Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سعودي عرب ۽ ايران جي ڇڪٿاڻ ۾ غير جانبدارانه ڪردار ادا ڪيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


سعودي عرب ۽ ايران جي ڇڪٿاڻ ۾ غير جانبدارانه ڪردار ادا ڪيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 1/4/2016 1
سعودي عرب ۽ ايران جي ڇڪٿاڻ ۾ غير جانبدارانه ڪردار ادا ڪيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
عالم سڳورا پاڪستان جي بقا ۽ سلامتي ، انسانيت جي تحفظ ۽ اتحاد بين المسلمين جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن
لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ سمورن مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن، بزرگن ۽ ذاڪرن جي اجتماع کي ٽيليفونڪ خطاب
لنڊن: 4 جنوري 2016 
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته  عالمي سطح تي مسلمانن جي اتحاد کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن ۽ پاڪستان جي عوام کي هڪ ڀيرو ٻيهر فرقي واريت جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيو پيو وڃي. ان  جي ڪري سمورن مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن، ذاڪرن ۽ بزرگن جو فرض آهي ته پاڪستان جي بقا ۽ سلامتي ، انسانيت جي تحفظ ۽ اتحاد بين المسلمين جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. جناب الطاف حسين پاڪستان جي حڪمرانن تي زور ڏنو ته اهي سعودي عرب ۽ ايران جي ڇڪٿاڻ ۾ غير جانبدارانه ڪردار ادا ڪن ۽ پاڪستان کي 34 ملڪن جي فوجي اتحاد جو حصو هرگز به نه بڻايو وڃي. اها ڳالھھ انهن ايم ڪيو ايم جي تحت لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ منعقد ٿيندڙ سمورن عالمن سڳورن، بزرگن، سجاده نشينن، ذاڪرن ۽ ثناء خوان حضرات جي هڪ وڏي اجتماع کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمائي.ان موقعي تي خطاب ڪندي جناب الطاف حسين فرمايو ته عالمي صورتحال ۽ هانءَ ڏاريندڙ خطرن کي ڏسندي مان ڪيترن ئي راتين کان جاڳي رهيو آهيان ۽ مون کي خطرو آهي ته خدانخواسته سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪٿاڻ سان پاڪستان ۾ فرقي وارانه فساد شروع نه ٿي وڃن. انهن فرمايو ته يمن ۾ پاڪستان جون فوجون موڪلڻ جي معاملي تي به منهنجو اهو ئي موقف هو ته ان تڪرار ۾ ڌر بڻجڻ جي بجاءِ ثالث جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. جناب الطاف حسين فرمايو ته عالمي طاقتن سرد جنگ جي دوران پنهنجن پنهنجن مفادن جي لاءِ مذهب جو سهارو ورتو. انهن سمورن عالمن سڳورن کان پچيو ته عالمي طاقتن جي سرد جنگ ۾ ڪائي به ڌر شڪست کائي ها ته ڇا ان جو فائدو پاڪستان يا مسلمانن کي پهچي سگهي پيو. جنهن تي سمورن عالمن سڳورن جواب ڏنو ته هرگز به نه. بلڪه ان سرد جنگ ۾ شامل ٿي ڪري پاڪستان کي هڪ وڏي مڌي وارو نقصان پهتو آهي. انهن فرمايو ته پاڪستانين جي لاءِ سعودي عرب ۽ ايران ٻئي قابل احترام ۽ اسلامي ملڪ آهن. انهن جي وچ ۾ ڇڪٿاڻ افسوسناڪ آهي. اهو دين اسلام، پاڪستان ۽ اتحاد بين المسلمين کي بچائڻ جو وقت آهي. پاڪستان جي حڪمرانن ۽ سمورن عالمن سڳورن کي ماضي جي سخت حقيقتن کي سامهون رکندي اتحاد جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. پاڪستان هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ آهي. جتي سمورن مڪاتب فڪر سان تعلق رکڻ وارا ماڻهو رهن ٿا ۽ بحيثيت هڪ آزاد ملڪ جي اسان جو فرض آهي ته اسان فروعي اختلاف رکڻ  جي باوجود هڪ ٻئي جي مذهبي جذبن ۽ عقيدن جو احترام ڪريون.جيڪڏهن ان نازڪ وقت ۾ اسان اتحاد جو مظاهرو نه ڪنداسين ته ڏڦيڙ جو شڪار ٿي وينداسين ۽ اسلام دشمن قوتن جي هٿان استعمال ٿي ڪري هڪ ٻئي جي جان و مال جا دشمن بڻجي وينداسين.