Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

نواب شاھ ۾ پي پي سرڪاري سرپرستي ۾ کلي عام ڌاندلي ڪئي ۽ بيلٽ باڪسز کي جعلي ووٽن سان ڀري ڇڏيو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


نواب شاھ ۾ پي پي سرڪاري سرپرستي ۾ کلي عام ڌاندلي ڪئي ۽ بيلٽ باڪسز کي جعلي ووٽن سان ڀري ڇڏيو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 12/31/2015
نواب شاھ ۾ پي پي سرڪاري سرپرستي ۾ کلي عام ڌاندلي ڪئي ۽ بيلٽ باڪسز کي جعلي ووٽن سان ڀري ڇڏيو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ايم ڪيو ايم جلد سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ وڌيڪ صوبا بڻائڻ جي لاءِ تحريڪ شروع ڪندي.
نواب شاھ، ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊو ڄام ۾ اليڪشن ۾ شاندار ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان پوءِ گڏ ٿيندڙ ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي خطاب.
لنڊن: 31 ڊسمبر 2015 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم جي خلاف رياستي آپريشن، ماورائي عدالت قتلن، ڇاپن ۽ گرفتارين جي باوجود حق پرست عوام ۽ ڪارڪنن پنهنجيون جانيون ٿري تي رکي ڪري ۽ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪري ايم ڪيو ايم جو منشور عوام تائين پهچايو ۽ ايم ڪيو ايم کي ڪاميابي ڏياري. جنهن تي مان انهن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. اها ڳالھھ انهن نواب شاھ، ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊو ڄام ۾ حق پرست اميدوارن جي شاندار ڪاميابي کان پوءِ گڏ ٿيندڙ ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي فرمائي. انهن فرمايو ته نواب شاھ ۾ پي پي سرڪاري سرپرستي ۾ کلي عام ڌاندلي ڪئي ۽ بيلٽ باڪسن ۾ جعلي ووٽ ڀري ڇڏيا. انهن فرمايو ته پي پي جي  اها تاريخ رهي آهي ته اها من پسند نتيجا حاصل ڪرڻ جي لاءِ بي ايماني ۽ ڌوڪي بازي سميت هر غير اخلاقي ۽ غير قانوني رستو اختيار ڪندي آهي ۽ اها هميشه اها ڪوشش ڪندي رهي آهي ته ايم ڪيو ايم کي هڪ دٻي ۾ بند ڪري ڇڏجي ۽ ان جي جائز حقن  تي ڌاڙو هنيو وڃي. جناب الطاف حسين نواب شاھ، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو ڄام ، ميرواھ، نوڪوٽ ۽ نوشهرو فيروز جي امڙين، ڀينرن، نوجوانن ۽ بزرگن کي زبردست خراج تحسين ڪندي فرمايو ته اهي تمام تر منفي پروفيگنڊن ۽ سازشن جي باوجود ثابت قدم رهيا. منهنجين لڳاتار صبر جي اپيلن جو ذميوارن ۽ ڪارڪنن ڀرپور جواب ڏنو ۽ ڪنهن به موقعي تي قانون کي هٿن ۾ نه کنيو ۽ اهي پرامن طريقي سان تحريڪ جي نظريي کي ڦيلائيندا رهيا.انهن فرمايو ته اڌ صدي اڳ اولھھ پاڪستان ۾ چار صوبا بڻايا ويا هئا. يعني پنجاب، سرحد، سنڌ ۽ بلوچستان ۽ اهو سوچيو ويو هو ته ملڪ جي آبادي ڀلي ڪيتري ئي ڇو نه وڌي وڃي پر صوبا چار  ئي رهندا. پر هاڻي اها سوچ پراڻي ٿي چڪي آهي. ملڪ جو بهتر انتظام هلائڻ جي لاءِ نون انتظامي صوبن جو قيام ضروري آهي. ايم ڪيو ايم مڪاني اليڪشن جو سلسلو ختم ٿيندي ئي سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ ملڪ ۾ وڌيڪ صوبا بڻائڻ جي لاءِ تحريڪ جو آغاز ڪندي. انهن نون چونڊيل مڪاني اميدوارن کي هدايت ڪئي ته اهي عهدو حاصل  ڪرڻ کان پوءِ وڏائي ۾ مبتلا نه ٿين. بلڪه ان عهدي کي خدا جو عطيو سمجهندي عوام جي بغير ڪنهن فرق جي خدمت ڪن. پنهنجن تڪن ، پاڙن ۽ گهٽين ۾ صفائي، پاڻي، بجلي ۽ عوام جي ٻين مسئلن کي حل ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪن. انهن فرمايو ته نواب شاھ، ٽنڊو ڄام، ٽنڊو الهيار، ميرواھ، نوڪوٽ ۽ نوشهرو فيروز جي حق پرست عوام کي لالچ ۽ ڌمڪي کان نه ته خريد ڪري سگهجي ٿو ۽ نه ئي ايم ڪيو ايم کان پري ڪري سگهجي ٿو. انهن مڪاني اليڪشن ۾ تاريخي ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي زونن، سيڪٽرن ۽ يونٽن جي سمورن ساٿين کي شاباش پيش ڪندي فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته تاريخ جي بدترين آپريشن جي باوجود اڄ به انهن جا حوصلا بلند آهن ۽ انشاء الله تعالٰي  اهي هر امتحان ۾ پاس ٿيندا.

5/11/2024 7:25:46 PM