Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو قائم مقام ڪنوينر نديم نصرت جي صدارت هيٺ اجلاس.


ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو قائم مقام ڪنوينر نديم نصرت جي صدارت هيٺ اجلاس.
 Posted on: 1/3/2016 1
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو قائم مقام ڪنوينر نديم نصرت جي صدارت هيٺ اجلاس.
اجلاس ۾ تنظيمي معاملن، پاڪستان جي سياسي حالتن، علائقي جي صورتحال، سعودي عرب ۾شيخ نمر ۽ ان جي ساٿين کي ڏنل ڦاهين جي سزا  کان پوءِ سعودي عرب ۽ ايران ۾پيدا ٿيندڙ ڇڪٿاڻ، وچ اوڀر جي گڏيل صورتحال ۽ ان جا پاڪستان تي پوندڙ اثر، تي تفصيلي غور و خوض ڪيو ويو.
لنڊن: 3 جنوري 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو گڏيل اجلاس ٿيو جنهن جي صدارت ايم ڪيو ايم جي قائم مقام ڪنوينر نديم نصرت ڪئي. اجلاس ۾ تنظيمي معاملن، پاڪستان جي سياسي حالتن، علائقي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال، سعودي عرب ۾ شيخ نمر ۽ انهن جي ساٿين کي ڏنل سزائي موت کان پوءِ  ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ ڇڪٿاڻ ، وچ اوڀر جي گڏيل صورتحال ۽ ان جا پاڪستان تي پوندڙ اثر ، تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ان سڄي صورتحال تي  وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ويو ته وچ اوڀر جي صورتحال انتهائي سنگين ٿيندي پئي وڃي. جيڪا ڪنهن به طرح ان سڄي علائقي جي امن و امان جي مفاد ۾ نه آهي.اجلاس ۾ ان ڳالھھ تي به اتفاق ڪيو ويو ته موجوده نازڪ صورتحال جو تقاضا آهي ته پاڪستان کي عالمي سطح تي ڪنهن به قسم جي ڇڪٿاڻ جو حصو نه بڻجڻ گهرجي. پاڪستان کي نه ته ايران جو حصو بڻجڻ گهرجي ۽ نه ئي سعودي عرب جو حصو بڻجڻ گهرجي. بلڪه غير جانبدارانه ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ هڪ آزاد ۽ خود مختيار ملڪ جي حيثيت سان پنهنجي آزادي، خود مختياري ۽ سلامتي جي باري ۾ سوچڻ ۽ عمل ڪرڻ گهرجي. اجلاس ۾ گڏيل طور تي پاڪستان جي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ کي به اپيل ڪئي وئي ته پاڪستان کي حال ئي ۾ ٺهندڙ 34 ملڪي عرب ملڪن جي اتحاد جو حصو نه بڻجڻ گهرجي ۽ ان قسم جي ڪنهن به اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ لکين  دفعا سوچڻ گهرجي ۽ هر قيمت تي پاڪستان جي ملڪي ۽ قومي مفاد کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. اجلاس ۾ پاڪستان جي عوام کي اپيل ڪئي وئي ته اهي هڪ پاڪستاني جي حيثيت سان پاڻ ۾ اتحاد ۽ ڀائيچاري سان رهن ۽ ڀائيچاري جي فضا کي ڪنهن به قيمت تي خراب ٿيڻ نه ڏين. 
*****

5/9/2024 10:13:14 PM