Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

آدمشاري جي کاتي کي آزاد ۽ خود مختيار کاتي جو درجو ڏنو وڃي ۽ ڪنهن حاضر سروس سرڪاري آفيسر کي آدمشماري جو ڪمشنر ( چيف سنسز ) مقرر ڪيو وڃي. حق پرست سينيٽر محترمه نسرين جليل.


آدمشاري جي کاتي کي آزاد ۽ خود مختيار کاتي جو درجو ڏنو وڃي ۽ ڪنهن حاضر سروس سرڪاري آفيسر کي آدمشماري جو ڪمشنر ( چيف سنسز ) مقرر ڪيو وڃي. حق پرست سينيٽر محترمه نسرين جليل.
 Posted on: 12/31/2015
آدمشاري جي کاتي کي آزاد ۽ خود مختيار کاتي جو درجو ڏنو وڃي ۽ ڪنهن حاضر سروس سرڪاري آفيسر کي آدمشماري جو ڪمشنر ( چيف سنسز ) مقرر ڪيو وڃي. حق پرست سينيٽر محترمه نسرين جليل.
ڪراچي: 31 ڊسمبر 2015 
                    متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر، سينيٽر ۽ سينيٽ ۾ انساني حقوق ڪميٽي جي چيئرپرسن محترمه نسرين جليل مطالبو ڪيو آهي ته آدمشماري جي کاتي کي آزاد ۽ خود مختيار کاتي جو درجو ڏنو وڃي  ۽ ڪنهن به حاضر سروس سرڪاري آفيسر کي چيف سنسز ڪمشنر مقرر ڪيو وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته وزير اعظم ميان نواز شريف مارچ 2016 ۾ آدمشماري ڪرائڻ جي فيصلي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين ۽ ان سلسلي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي به دور ڪن. انهن چيو ته آدمشماري جو کاتو 1951 کان آزاد ادارو آهي پر ان آزاد اداري کي وفاقي شمارياتي ۽ ايگريڪلچر شمارياتي کاتن ۾ ضم ڪرڻ سان ڪارڪرگي ۽ شفافيت متاثر ٿيندي.انهن چيو ته آدمشماري جي کاتي کي وفاقي شمارياتي ۽ ايگريڪلچر جي کاتن ۾ ضم ڪري نئين نالي سان پاڪستان بيورو آف اسٽيٽڪس ادارو بڻايو ويو آهي. جنهن ۾ ڪي پي ڪي ، بلوچستان، سنڌ ۽ فاٽا  کي گورننگ ڪائونسل ۽ فنڪشنل ميمبرز ۾ نمائندگي نه ڏني وئي آهي. جنهن سان صوبا ۽ ڪيترائي عالمي ادارا انهن جي انگ اکر کي مڃڻ کان انڪاري ٿيندا. ڇو ته شمارياتي کاتي ۾ صوبن کي نمائندگي نه ڏني پئي وڃي ۽ نه ئي ڀرتي پروجيڪٽ جي اسامين تي صوبن جي ڪوٽا جو تعين ڪيو ويو آهي.جنهن تي ڪيترائي سوال اٿندا ۽ ان سان بداعتمادي پيدا وڌندي.انهن چيو ته  گورننگ ڪائونسل۽ فنڪشنل ميمبرن جي تعيناتي ۾ به فاٽا ۽ ٻين صوبن کي نمائندگي نه ڏني وئي آهي ۽ جڏهن ته گورننگ ڪائونسل ۽ فنڪشنل ميمبر به ريٽائر ۽ من پسند ماڻهن تي مشتمل آهن. جڏهن ته انهن جي پگهارن ۽ ٻين الائونسن جي مد ۾ به ڪروڙين روپيا خرچ ٿي رهيا آهن. جيڪي سمورن  صوبن جي ڊويزنل پول کان وصول ڪيا ويندا.  انهن چيو ته ان سلسلي ۾ ڪي پي ڪي اسيمبلي ۾ گڏيل قرارداد پيش ڪئي وئي آهي جنهن ۾ صوبي جي سمورين پارٽين سميت مسلم ليگ ن، اي اين پي، پي ٽي آئي، جي يو آئي، ڪيو ڊبليو پي ۽ جماعت اسلامي شامل آهن. انهن سفارش ڪئي آهي ته وفاقي حڪومت سمورن صوبن مان گورننگ ڪائونسل ، ڀرتين ۾ ڪوٽا ۽ فنڪشنل ميمبرن کي موثر نمائندگي ڏي. ان سلسلي ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ قرارداد به پيش ٿي چڪي آهي. انهن چيو ته 2011 ۾ گهر شماري ڪئي وئي جنهن تي 3 ارب روپيا لاڳت آئي ۽  اها ٽيڪنيڪل بنيادن تي ناڪام به ٿي وئي. ان جي به تحقيقات نه ڪئي وئي آهي. انهن چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ملڪ ۾ پنج ڀيرا آدمشماري ڪرائي وئي آهي.  پهرين آدمشماري 1951 ۾ ۽ آخري آدمشماري 1998 ۾ ڪرائي وئي. انهن چيو ته آئين جي آرٽيڪل نمبر 51 ( 5 ) جي تحت آدمشماري جو بنيادي مقصد صوبائي ۽ قومي اسيمبلي ۾ سيٽن جي تعداد جو تعين ڪرڻ به هوندو آهي ۽ آئين جي آرٽيڪل 160 ( 2 ) جي تحت آدمشماري جي انگ اکر جي بنياد تي ئي قومي مالياتي ايوارڊ جي ورهاست به چئني صوبن ۽ فاٽا ۾ ڪئي وڃي ٿي. انهن وڌيڪ چيو ته آدمشماري جي انگ اکر جو مقصد گريڊ 17 ۽ ان کان مٿاهين گريڊ جي سرڪاري ملازمن جي ڀرتي جي ڪوٽا جو تعين به ڪرڻ هوندو آهي ۽ معاشي، گهرن جي حالت ۽ هر شخص جي رهڻ سهڻ جو اندازو به لڳايو وڃي ٿو. جڏهن ته انهن ئي انگن اکرن جي بنياد تي حڪومت مستقبل جي ترقي جي منصوبه بندي به ڪري ٿي. انهن مطالبو ڪيو ته مٿي ڏنل حقيقتن کي نظر ۾ رکندي آدمشماري جي کاتي کي خودمختيار اداري جو درجو ڏنو وڃي.
*****

5/12/2024 1:05:00 AM