انهن فرمايو ته اسان کي ايران ۽ سعودي عرب جي معاملن کان ضرور باخبر رهڻ گهرجي پر انهن ملڪن جي خاطر پاڪستان ۽ ان جي عوام جي اتحاد کي هرگز به نقصان نه پهچڻ گهرجي. اسان پاڪستان ۾ هڪ ڇت جي هيٺان ويهي سگهون ٿا. ساڻ نماز ادا ڪري سگهون ٿا ته پوءِ پاڻ ۾ اتحاد جو مظاهرو ڪندي پاڪستان جي خدمت ڇو نه ٿا ڪري سگهون. انهن فرمايو ته اسان کي ڪائي به ضرورت نه آهي ته اسان ٻين جي جنگ جو حصو بڻجي ڪري پاڪستان جي سلامتي ۽ انسانيت کي خطري ۾ وجهون. انهن فرمايو ته عالمي صورتحال جي تناظر ۾ مون کي ڳڻتي آهي ته ڪٿي پاڪستان ۾ شيعه سني فسادن جي باھ ڀڙڪائي ڪري مسلمانن جو رت نه وهايو وڃي. ڇو ته مرڻ وارا شيعه هجن يا سني ٻئي انسان آهن ۽ بي گناهن جو قتل انسانيت جي قتل ڪرڻ جي برابر آهي. انهن فرمايو ته هن وقت پاڪستان جا ماڻهو تمام گهڻن مسئلن جا شڪار آهن. ملڪ ۾ غربت عروج تي آهي. مهانگائي جي ڪري ماڻهو بکون ڪٽي رهيا آهن ۽ والدين پنهنجن ٻارن کي وڪڻڻ تي مجبور آهن ۽ سفيد پوشي جو ڀرم رکڻ جي لاءِ نياڻيون اهو ڪم ڪرڻ تي مجبور آهن جنهن جو تصور ڪرڻ به محال آهي. ملڪ ۾ بجلي ، گيس ۽ پاڻي جي ڪمي آهي. اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ۽ دوائون نه آهن. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ شاگردن جي لاءِ ڪرسيون نه آهن.ملڪ ۾ بجلي جي بحران تي قابو پائڻ جي لاءِ ڊيمن جي ضرورت آهي. ان جي ڪري جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم جي تعمير پاڪستان جي لاءِ سخت ضروري آهي ته سنڌي دانشورن جو اجلاس گهرائي ڪري ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان انهن جا تحفظات دور ڪيا وڃن ۽ پوءِ ڪالاباغ ڊيم جي تعمير ڪئي وڃي. هن وقت اسان کي اها سوچ اپنائڻ گهرجي جيڪا پاڪستان جي مفاد ۾ هجي. جناب الطاف حسين فرمايو ته عالمي سطح تي داعش سڀني کان وڏو خطرو بڻجي ڪري سامهون آئي آهي ۽ سڀ ڄاڻين ٿا ته داعش ڪنهن بڻائي آهي. ۽ داعش کي سپورٽ ڪير ڪري رهيو آهي. انهن فرمايو ته اسان نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي مڃڻ وارا آهيون ۽ مان سرڪار دو عالم صلي الله عليه وسلم جي سيرت پاڪ جو جيترو مطالعو ڪيو آهي. مان سرڪار دو عالم صلي الله عليه وسلم کي صرف محسن انسانيت پاتو آهي. مون کي پاڪستان ۽ انسانيت جي ڳڻتي آهي. پاڪستان جي پاڪ فوج هڪ طرف ته دهشت گردن جي خلاف ضرب عضب ۾ مصروف آهي ته ٻئي طرف انڊيا ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن سان به تعلقات گهڻا سٺا نه آهن. پاڪستان چئني طرفن کان خطرن ۾ وڪوڙيل آهي. اهڙي وقت ۾ اسان کي سوچي سمجهي ڪري قدمَ کڻڻ گهرجن. انهن فرمايو ته جڏهن يمن تي حملي جي لاءِ پاڪستاني فوج موڪلي پئي وڃي ته مان واحد ليڊر هئس جنهن ان جي مخالفت ڪئي هئي پر پاڪستان جي حڪومت منهنجن خطابن تي پابندي لڳائي ڇڏي. پر منهنجو اڄ به اصولي موقف آهي ته  پاڪستان کي 34 ملڪن جي فوجي اتحاد جو حصو نه بڻجڻ گهرجي.وزير اعظم کي گهرجي ته اهي 34 ملڪن جي اتحاد جو حصو بڻجڻ کان اڳ آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائين ۽ ان اتحاد ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ لکين ڀيرا سوچين ڇو ته ان اتحاد ۾ شموليت  سان پاڪستان ۽ مسلمانن کي نقصان پهچي سگهي ٿو. انهن فرمايو ته مڪو شريف ۽ مدينو شريف هر مسلمان جي لاءِ مقدس آهي ۽ منهنجو ايمان آهي ته جهڙي طرح الله تعالٰي قرآن پاڪ کي قيامت تائين محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي طرح ڪعبو شريف به قيامت تائين قائم رهندو. تمام مڪاتب فڪر جي مسلمانن جو فرض آهي ته اهي پاڻ ۾ اتحاد برقرار رکن ۽ هڪ ٻئي جي جان و مال ۽ عبادتگاهن جي حفاظت ڪن. انهن تمام مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن ، ذاڪرن ۽ بزرگن کي پرزور اپيل ڪئي ته اهي فرقي واريت جي جنگ پاڪستان ۾ هرگز به ڦيلجڻ نه ڏين. پنهنجن خطبن ۽ تقريرن ۾ اتحاد ۽ اتفاق جو درس ڏين ۽ اتحاد بين المسلمين جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. آخر ۾ ممتاز عالم دين مولانا تنوير الحق ٿانوي دعا به ڪرائي.

 وڈیو حصہ اول /دوئم /سوئم 

5/10/2024 2:25:33 AM