Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مردان خودڪش ڌماڪي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار جي طرفان مذمت جو اظهار.


مردان  خودڪش ڌماڪي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 12/29/2015
مردان  خودڪش ڌماڪي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 29 ڊسمبر 2015 
                   متحده  قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار مردان خودڪش ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته ملڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز، مسجدن، امام بارگاهن ۽ بازارن ۾ ڌماڪا ڪرڻ وارن ۽ دهشت گردي ۾ ملوث وحشي دهشت گردن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان کي تيز ڪيو وڃي ۽ ان جي رخ کي درست ڪري سڄي طاقت انهن دهشت گردن جي خاتمي تي ئي لڳائي وڃي. انهن چيو ته هڪ طرف ته وحشي دهشت گرد سڄي ملڪ ۾ ڌماڪا ڪري رهيا آهن ۽ معصوم ماڻهن جي زندگين سان کيڏي رهيا آهن ته ٻئي طرف انهن دهشت گردن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي بجاءِ رڳو ايم ڪيو ايم کي ئي نشانو بڻائي رهيا آهن. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن چيو ته ملڪ ۾ دهشت گردي ڪرڻ وارن دين جو لبادو پائي رکيو آهي ۽ ان جي آڙ ۾ ئي اهي معصوم ماڻهن جو رت وهائي رهيا آهن جيڪو وڏو قابل مذمت آهي. انهن مردان ڌماڪي ۾ هلاڪ ٿيندڙ ما ڻهن جي پونئرن سان وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. ان کان علاوه انهن زخمين جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وزير اعلٰي ڪي پي ڪي پرويز خٽڪ کان مطالبو ڪيو ته مردان ڌماڪي ۾ ملوث ملڪ دشمن دهشت گردن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ۽ انهن جي خلاف جاري نيشنل ايڪشن پلان جي رخ کي صحيح ڪري عوام جي جان و مال کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

5/11/2024 4:06:22 AM