Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پي پي جي سنڌ حڪومت ڏکڻ ۽ اولھھ ضلعن جي چيئرمين جي اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي فتح کي روڪڻ جي لاءِ ڪريل حرڪتون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ڊاڪٽر فاروق ستار


پي پي جي سنڌ حڪومت ڏکڻ ۽ اولھھ ضلعن جي چيئرمين جي اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي فتح کي روڪڻ جي لاءِ ڪريل حرڪتون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ڊاڪٽر فاروق ستار
 Posted on: 1/5/2016 1
پي پي جي سنڌ حڪومت ڏکڻ ۽ اولھھ ضلعن جي چيئرمين جي اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي فتح کي روڪڻ جي لاءِ ڪريل حرڪتون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ڊاڪٽر فاروق ستار
ايم ڪيو ايم جي حمايت ڪرڻ وارن نمائندن جي خلاف ڪلري ۽ بغدادي ٿاڻن جي پوليس ۽ گينگ وار کي استعمال ڪيو پيو وڃي
 عقيل ڪريم ڍيڍي جي اسٽاڪ ايڪسچينج ڪمپني جي ٽن ڊائريڪٽرن جي گرفتاري جي سخت مذمت ڪريون ٿا
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس
ڪراچي: 5 جنوري 2016 
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ۽ قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته پيپلز پارٽي ڪراچي جي ڏکڻ ۽ اولھھ ضلعن ۾ ايم ڪيو ايم جي چيئرمينن جي ڪاميابي کي روڪڻ جي لاءِ حڪومتي طاقت ۽ ڪريل حرڪتن جو استعمال شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ پوليس جي ذريعي مسلم ليگ ن ۽ آزاد يوسي چيئرمينن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. انهن چيو ته ايف آئي اي جي طرفان ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جي وڏي بروڪريج هائوس جي ٽن ڊائريڪٽرن جي بغير ڪنهن سبب جي گرفتاري جو قدم ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج، ڪراچي جي واپاري برادري ۽ ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڪيپيٽل مارڪيٽ ٽريڊنگ جي خلاف هڪ وڏي سازش آهي. انهن ڪراچي جي واپارين، صنعتڪارن ۽ سرمائيڪارن سان مڪمل يڪجهتي جو اعلان ڪندي چيو ته آزمائش جي ان گهڙي ۾ ايم ڪيو ايم انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري گڏ آهي ۽ اها انهن جو مقدمو ايوانن ۾ به وڙهندي ۽ ضرورت پئي ته روڊن تي به نڪرندي.انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ عزيز آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر محترمه زرين مجيد، اسلم آفريدي، ارشد حسن ۽ عادل خان به موجود هئا.انهن چيو ته ڏکڻ ضلعي  ۾ مسلم ليگ ن سان ايم ڪيو ايم جي سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿي وئي آهي. جڏهن ته ڏکڻ ۽ اولھھ ضلعن ۾ ڪجھھ آزاد اميدوار به ايم ڪيو ايم جي حمايت ڪري رهيا آهن. جنهن کان پوءِ ضلعن جي اميدوارن جي ڪاميابي يقيني آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي ان ڪاميابي کي روڪڻ جي لاءِ پي پي جي سنڌ حڪومت ڪريل حرڪتن تي لهي آئي آهي. ان سلسلي ۾ هڪ طرف ته ايم ڪيو ايم جي حمايت ڪرڻ وارن اميدوارن  کي خريد ڪرڻ جي لاءِ پيشڪشون ڪيون پيون وڃن ته ٻئي طرف پوليس جي ذريعي انهن کي ڌمڪيون به ڏياريون پيون وڃن ۽ انهن کي ايم ڪيو ايم جي حمايت کان دستبردار ڪرائڻ جي لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم انهن ڪريل حرڪتن جي مذمت ڪري ٿي ۽ سنڌ حڪومت کي چوي ٿي ته اها انهن ڪريل حرڪتن کان پاسو ڪري. انهن چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي به انهن واقعن جي اطلاع ڏني آهي. انهن چيو ته اسان وٽ جيڪي ثبوت آيا آهن انهن جي مطابق پي پي جي حڪومت ڏکڻ ضلعي ۾ پوليس کي استعمال ڪري رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ خاص طور تي ڪلري ٿاڻي جا ايس ايڇ او ارشد خان سڀني کان اڳتي آهن. انهن چيو ته ارشد خان جي لياري گينگ وار ۽ ڏوهارين جي سرپرستي کان ماڻهو چڱي نموني واقف آهن. انهن چيو ته اهڙي طرح بغدادي ٿاڻي جو ايس ايڇ او شبير رائو جيڪو وزير اعلٰي جو خاص ماڻهو ٻڌايو وڃي ٿو ۽ اهو  هن وقت معطل به آهي. پر ان جي باوجود اهو ايس ايڇ او جي سيٽ تي ويٺو آهي. انهن جي طرفان به آگره تاج ڪالوني کان ايم ڪيو ايم جي چونڊيل نمائندي تاج الدين صديقي کي فون ڪري ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ۽ انهن کي پيشڪشون به ڪري رهيا آهن.