Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڇڪٿاڻ جي حوالي سان پاڪستان کي ڪنهن جو به حصو نه بڻجڻ گهرجي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڇڪٿاڻ جي حوالي سان پاڪستان کي ڪنهن جو به حصو نه بڻجڻ گهرجي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 1/3/2016 1
ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڇڪٿاڻ جي حوالي سان پاڪستان کي ڪنهن جو به حصو نه بڻجڻ گهرجي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
34 ملڪن جي فوجي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ پاڪستان جي مفاد ۾ نه آهي، ڪنهن به فيصلي کان اڳ پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو وڃي.
شيعه ۽ سني عالم سڳورا فرقي وارانه هم آهنگي ۽ اتحاد جي فضا کي برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
نائن زيرو ۽ انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن ۾ هڪ ئي وقت منعقد ٿيندڙ گڏيل تنظيمي اجلاس کي خطاب.
لنڊن: 3 جنوري 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تڪرار جي حوالي سان پاڪستان کي عالمي سطح تي ڪنهن به قسم جي ڇڪٿاڻ جو حصو نه بڻجڻ گهرجي. پاڪستان کي ڪنهن به هڪ ڌر جي حمايت ڪرڻ جي بجاءِ غير جانبدارانه ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ جي حيثيت سان پنهنجي آزادي، خومختياري ۽ سلامتي جي باري ۾ سوچڻ ۽ عمل ڪرڻ گهرجي. تيزي سان تبديل ٿيندڙ عالمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جي حڪومت ڪنهن به فيصلي کان اڳ پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺي. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو ۽ انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن ۾ هڪ ئي وقت منعقد ٿيندڙ گڏيل تنظيمي اجلاس کي خطاب ڪندي فرمايو . اجلاس ۾ رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جي ميمبرن سان گڏو گڏ اسيمبلي ميمبرن ۽ تنظيمي شعبن جي ذميوارن به شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي جناب الطاف حسين پاڪستان جي سياسي حالتن، علائقي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال، سعودي عرب ۾ شيخ نمر ۽ انهن جي ساٿين کي ڏني ويندڙ موت جي سزا کان پويءِ ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ ڇڪٿاڻ ، وچ اوڀر جي گڏيل صورتحال ۽ ان جا پاڪستان تي پوندڙ اثر، جي باري ۾ فڪر انگيز خيالن جو اظهار ڪيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته يمن ۽ بحرين جي صورتحال جي ڪري وچ اوڀر جي صورتحال پهرين ئي ڇڪٿاڻ واري هئي ۽ هاڻي سعودي عرب ۾ ممتاز شيعه اڳواڻ شيخ نمر ۽ ٻين ماڻهن کي ڏني ويندڙ موت جي سزا  ان ڇڪٿاڻ ۾ وڏو اضافو ڪري ڇڏيو آهي. جنهن سان پاڪستان به متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهي. انهن فرمايو ته وچ اوڀر جي ڏينهون ڏينهن سنگين کان سنگين تر ٿيندڙ صورتحال ڪنهن به طرح علائقي جي امن ۽ سلامتي جي مفاد ۾ نه آهي. اڄ اهو علائقو جنهن قسم جي حالتن مان گذري رهيو آهي ۽ ان جي پويان جيڪي به ڪارڻ آهن ، مان انهن جي باري ۾ ڪيترائي سال اڳ قوم کي آگاھ ڪري چڪو آهيان. انهن فرمايو ته ان تيزي سان بگڙندڙ  ۽ نازڪ ٿيندڙ صورتحال جو تقاضا آهي ته پاڪستان کي ان ڇڪٿاڻ جو حصو نه بڻجڻ گهرجي. پاڪستان کي ڪنهن به هڪ ڌر جي حمايت ڪرڻ جي بجاءِ غير جانبدار ملڪ جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ جي حيثيت سان پنهنجي آزادي، خودمختياري ۽ سلامتي جي باري ۾ سوچڻ ۽ عمل گهرجي. انهن فرمايو ته جڏهن 
يمن ۾ فوج موڪلڻ جي ڳالھھ ٿي ته صرف ۽ صرف الطاف حسين علي الاعلان ملڪ  جي قيادت ۽ عوام کي يمن ۾ فوج موڪلڻ جي خطرن کان  بروقت آگاھ ڪيو ته ان جنگ ۾ ٽپو ڏيڻ جا نتيجا پاڪستان جي سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ خطرناڪ ٿيندا. مان اڄ هڪ ڀيرو ٻيهرسول ۽ فوجي قيادت کي بروقت آگاھ ڪري رهيو آهيان ته 34 ملڪن جي فوجي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ لکين دفعا سوچين ته ڇا ان اتحاد ۾ شامل ٿيڻ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي يا نه. خدانخواسته ڪٿي ائين نه ٿئي جو ٻين جي گهر جي باھ وسائيندي اسان جي پنهنجي ئي گهر ۾ باھ نه لڳي وڃي.انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جو اهو واضع موقف آهي ته 34 ملڪن جي فوجي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي يا نه ۽ پاڪستان جي حڪومت کي گهرجي ته ان حوالي سان ڪنهن به فيصلي کان اڳ پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو وڃي.انهن فرمايو ته ماضي جي حڪومتن پاڪستان کي مختلف عالمي طاقتن جو اتحادي بڻايو ۽ ٻين جي جنگ جي باھ  ۾ پاڪستان کي ڌڪي ڇڏيو، ماضي جي انهن غلط فيصلن جا نتيجا اڄ طالبان ۽ فرقي پرست تنظيمن جي صورت ۾ پورو پاڪستان ڀوڳي رهيو آهي ۽ هاڻي القائده، طالبان  ۽ فرقي پرست دهشت گرد تنظيمن سان گڏو گڏ اسان کي داعش جي تيزي سان وڌندڙ اثرن کي به منھھ ڏيڻو پئجي رهيو آهي.  جنهن کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. انهن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي بحيثيت پاڪستاني جي پاڻ ۾ اتحاد ۽ ڀائيڇاري سان رهن ۽ ڀائيچاري جي فضا کي ڪنهن به قيمت تي خراب ٿيڻ نه ڏين. فرقي وارانه هم آهنگي جو مظاهرو ڪن ۽ هڪ ٻئي جي عبادتگاهن ۽ گهرن جي حفاظت ڪن. انهن رابطا ڪميٽي ، اسيمبلي ميمبرن ۽ عالمن سڳورن کي چيو ته اهي شيعه سني ۽ مختلف مڪاتب فڪر سان تعلق رکندڙ عالمن سڳورن سان فوري طور تي ملاقاتون ڪن ۽ انهن کي منهنجو اهو پيغام به پهچائين ته اهي موجوده نازڪ عالمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اتحاد بين المسلمين، فرقي وارانه هم آهنگي ۽ اتحاد ۽ ڀائيچاري جي فضا کي برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
*****


5/9/2024 5:43:28 PM