Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پي آئي اي ايسوسي ايشن جي صدر صفدر انجم جو حق پرست سينيٽر محترمه نسرين جليل سان ٽيليفون تي رابطو.


 Posted on: 1/1/2016 1
پي آئي اي ايسوسي ايشن جي صدر صفدر انجم جو حق پرست سينيٽر محترمه نسرين جليل سان ٽيليفون تي رابطو.
ڪراچي: پهرين جنوري 2016 
                   پي آئي اي ايسوسي ايشن جي صدر صفدر انجم ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ۽ انساني حقوق ڪميشن جي چيئر پرسن سينيٽر محترمه نسرين جليل سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ پي آئي اي جي نجڪاري جي حوالي سان صدارتي آرڊيننس جي خلاف سينيٽ ۾ اصولي موقف اختيار ڪرڻ تي انهن جو دلي شڪريو ادا ڪيو. صفدر انجم محترمه نسرين جليل سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته پي آئي اي جي نجڪاري جي حوالي سان صدارتي آرڊيننس تي پي آئي اي جي ملازمن ۾ وڏي ڳڻتي پاتي وڃي پئي ۽ ايم ڪيو ايم سينيٽ ۾نجڪاري جي خلاف آواز بلند ڪري پي آئي اي ايسوسي ايشن ۽ ملازمن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. جنهن تي اسان ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جا وڏا ٿورائتا آهيون. ان موقعي تي محترمه نسرين جليل چيو ته ايم ڪيو ايم ادارن جي نجڪاري جي خلاف نه آهي. پر اها چاهي ٿي ته نجڪاري جي عمل ۾ ملازمن جي نوڪرين ۽ مفادن کي به تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ نجڪاري جو عمل شفاف طريقي سان ڪيو وڃي. انهن وڌيڪ چيو ته نجڪاري جي عمل ۾ شفافيت نه هوندي ته ان جا اثر منفي پوندا. ان جي ڪري نجڪاري جي عمل کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ هر سطح تي مثبت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

5/11/2024 12:43:28 AM