انهن چيو ته تاج الدين صديقي جي انڪار ڪرڻ تي انهن کي مختلف مقدمن ۾ ڦاسائڻ جون  ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. ان کان علاوه آگره تاج جي وائيس چيئرمين محمد خان گهانچي ۽ ٻين چونڊيل اميدوارن کي به ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.انهن وڌيڪ چيو ته ن ليگ سان تعلق رکندڙ يوسي 5 جي ضلعي سائوٿ  جي وائيس چيئرمين راشد کي به گينگ وار جي طرفان ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته جتي پوليس کي استعمال ڪيو پيو وڃي اتي گينگ وار کي به استعمال ڪيو پيو وڃي. انهن چيو ته اسان سنڌ حڪومت کي خبردار ڪريون ٿا ته اها پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ۽ ڪو به اهڙو قدم نه کڻي جيڪو ڇڪٿاڻ جي زمري ۾ اچي.انهن چيو ته اسان ڪنهن سان به تڪرار نه ٿا چاهيون ۽ هر معاملي کي ڳالھھ ٻولھھ جي ذريعي حل ڪرڻ چاهيون ٿا.انهن وڌيڪ چيو ته ايف آئي جي طرفان ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جي وڏي بروڪريج هائوس جي ٽن ڊائريڪٽرن کي بغير ڪنهن سبب جي گرفتار ڪيو ويو آهي، عقيل ڪريم ڍيڍي جي اسٽاڪ ايڪسچينج جي وڏي ڪمپني آهي ۽ انهن جي ٽن ڊائريڪٽرن فريد عالم، حاجي اقبال ۽ طارق کي گرفتار  ڪيو ويو آهي ۽ صرف هڪ ريسرچ رپورٽ جي بنياد تي. انهن چيو ته بروڪريج ڪمپنيون مستقبل جون پيش بيني ڪن ٿيون. پنهنجو آئيڊيا مارڪيٽ ۾ فالو ڪن ٿيون ته جيئن اسٽاڪ ايڪسچينج جون اهي ڪمپنيون جيڪي انٽر پبلڪ آفرنگ جي لاءِ سيڪيورٽي کان منظور ٿي وڃن ٿيون. اهي ڪن جي باري ۾ مثبت ۽ ڪن جي باري ۾ منفي رپورٽ پيش ڪن ٿيون ته جيئن انهن جي انويسٽمينٽ جي رجحان جي ماڻهن کي خبر پوي. انهن چيو  ته پوري پاڪستان جي ڪيپيٽل ٽريڊنگ 99  سيڪڙو ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٿئي ٿي. اسلام آباد ۽ لاهور ۾ صرف هڪ سيڪڙو ڪاروبار ٿئي ٿو. ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج گذريل ٻن سالن ۾ موجوده وفاقي حڪومت کي سرمائي ڪاري جي لاءِ ڏيڍھ  سو کان ٻن سون اربن جو ناڻو به فراهم ڪيو آهي. پر وزارت داخلا  ۽ خاص طور تي ايف آئي اي ڪراچي جي مختلف ٽريڊنگ هائوسز ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رجسٽرڊ بروڪر هائوسز کي انتقامي ڪاروائين جو نشانو بڻائي رهي آهي. اي ڪي ڊي جي ريسرچ تي ايم ٽيڪ ڪمپني جي وفاقي اداري اي او بي آئي ۾ سرمائي ڪاري ڪئي ۽ نقصان کنيو. انهن چيو ته ايم ٽيڪس ڪمپني جنهن جو تعلق پنجاب سان آهي ان جي ڪنهن به ماڻهو کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي. پر ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج تي باھ وسائي وئي آهي.ايف آئي اي جو اهو قدم ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ ڪراچي جي واپاري برادري ۽ ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڪيپيٽل مارڪيٽ ٽريڊنگ جي خلاف هڪ وڏي سازش آهي. انهن وفاقي وزير خزانه اسحاق ڊار کي اپيل ڪئي ته اهي ان انتقامي ڪاروائي کي فوري طور تي روڪرائين ۽ گرفتارين جي بجاءِ ويهي ڪري ڳالھھ ڪئي وڃي.انهن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان جي خدمت ڪرڻ واري واپاري برادري سان امتيازي سلوڪ ٿيندو ته اهو ڪنهن به طرح ملڪ جي مفاد ۾ نه آهي. انهن چيو ته اسان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان ڪراچي جي واپارين، صنعتڪارن ۽ سرمائي ڪارن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ انهن کي يقين ڏياريون ٿا ته آزمائش جي ان گهڙي ۾ ايم ڪيو ايم انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري گڏ آهي ۽ انهن جو مقدمو پاڪستان جي سمورن ايوانن ۾ وڙهندي ۽ جيڪڏهن گهرج پئي ته ان معاملي تي روڊن تي به نڪرندي.


5/10/2024 2:09:12 PM