Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

روس ۽ آمريڪا جي سرد جنگ سان اسلام کي ڪوئي به فائدو نه پهتو آهي بلڪه ان سان مسلمانن جي لاءِ صرف مسئلا ئي پيدا ٿيا آهن. مولانا تنوير الحق ٿانوي.


روس ۽ آمريڪا جي سرد جنگ سان اسلام کي  ڪوئي به فائدو نه پهتو آهي بلڪه ان سان مسلمانن جي لاءِ صرف مسئلا ئي پيدا ٿيا آهن. مولانا تنوير الحق ٿانوي.
 Posted on: 1/4/2016 1
روس ۽ آمريڪا جي سرد جنگ سان اسلام کي  ڪوئي به فائدو نه پهتو آهي بلڪه ان سان مسلمانن جي لاءِ صرف مسئلا ئي پيدا ٿيا آهن. مولانا تنوير الحق ٿانوي.
پشاور سانحي کان پوءِ آپريشن ضرب عضب جو آغاز ڪيو ويو هو ۽ اڄ جناب الطاف حسين سمورن عالمن سڳورن کي گهرائي ڪري ضرب حق شروع ڪيو آهي. علامه عباس ڪميلي.
ايم ڪيو ايم جي تحت لال قلعه گرائونڊ ۾ منعقد ٿيندڙ اتحاد بين المسلمين جي اجلاس ۾ ڳالھھ ٻولھھ.
ڪراچي: 4 جنوري 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام اتحاد بين المسلمين جي عنوان سان اجلاس ٿيو جنهن ۾ جناب الطاف حسين خطاب به ڪيو. ان موقعي تي مختلف عالمن سڳورن جناب الطاف حسين سان ڳالھھ ٻولھھ به ڪئي. ان موقعي تي مولانا تنوير الحق ٿانوي ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته 1990 جي ڏهاڪي ۾ روس ۽ آمريڪا جي سرد جنگ کان اسلام کي ڪو به فائدو نه  پهتو،بلڪه ان سان مسلمانن جي لاءِ تمام گهڻا مسئلا ئي پيدا ٿيا آهن. ان موقعي تي علامه عباس ڪميلي ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته اڄ جو اجلاس طلب ڪري جناب الطاف حسين هڪ تمام سٺو قدم کنيو آهي ۽ هن وقت حقيقت ۾ مسلمانن کي تمام وڏي اتحاد جي ضرورت آهي. انهن چيو ته پشاور سانحي کان پوءِ سمورين سياسي جماعتن کي گهرائي ڪري اجلاس ڪوٺرايو ويو هو ۽ سڀني واعدو ڪيو هو ته ملڪ کان دهشت گردي جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. جنهن کان آپريشن ضرب شروع ڪيو ويو هو. اهڙي طرح اڄ جناب الطاف حسين سمورن عالمن سڳورن کي گهرائي ڪري ضرب حق جو آغاز ڪيو آهي. انهن چيو ته حڪومت تي دٻاءُ وڌو  وڃي ته شيعه ۽ سني عالمن سڳورن ۽ سياسي نمائندن جي هڪ گڏيل ڪميٽي بڻائي وڃي ۽ اها ڪميٽي سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪٿاڻ جي خاتمي ۾ ثالث جو ڪردار ادا ڪري. ان موقعي تي نظام مصطفٰي صلي الله عليه وسلم پارٽي جي اڳواڻ محمد رفيع چيو ته هن وقت ايران ۽ سعودي عرب کي ويڙهائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. ان موقعي تي ڳالھھ ٻولھھ ڪندي علامه فرقان حيدر عابدي چيو ته اسان کي پاڻ ۾ محبت سان رهڻ گهرجي ۽ هڪ ٻئي کي محبت جو پيغام ڏيڻ گهرجي. ان موقعي تي ڳالھھ ٻولھھ ڪندي سميع الحق گروپ جي اڳواڻ مفتي حماد الله مدني چيو ته جڏهن به ان قسم جا واقعا ٿين ٿا ته سڀني کان پهرين جناب الطاف حسين ئي کي ان جو احساس ٿئي ٿو ۽ اهي ئي انهن جي حل جي لاءِ ڪوششون ڪن ٿا.ان موقعي تي ٻين عالمن سڳورن به ڳالھھ ٻولھھ ڪئي. 
*****

5/10/2024 12:00:39 PM