Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

عرب ملڪن جي وچ ۾ بڻجندڙ 34 ملڪي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ کان پهرين پاڪستان جي عوام کي اعتماد ۾ ورتو وڃي.ڊاڪٽر فاروق ستار.


عرب ملڪن جي وچ ۾ بڻجندڙ 34 ملڪي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ کان پهرين پاڪستان جي عوام کي اعتماد ۾ ورتو وڃي.ڊاڪٽر فاروق ستار.
 Posted on: 1/4/2016 1
عرب ملڪن جي وچ ۾ بڻجندڙ 34 ملڪي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ کان پهرين پاڪستان جي عوام کي اعتماد ۾ ورتو وڃي.ڊاڪٽر فاروق ستار.
ڪراچي: 4 جنوري 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته جنهن تيزي سان عالمي منظر نامي ۾ تبديلي اچي رهي آهي ۽ نوان نوان اتحاد سامهون اچي رهيا آهن ۽ انهن ئي اتحادن کي نظر ۾ رکندي جناب الطاف حسين پاڪستان جي حڪومت کي درخواست ڪئي آهي ته عرب ملڪن جي وچ ۾ بڻجندڙ 34 ملڪي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ کان پهرين پاڪستان جي عوام کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. انهن خيالن جو اظهار انهن لال قلعه گرائونڊ ۾ ڪيو. انهن چيو ته وچ اوڀر ۽ عرب ملڪن جي وچ ۾ تڪرارن ۾ پاڪستان کي غير جانبدار رهڻ گهرجي. انهن چيو ته ظاهري  طور تي ته اهو تڪرار سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ نظر اچي رهيو آهي پر حقيقت ۾ اهو مسلمانن جي اتحاد کي ٽوڙڻ جي هڪ سازش آهي ۽ ان خطري کي سڀني کان پهرين جناب الطاف حسين ئي محسوس ڪيو ۽ فوري طور تي مختلف مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن جو اجلاس گهرايو ۽ جنهن وڏي تعداد ۾ عالمن سڳورن ان اجلاس ۾ شرڪت ڪئي آهي  ان تي  ايم ڪيو ايم اوهان سڀني جي ٿورائتي آهي. انهن چيو ته اڄ جي اجلاس ۾ سمورن عالمن سڳورن هٿن ۾ هٿ وجهي مسلمانن جي اتحاد جي لاءِ زنجير بڻائي ڪري اها قرارداد به منظور ڪئي آهي ته پاڪستان جو مفاد انهي ۾آهي ته حڪومت کي ڪنهن به طرح ان 34 ملڪي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ نه گهرجي ۽ پاڪستان کي ان تڪرار کان پاسيرو رکڻ گهرجي ۽ بلڪه ان ۾ ثالثي جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. انهن وڌيڪ چيو ته حڪومت کي ان معاملي تي فوري طور تي سمورن مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن جي ڪانفرنس سڏرائڻ گهرجي . انهن هڪ ڀيرو ٻيهر درخواست ڪئي ته پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ ان 34 ملڪي اتحاد جو حصو نه بڻجي ۽ جيڪڏهن حڪومت ڳجهي طرح سان ڪجھھ طئي به ڪري ورتو آهي ته اها ان کان فوري طور تي قوم کي آگاھ ڪري.
*****

5/10/2024 5:43:40 AM