Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جا ميمبر بغير ڪنهن اطلاع جي سيڪٽرن ۽ يونٽن جو دورو ڪندا.ڊپٽي ڪنوينر سيد شاهد پاشا.


ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جا ميمبر بغير ڪنهن اطلاع  جي سيڪٽرن ۽ يونٽن جو دورو ڪندا.ڊپٽي ڪنوينر سيد شاهد پاشا.
 Posted on: 1/3/2016 1
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جا ميمبر بغير ڪنهن اطلاع  جي سيڪٽرن ۽ يونٽن جو دورو ڪندا.ڊپٽي ڪنوينر سيد شاهد پاشا.
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ڪراچي جي سيڪٽر انچارجن جي تربيتي نشست کي خطاب.
ڪراچي: 3 جنوري 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر سيد شاهد پاشا چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي بغير ڪنهن اطلاع جي سيڪٽرن ۽ يونٽن جو دورو ڪندي ۽ تنظيمي نظم و ضبط جي خلاف ورزي ۾ ملوث پاتل ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي خلاف تنظيمي ڪاروائي به ڪندي. اها ڳالھھ انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ڪراچي جي سيڪٽر انچارجن ۽ ميمبرن جي تربيتي نشست کي خطاب ڪندي ڪئي . ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر شبير احمد قائم خاني، محترمه زرين مجيد، محترمه ريحانه نسرين، سي اي سي ميمبر احمد سليم صديقي، ابوبڪر صديقي، رفيع اڪبر ۽ معيد اصغر به موجود هئا. تربيتي نشست کي خطاب ڪندي شاهد پاشا چيو ته ذميوار ۽ ڪارڪن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تعليم جي روشني ۾ پنهنجي ڪردار، لباس، شخصيت، اخلاق ۽ تنظيمي نظم و ضبط تي خصوصي توجه ڏين  ته جيئن  ايم ڪيو ايم جي خلاف پکيڙيل منفي پروفيگنڊو ختم ٿئي. انهن چيو ته ساٿين کي گهرجي ته اهي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تعليم تي عمل ڪندي سٺا ۽ نظرياتي ڪارڪن بڻجن  ڇو ته پاڙن ۽ علائقن ۾ ڪارڪنَ ايم ڪيو ايم جي سفير جي حيثيت رکن ٿا. انهن چيو ته ذميوار ۽ ڪارڪن تنظيمي لٽريچر پڙهڻ تي به زور ڏين. انهن ذميوارن ۽ ڪارڪنن تي زور ڏنو ته  اهي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي فڪري نشستن تي ٻڌل ڪتاب نفس اماره ۽ نفس لوامه به پڙهن.
*****

5/9/2024 4:13:43 PM