Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

بلوچستان نيشنل پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جي ميمبر ۽ سابق ميمبر قومي اسيمبلي مير عبدالرئوف مينگل جي سربراهي ۾ وفد جي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان سان نائن زيرو تي ملاقات.

 Posted on: 12/29/2015
بلوچستان نيشنل پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جي ميمبر ۽ سابق ميمبر قومي اسيمبلي مير عبدالرئوف مينگل جي سربراهي ۾ وفد جي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان سان نائن زيرو تي ملاقات.
ڪراچي: 29 ڊسمبر 2015 
                   بلوچستان نيشنل پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جي ميمبر ۽ سابق ميمبر قومي اسيمبلي مير عبدالرئوف مينگل جي سربراهي ۾ هڪ وفد نائن زيرو تي ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي بلوچستان نيشنل پارٽي جي زير اهتمام اسلام آباد ۾ ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. وفد ۾ مير اڪبر مينگل سميت ٻيا عهديدار به شامل هئا. جڏهن ته ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جو ميمبر گلفراز خان خٽڪ ۽ سي اي سي ميمبر حيدرعباس رضوي به موجود هئا. ملاقات ۾ ڪاشغر روڊ، گوادر جي ترقي، بلوچستان جي سياسي جماعتن جي تحفظن ۽ بلوچستان جي عوام جي مسئلن سميت ملڪي مسئلن تي به تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي عامر خان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين هميشه بلوچستان جي غيرت مند عوام جي حقن جي لاءِ آواز بلند ڪئي آهي ۽ هن وقت به جناب الطاف حسين بلوچستان جي عوام جي بنيادي حقن جو تحفظ چاهين ٿا. عامر خان بلوچستان نيشنل پارٽي جي طرفان اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت کي قبول ڪندي ان ۾ شرڪت جي خاطري به ڪرائي. 

5/11/2024 2:38:04 PM