٽيبلشمينٽ جي ڪجھھ اهم ماڻهن سان به رابطا مڪمل ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي سازشي منصوبي جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. نديم نصرت چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو چوڻ آهي ته ان سازشي منصوبي جي تحت هڪ طرف ته روزانو ڪراچي جي پاڻي جي لائينن کي نقصان پهچايو پيو وڃي ۽ ٻئي طرف حڪومتي اهلڪارن جي ذريعي ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ نواب شاھ  ۾ گٽرن جا ڍڪڻ گم ڪري  شهرين جي گاڏين کي نقصان پهچائڻ، ٽريفڪ جام ڪرڻ ۽ انهن کي ذهني ۽ جسماني اذيت ۾ مبتلا ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. نديم نصرت چيو ته هڪ طرف ته اها صورتحال آهي ۽ ٻئي طرف پي پي جي حڪومت ايم ڪيو ايم جي نامزد ميئر ڪراچي ۽ ٻين اڳواڻڻ تي روزانو نوان نوان الزام هڻڻ ۽ مقدما قائم ڪرڻ ۽ انهن الزامن جي تحت انهن کي جيلن ۾ بند ڪرڻ جي لاءِ عدالتن کي به استعمال ڪري رهي آهي. قائد تحريڪ ان سازش جي ثبوت جي لاءِ 10 جنوري 2016 تي وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ جي ان بيان کي پيش ڪيو آهي جنهن ۾ وزير اعلٰي سنڌ ايم ڪيو ايم جو نالو وٺڻ کان سواءِ اهو چيو آهي ته “ جڏهن شروع ۾ آپريشن ٿي رهيو هو ته اهو ٺيڪ هو پر هاڻي ان جو رخ پي پي ڏانهن موڙي ڪري ان کي مشڪوڪ بڻايو ويو آهي” نديم نصرت چيو ته انهن سازشن سان گڏو گڏ پي پي حاليه اليڪشن جي نتيجي ۾ اولھھ ضلعي ۽ ڏکڻ ضلعي ۾ ايم ڪيو ايم کي حاصل ٿيندڙ اڪثريت کي اقليت ۾ بدلڻ ۽ ان کي ان جي حق کان محروم ڪرڻ جون به پردي پويان سازشون شروع ڪري ڇڏيون آهن. نديم نصرت چيو ته قائد تحريڪ سمورن ڪارڪنن خصوصن رابطا ڪميٽي کي چيو ته جهڙي طرح انهن ماضي ۾ ٿيندڙ سازشن کي ناڪام بڻايو آهي. اهڙي طرح انهن تازه سازشن کي به ناڪام بڻائڻ جي لاءِ ذهني ۽ جسماني طور تي تيار ٿي وڃن ۽ پرامن احتجاجي مظاهرن جي ذريعي پي پي حڪومت جي غير آئيني ۽ غير قانوني قدمن کان دنيا کي آگاھ ڪن. 

5/11/2024 2:57:00 PM