Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪٿاڻ.


سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪٿاڻ.
 Posted on: 1/4/2016 1
سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪٿاڻ.
 ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام مختلف مسلڪن ۽ مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن جو اهم اجلاس.
اجلاس ۾ عالمن سڳورن سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪٿاڻ جي خاتمي، حڪومت ۽ پاڪ فوج کان سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪٿاڻ کان غير جانبدار رهڻ جو مطالبو به ڪيو.
ڪراچي:4 جنوري 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪٿاڻ کان پوءِ تيزي سان تبديل ٿيندڙ عالمي صورتحال ۽ پاڪستان تي ان جا پوندڙ اثرن جي حوالي سان لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ سڄي ملڪ جي عالمن سڳورن، بزرگن ۽ ذاڪرن جو هڪ عظيم الشان اجتماع منعقد ٿيو. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار ، ڊپٽي ڪنوينرَ شاهد پاشا ۽ ڪهف الورٰي ، رابطا ڪميٽي ميمبرن ۽ ٻين کان علاوه عالمن سڳورن مولانا تنوير الحق ٿانوي، علامه عباس ڪميلي، مولانا اسد ديوبندي، علامه علي ڪرار نقوي، سيد بلال حسين شاھ، مفتي شبير احمد حقاني، سلمان مجتبٰي، اڪرم سيالوي، علامه اطهر حسين مشهدي، وقار حسن تقوي، علامه مرزٰي يوسف، علامه ايس ايم تقي. علامه محمد حسن رضوي، علامه فرقان حيدر عابدي، علامه حسين مسعودي، مولانا حشمت اسد صديقي، علامه سيد وقار حسن تقوي، مولانا محمد عاطف حنيف بلو، مفتي محمد اڪبر الحق ، غريب نواز سيد اعجاز  جيش ڪمال چشتي، جانشين ۽ گدي نشين اجمير شريف ارمان ارشد، محمد رفيع نقشبندي، ڊاڪٽر عامر عبدالله ۽ ضياء الله سيالوي کان سواءِ  ٻين عالمن سڳورن  شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ شريڪ عالمن سڳورن سعودي عرب ۽ ايران جي وچ  ۾ ڇڪٿاڻ جي خاتمي جي لاءِ پنهنجيون تجويزون پيش ڪيون ۽ حڪومت ۽ پاڪ فوج جي طرفان ان معاملي ۾ غيرجانبدار رهڻ جو مطالبو به ڪيو ۽ ان کان علاوه انهن مطالبو ڪيو ته پاڪستان 34 ملڪن جي نام نهاد اتحاد جو به ڪنهن به صورت ۾ حصو نه بڻجي. 
*****


5/10/2024 12:26:30 PM