Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مردان خود خوش ڌماڪي تي سخت مذمت جو اظهار.


ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مردان خود خوش ڌماڪي تي سخت مذمت جو اظهار.
 Posted on: 12/29/2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مردان خود خوش ڌماڪي تي سخت مذمت جو اظهار.
لنڊن: 29 ڊسمبر 2015 
                متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪي پي ڪي جي شهر مردان ۾ خودڪش ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان واقعي ۾ درجنين ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته دهشت گرد هڪ طرف ته سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائي رهيا آهن ۽  ٻئي طرف مسجدن، امام بارگاهن ۽ بازارن ۾ به ڌماڪا ڪري رهيا آهن. اڄ جو واقعو به انهي سلسلي جي ڪڙي آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته نيشنل ايڪشن پلان انهن  دهشت گردن جي خلاف ڪاروائين جي لاءِ ئي بڻايو ويو هو پر افسوس جو انهن جيٽ  بليڪ دهشت گردن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي بجاءِ رڳو ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن ۽ ذميوارن جي خلاف ئي ڪاروائي ڪئي پئي وڃي. جناب الطاف حسين فرمايو ته جيڪڏهن آپريشن جي رخ کي صحيح نه ڪيو ويو ۽ اصل دهشت گردن جي خلاف ڪاروائي نه ڪئي وئي ته طالبان ۽ پابندي وڌل تنظيمن جا جيٽ بليڪ دهشت گرد اهڙي ئي طرح خودڪش ڌماڪا ڪندا رهندا. جناب الطاف حسين مردان ڌماڪي ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي پونئرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين. ان کان علاوه جناب الطاف حسين زخمين جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي. 

5/11/2024 12:36:37 PM