Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جيستائين مذهبي انتها پسندي جي تعليم ڏيڻ وارن مدرسن ۽ عناصرن کي نه ڪڇليو ويندو ته ان وقت تائين ملڪ کان مذهبي انتها پسندي ۽ دهشت گردي جو خاتمو ٿي نه ٿو سگهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


جيستائين مذهبي انتها پسندي جي تعليم ڏيڻ وارن مدرسن ۽ عناصرن کي نه ڪڇليو ويندو ته ان وقت تائين ملڪ کان مذهبي انتها پسندي ۽ دهشت گردي جو خاتمو ٿي نه ٿو سگهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 1/2/2016 1
جيستائين مذهبي انتها پسندي جي تعليم ڏيڻ وارن مدرسن ۽ عناصرن کي نه ڪڇليو ويندو ته ان وقت تائين ملڪ کان مذهبي انتها پسندي ۽ دهشت گردي جو خاتمو ٿي نه ٿو سگهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
مولانا عبدالعزيز آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي ۽ ٻارن جي قتل کي جائز قرار ڏنو هو پر چوڌري نثار چون ٿا ته اسان مولانا عزيز جي خلاف ڪاروائي نه ٿا ڪري سگهون.
چار صوبا پاڪستان جي سڀني ماڻهن جي محرومي دور نه ڪري سگهيا، محروم ماڻهن کي انهن جا حق ڏيڻ ۽ گڊ گورننس جي لاءِ 20 صوبا بڻايا وڃن.
ڊفينس ۾ هڪ تقريب کي خطاب.
لنڊن: 3 جنوري 2016 
                متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته جيستائين مذهبي انتها پسندي جي تعليم ڏيڻ وارن جهادي مدرسن ۽ عناصرن کي نه ڪڇليو ويندو ته ان وقت تائين ملڪ ۾ وڌندڙ مذهبي انتها پسندي ۽ دهشت گردي جو خاتمو ٿي نه ٿو سگهي. چا صوبا پاڪستان جي عوام جي محرومي کي دور نه ڪري سگهيا، ان جي ڪري عوام کي انهن جا حق ڏيڻ ۽ گڊ گورننس جي لاءِ پاڪستان ۾ 20 صوبا قائم ڪيا وڃن. انهن خيالن جو اظهار انهن ڊفينس ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ انجنيئرن، ڊاڪٽرن، وڪيلن، پروفيسرن ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارن پروفيشنل ماڻهن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ايم ڪيو ايم جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار، رابطا ڪميٽي ميمبر، ايم ڪيو ايم جو نامزد ميئر وسيم اختر ۽ ڊپٽي ميئر ارشد وهره به موجود هئا. جناب الطاف حسين فرمايو ته جڏهن کان ايم ڪيو ايم وجود ۾ آئي آهي ته ان کي عوام ۾ بدنام ڪرڻ ۽ ان جو ڪردار خراب ڪرڻ جي لاءِ ان تي هر طرح جا الزام لڳايا ويندا رهيا آهن. شهر ۾ ڪٿي به ڪوئي واقعو ٿئي ته ان جو الزام به ايم ڪيو ايم تي  لڳايو وڃي ٿو. ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ هڪ عورت جو قتل ٿيو ته عمران خان قتل کان فورن بعد ڪنهن به ثبوت ۽ شاهدي کان سواءِ بيماري جي بستري تي ئي مون تي الزام لڳائي ڇڏيو. انهن سوال ڪيو ته ڇا منهنجي گهر کان القائده جو ڪوئي دهشت گرد نڪتو؟ جڏهن ته جن ماڻهن جي گهرن کان القائده جا وڏا وڏا دهشت گرد پڪڙيا ويا انهن جي خلاف ته ڪاروائي نه ڪئي وئي. ڊينيئل پرل جا قاتل ۽ القائده جا ٻيا وڏا وڏا دهشت گرد جماعت اسلامي وارن جي گهرن مان گرفتار ٿيا پر اڄ تائين جماعت اسلامي جي آفيسن تي ڇاپو نه هنيو ويو. سانحه صفورا ۾ اسماعيلين جو قتل ڪرڻ وارن دهشت گردن جو تعلق به اسلامي جميعت طلبه سان نڪتو . جناب الطاف حسين فرمايو ته  مان ڪيترائي سال اڳ قوم کي ان ڳالھھ کان خبردار ڪيو هو ته ڪراچي ۾ طالبانائزيشن ٿي رهي آهي. پر ان وقت جي پي پي حڪومت ۽ مخالف سياسي و مذهبي جماعتن جي اڳواڻڻ ان کان انڪار ڪيو ۽ اڄ ڪراچي جي ڪيترن ئي ٻهراڙين جا علائقا طالبان جا ڳڙھ بڻجي چڪا آهن. مان قوم کي داعش جي پاڪستان ۾ آمد کان به آگاھ ڪيو پر ان کان به پاڪستان جي حڪومت انڪار ڪيو، جڏهن ته اڄ ڪراچي ۽ پنجاب جي مختلف شهرن مان داعش سان لاڳاپيل ماڻهو هر روز پڪڙجي رهيا آهن ۽ انهن جو نيٽ ورڪ سامهون اچي رهيو آهي. پر ان جي باوجود پاڪستان جي حڪومت لڳاتار انڪار ڪري رهي آهي. سينيٽ ۾ وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار چون ٿا ته اسان لال مسجد جي مولانا عبدالعزيز جي خلاف ڪاروائي نه ٿا ڪري سگهون. ڇو ته ان جي خلاف ڪوئي به مقدمو نه آهي. جيستائين ايف آئي آر جو تعلق آهي ته ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن ۽ سول سوسائٽي مولانا عبدالعزيز جي خلاف ايف آئي آر ڪٽرائي چڪي آهي. مولانا عبدالعزيز  داعش جي حمايت ڪن ٿا جڏهن ته لال مسجد جي شاگردياڻين جي وڊيو به سامهون اچي چڪي آهي.جنهن ۾ اهي داعش جي سربراھ جي بيعت ڪري رهيون آهن. انهن وڌيڪ فرمايو ته پرويز مشرف جي زماني ۾ جامعه حفصه جي شاگردياڻين اسلام آباد جي چلڊرن لائبرري تي قبضو ڪيو. مولانا عبدالعزيز  خودڪش حملن جون ڌمڪيون ڏنيون. اتان پوليس تي حملا ڪيا ويا. جڏهن ته ان وقت جي حڪومت لال مسجد تي ايڪشن ڪيو ته باقائده هٿيارن سان لڙائي ٿي. جنهن ۾ پوليس اهلڪارن ۽ آرمي ڪمانڊوز کي شهيد به ڪيو ويو. طالبان دهشت گردن آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ڪري 150  ٻارن ۽ استادن کي بيدردي سان شهيد ڪري ڇڏيو ته مولانا عبدالعزيز ان دهشت گردي کي جائز قرار ڏنو. ان جي باوجود چوڌري نثار چون ٿا ته مولانا عبدالعزيز جي خلاف  ڪاروائي نه ٿي ڪري سگهجي. جناب الطاف حسين فرمايو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ اعلٰي تعليمي ادارن جي بجاءِ مدرسن جو ڄار وڇايو ويندو ته پوءِ اوهان جيڪو پوکيندو اهو ئي لڻندو. مذهبي انتها پسندي جي تعليم کي ڦيلايو ويندو ته انتها پسندي ئي ڦيلجندي. جناب الطاف حسين ملڪ ۾ وڌيڪ صوبن جي قيام جي ضرورت تي زور ڏيندي فرمايو ته چار صوبا پاڪستان جي سڀني ماڻهن جي محرومي کي دور نه ڪري سگهيا ،پر افسوس جي ڳالھھ اها آهي ته