Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

2015 جو حساب 2015 ۾ ئي وٺنداسين ۽2016 جو آغاز نون ڪمن سان ڪنداسين.سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار


2015 جو حساب 2015 ۾ ئي وٺنداسين ۽2016 جو آغاز نون ڪمن سان ڪنداسين.سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار
 Posted on: 12/28/2015
2015 جو حساب 2015 ۾ ئي وٺنداسين ۽2016 جو آغاز نون ڪمن سان ڪنداسين.سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار
پهريون ڀيرو سنڌ جي ٽئين حصي کان ايم ڪيو ايم جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن . محمد حسين
نواب شاھ ۾ جلسي کي خطاب
نواب شاھ: 28 ڊسمبر 2015 
ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته 2015 جو حساب 2015 ۾ ئي وٺنداسين ۽ 2016 جو آغاز نون ڪمن سان ڪنداسين. انهن خيالن جو اظهار انهن نواب شاھ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا  ڪميٽي جا ميمبر ۽ ٻيا به موجود هئا. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته جڏهن مارچ ۾ اسان جي خلاف رياستي آپريشن شروع ٿيو هو ته اسان تڏهن ئي چئي ڇڏيو هو ته سمورين سازشن جي باوجود اسان جي ووٽ بينڪ کي دنيا جي ڪائي به طاقت ختم ڪري نه ٿي سگهي. بلڪه الله سائين جي فضل و ڪرم سان اسان جو ووٽ بينڪ وڌيو ئي آهي. انهن چيو ته اڄ سنڌ جي اڌ کان وڌيڪ ڪابينا دبئي ۾ مقيم آهي پر جيڪڏهن تورڙي تيز هوا وڌيڪ هلي ته باقي به اتي ئي مقيم ٿي ويندي. انهن چيو ته هاڻي به سنڌ حڪومت اليڪشن  ڪميشن سان گڏجي ڪري ڌاندلي ڪري رهي آهي.انهن چيو ته پي پي سنڌ جي عوام کي پنهنجو غلام بڻائي رکيو آهي پر جيستائين قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو نالو وٺندڙ هڪ به ڪارڪن زنده آهي انهن جي اها خواهش ڪڏهن به پوري نه ٿيندي.انهن چيو ته جناب الطاف حسين نواب شاھ کي هڪ بين الاقوامي شهر بڻائڻ چاهين ٿا ۽ هاڻي نواب شاھ به سنڌ جي ترقي جو انجڻ بڻجندو . انهن چيو ته اسان آرٽيڪل 140 جي تحت مڪاني اختيار وٺنداسين. جيڪڏهن اهو مسئلو ڳالھھ ٻولھھ جي ذريعي حل نه ٿيو ته اسان عدالتن جو دروازو کڙڪائينداسين ۽ اتان به انصاف نه مليو ته پوءِ اسان عوام جي عدالت ۾ وينداسين. انهن چيو  ته 30 ڊسمبر تي نواب شاھ جا ماڻهو ثابت ڪري ڇڏيندا ته اهي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي عوام وانگر قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جا سچا سپاهي آهن ۽ وڏي تعداد ۾ لغڙ تي ٽپو هڻي ڪري حق پرست قيادت کي ڪامياب ڪرائيندا.ان موقعي تي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين چيو ته پهريون ڀيرو سنڌ جي ٽئين حصي ايم ڪيو ايم کي ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب بڻايو آهي ۽ نواب شاھ جا عوام 30 ڊسمبر تي حق پرست قيادت کي ووٽ ڏيئي ڪري جاگيردارن ۽ وڏيرن جي منھھ تي چماٽ هڻندا.ان موقعي تي اسيمبلي ميمبر ديوان چند چائوله، شعبه خواتين نواب شاھ جي انچارج آمرين عظمٰي ۽ ٻين به خطاب ڪيو.


5/10/2024 11:47:13 PM