Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪمشنر ڪراچي شعيب احمد صديقي جي بدلي تي سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.


ڪمشنر  ڪراچي شعيب احمد صديقي جي بدلي تي سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
 Posted on: 1/6/2016 1
ڪمشنر  ڪراچي شعيب احمد صديقي جي بدلي تي سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
ڪراچي: 6 جنوري 2016 
                  سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن ڪمشنر ڪراچي شعيب احمد صديقي جي بدلي تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته شهر ۾ تعينات آخري اردو ڳالهائڻ واري آفيسر جي بدلي سنڌ حڪومت جو هڪ ٻيو تعصب وارو قدم آهي. پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ انهن چيو ته سنڌ حڪومت جي طرفان ڪراچي جي تعميراتي ۽ ترقياتي منصوبن ۾ به تعصب جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي ۽ انهن کي سرخ ڦيتي جي نظر ڪري عوام کي وڏن مسئلن جو شڪار ڪيو پيو وڃي. انهن چيو ته سنڌ حڪومت ان کان اڳ به شهر ۾ مڪاني اليڪشن جي وقت وڏو تعصب ڪندي رهي آهي ۽ ائين محسوس ٿئي ٿو ته سنڌ حڪومت مڪاني نمائندن کان اختيار ڇني ڪري ۽ انهن کي مفلوج ڪري حقيقت ۾ ڪراچي ۽ ان جي عوام جي زندگين کي عذاب ۾ مبتلا رکڻ چاهي ٿي. انهن چيو ته ڪمشنر ڪراچي شعيب احمد صديقي جي بدلي ڪري سنڌ حڪومت ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اها ڪراچي ۽ ڪراچي جي عوام سان ڪائي به همدردي نه ٿي رکي ۽ تعصب وارا فيصلا ڪري ڪراچي ۽ ان جي عوام کي مسئلن ۽ پريشانين جي دٻڻ ۾ دڪڻ جي پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي، جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.انهن چيو ته ڪراچي کي مقبوضه علائقي وانگر هلائڻ جي بجاءِ جمهوري انداز اختيار ڪيو وڃي ۽ ڪراچي جي مقامي ڊوميسائيل وارن آفيسرن کي مقرر ڪيو وڃي. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف، چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ انساني حقن جي ملڪي ۽ عالمي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته اهي ڪمشنر ڪراچي شعيب احمد صديقي جي بدلي جو سختي سان نوٽس وٺن ۽ سنڌ حڪومت کي ان تعصب واري قدم کان باز رکن.
*****


5/9/2024 3:01:46 PM