Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم پاڪستانين کي جناب الطاف حسين جي طرفان نئين سال جي دلي مبارڪباد پيش.


پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم پاڪستانين کي جناب الطاف حسين جي طرفان نئين سال جي دلي مبارڪباد پيش.
 Posted on: 12/31/2015
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم پاڪستانين کي جناب الطاف حسين جي طرفان نئين سال جي دلي مبارڪباد پيش.
لنڊن: 31 ڊسمبر 2015 
                متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم پاڪستانين کي نئين سال جي دلي مبارڪباد پيش ڪندي فرمايو آهي ته ملڪ ۽ سڄي دنيا ۾ مقيم پاڪستانين کي ملڪ ۽ قوم کي دهشت گردي، جاگيرداراڻه، وڏيراڻه ۽ سرداراڻه نظام کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جو عزم ۽  ارادو کڻي ۽ سياسي مفادن کان بالاتر ٿي ڪري عملي جدوجهد شروع ڪري نئين سال جي شروعات ڪرڻ گهرجي. نئين سال 2016 جي موقعي تي پنهنجي هڪ خصوصي پيغام ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته نئون سال مڪاني اليڪشن ۾ حق پرستن جي ڪاميابين جو سج ساڻ کڻي ڪري اڀري رهيو آهي ۽ ان سج جا ڪرڻا ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي جي نشاني هوندا، ان جي ڪري حڪمرانن کي گهرجي ته اهي جمهوريت جي نرسري مڪاني اليڪشن ۾ چونڊيل نمائندن کي اختيار ۽ وسيلا ڏيئي ڪري ملڪ ۽ قوم کي نئين سال جو تحفو ڏين. انهن فرمايو ته اها ڳالھھ انتهائي افسوسناڪ ۽ ڳڻتي جو ڪارڻ آهي ته 2015 ۾ سڄو ملڪ دهشت گردي جي عذاب ۾ مبتلا رهيو ۽ عوام بيروزگاري ۽ غربت جي ڪري پريشان رهيو جن جي روڪٿام ڪرڻ حڪمرانن جي بنيادي ذميواري آهي. انهن وڌيڪ فرمايو ته ملڪ کان دهشت گردي  جو خاتمو ان وقت تائين نه ٿو ڪري سگهجي جيستائين دهشت گردي ۾ ملوث انهن عناصرن جي خلاف ڀرپور ڪاروائي نه ٿي ڪئي وڃي. جن جي نشاندهي قومي نيشنل ايڪشن پلان ۽ جنوري 2015 ۾ ٿيندڙ اي پي سي ۾ ڪئي وئي هئي. انهن ايم ڪيو ايم جي ذميوارن، ڪارڪنن، حق پرست سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن، ميئرن، ڊپٽي ميئرن ۽ ڪائونسلرن کي به نئين سال جي مبارڪباد پيش ڪندي فرمايو ته اهي تحريڪ جي مشن و مقصد جي ڪاميابي جي لاءِ ثابت قدمي سان جدوجهد جاري رکندا ۽ شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به فراموش نه ڪندا ته انشاء الله تعالٰي ملڪ و قوم ۽ حق پرستن جي لاءِ نئون سال مبارڪ ثابت ٿيندو.
*****


5/12/2024 1:09:55 AM