اسان جون اختياري ڌريون ان باري ۾ سنجيدگي سان سوچڻ جي لاءِ تيار نه آهن. ان جي ڪري وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان ۾ وڌيڪ صوبن جي قيام تي سنجيدگي سان غور ڪيو وڃي. انهن مطالبو ڪيو ته محروم عوام کي انهن جا حق ڏيڻ، عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ گڊ گورننس جي لاءِ پاڪستان ۾ 20 صوبا قائم ڪيا وڃن. انهن فرمايو ته ڪراچي صوبو صرف مهاجرن جو ئي نه بلڪه هتي رهندڙ سمورن ماڻهن جو هوندو. ڀلي انهن جو تعلق ڪنهن به قوم، فقه، يا مذهب سان ڇو نه هجي. ڪنهن سان به امتيازي سلوڪ نه ڪيو ويندو. بلڪه سڀني جو برابر جو حق هوندو. اسان سڀني سان ڀائرن جهڙو سلوڪ ڪنداسين. انهن فرمايو ته 1973 ۾ سنڌ ۾ غير منصفانه ڪوٽا سسٽم نافذ ڪيو ويو هو. جنهن جي تحت سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن جي لاءِ اعلٰي تعليم ۽ نوڪرين ۾ 60 سيڪڙو ۽ شهري علائقن جي لاءِ 40 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪيو ويو هو. پر شهري علائقن کي انهن جو 40 سيڪڙو ڪوٽا به نه ڏنو ويو. انهن فرمايو ته وقت اچي ويو آهي ته ان غيرمنصفانه ڪوٽا سسٽم کي ختم ڪيو وڃي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم پرائيويٽائزيشن جي حامي آهي پر ايم ڪيو ايم سمجهي ٿي ته پرائيويٽائزيشن جو عمل صاف ۽ شفاف ٿئي ۽ پارليامينٽ جي ڪميٽي جي زير نگراني ۾ ٿئي ۽ جنهن به اداري جي پرائيويٽائزيشن ڪئي وڃي ان جي ملازمن جي نوڪرين کي تحفظ جي ضمانت به ڏني وڃي. انهن فرمايو ته ڪراچي، حيدرآباد ، ميرپورخاص ۽ ٻين شهري علائقن جي عوام مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرايو آهي. پر پي پي جي حڪومت سنڌ جي مڪاني ادارن کان اختيار ڇني ورتا آهن. اسان جي ڪوشش آهي ته حڪومت مڪاني ادارن کي انهن جا اختيار واپس ڪري نه ته اسان وٽ مڪاني ادارن جا اختيار حاصل ڪرڻ جي لاءِ دمادم مست قلندر کان سواءِ ٻيو ڪوئي به رستو نه بچندو. انهن ڊفينس جي عوام کي به چيو ته جيڪڏهن ان حوالي سان ايم ڪيو ايم ڪنهن به قسم جي احتجاج جو سڏ ڏيئي ٿي ته اهي به وڏي تعداد ۾ ان ۾ شامل ٿين. انهن ڊفينس جي رهائشين کي چيو ته انشاء الله تعالٰي ايم ڪيو ايم جا ميئر ۽ ڊپٽي ميئر شهر جي ترقي جي لاءِ پنهنجيون سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آڻيندا . شهر ۾ پاڻي، بجلي ۽ ٻين مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ سولر سسٽم ۽ ٻئي جديد نظام مان به فائدو حاصل ڪندا. انهن فرمايو ته اسان سمجهون ٿا ته پاڻي کي گڏ ڪرڻ ۽ توانائي جي حصول جي لاءِ ننڍا ننڍا ڊيم بڻايا وڃن ۽ جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ سنڌين سميت سمورن مخالفن جي تحفظن کي دور ڪري سگهي ٿي ته ڪالاباغ ڊيم به بڻايو وڃي. 
****

5/12/2024 3:33:19 AM