Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪستان هن وقت جنهن ٻه واٽي تي هلي رهيو آهي. ان جي ڪري فوج، وفاق ۽ سنڌ ۾ ڇڪٿاڻ پيدا ٿي وئي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


پاڪستان هن وقت جنهن ٻه واٽي تي هلي رهيو آهي. ان جي ڪري فوج، وفاق ۽ سنڌ ۾ ڇڪٿاڻ پيدا ٿي وئي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 12/28/2015
پاڪستان هن وقت جنهن ٻه واٽي تي هلي رهيو آهي. ان جي ڪري فوج، وفاق ۽ سنڌ ۾ ڇڪٿاڻ پيدا ٿي وئي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
جيڪڏهن ان معاملي کي افهام و تفهيم ۽ عقل جي ذريعي حل نه ڪيو ويو ته خدانخواسته پاڪستان ٽٽي ويندو
پاڪستان کي بچائڻ جو واحد حل اهو آهي ته نوان انتظامي يونٽ قائم ڪيا وڃن ۽ ملڪ ۾ انتظامي بنيادن تي 20 صوبا قائم ڪيا وڃن
نواب شاھ، ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊو ڄام ۾ اجتماعن کي خطاب
لنڊن: 28 ڊسمبر 2015 
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته اڄ وزير اعظم نواز شريف ڪراچي جي دوري تي آيو ته سنڌ جي وزيرن انهن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو.پاڪستان هن وقت جنهن ٻه واٽي تي هلي رهيو آهي ان جي ڪري فوج، وفاق ۽ سنڌ ۾ ڇڪٿاڻ پيدا ٿي وئي آهي. جيڪڏهن ان معاملي کي افهام و تفهيم ۽ عقل سان حل نه ڪيو ويو ته خدانخواسته  پاڪستان کي ناقابل تلافي نقصان پهچي سگهي ٿو. پاڪستان کي بچائڻ جو حل اهو آهي ته هاڻي نوان انتظامي يونٽ قائم ڪيا وڃن ۽ ملڪ ۾ انتظامي بنيادن تي 20 صوبا قائم ڪيا وڃن. اها ڳالھھ انهن مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ نواب شاھ، ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊو ڄام ۾ هڪ ئي وقت خطاب ڪندي فرمائي. انهن اجتماعن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي، اسيمبلي ميمبر ۽ ٻيا به موجود هئا. جناب الطاف حسين پنهنجي خطاب ۾ فرمايو ته جڏهن گذريل سال نيشنل ايڪشن پلان جي تحت سڄي ملڪ ۾ پابندي وڌل تنظيمن جي جيٽ بليڪ دهشت گردن جي خلاف آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو ته اسان ان تي پنهنجن تحفظن جو اظهار ڪيو هو ۽ چيو هو ته ان ڳالھھ جي ضمانت ڏني وڃي ته آپريشن پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت گردن جي خلاف ئي ڪيو ويندو. ڇو جو اسان کي ماضي جو سخت تجربو هو جو 19 جون 1992 تي به اسان کي اهو ئي چيو ويو هو ته اغوا برائي تاوان جون وارڌاتون ڪرڻ وارن، پاٿاريدارن ۽ انهن جي سرپرستي ڪرڻ وارين 72 وڏين مڇين جي خلاف آپريش ڪيو ويندو. سڀني ڏٺو ته اهو آپريشن صرف ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪيو ويو ۽ حقيقي دهشت گردن کي سرڪاري ٽرڪن ۾ ويهاري ڪري شهر ۾ آندو ويو ۽ ايم ڪيو ايم جي سمورين آفيسن تي قبضا ڪرايا ويا. انهي جي ڪري اسان هن آپريشن جي باري ۾ پنهنجن خدشن جو اظهار ڪيو  هو پر اسان کي آرمي چيف ۽ ڊي جي آئي ايس آئي جي طرفان اهو يقين ڏياريو ويو ته اهو آپريشن صرف فوجي ۽ قومي تنصيبات کي نشانو بڻائڻ وارن، آرمي پبلڪ اسڪول جي ٻارن کي شهيد ڪرڻ وارن ۽ سڄي ملڪ ۾ دهشت گردي ڪرڻ وارن جيٽ بليڪ دهشت گردن جي خلاف ڪيو ويندو پر ان ڳالھھ کان سڀ آگاھ آهن ته هن ڀيري به ايم ڪيو ايم جي خلاف ئي آپريشن ڪيو ويو. نائن زيرو تي ڇاپا هنيا ويا. سڄي شهر ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ ذميوارن جون وڏي پيماني تي گرفتاريون ڪيون ويون ۽ جڏهن اسان ان جي خلاف آواز اٿاري ته اهو ظلم ٿي رهيو آهي ۽ آپريشن جي نگراني جي لاءِ مانيٽرنگ ڪميٽي قائم ڪئي وڃي ته وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ چيو ته مان آپريشن جو ڪپتان آهيان ۽ ڪنهن مانيٽرنگ ڪميٽي جي ضرورت نه آهي. انهن فرمايو ته وزير اعلٰي سنڌ ۽ انهن جا وزير اهي بيان ڏيندا هئا ته رينجر بلڪل صحيح ڪم ڪري رهي آهي. پر جڏهن سابق وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم کي گرفتار ڪيو ويو ۽ پي پي جي قائدين جي ڪجھھ ويجهن ماڻهن ۽ ڪجھھ بيوروڪريٽن کي به حراست ۾ ورتو ويو  ۽ اهو چيو وڃڻ لڳو ته پي پي جي قائدين تي به هٿ وڌو ويندو ته پوءِ هاڻي وزير اعلٰي سنڌ ۽ انهن جا وزير چئي رهيا آهن ته انهن تي ظلم ٿي رهيو آهي. ڪالھھ انهن کي رينجر جو هر ايڪشن بلڪل صحيح نظر اچي رهيو هو ۽ اڄ انهن کي اهو ظلم نظر اچي رهيو آهي. اڄ وزير اعظم ڪراچي آيا ته سنڌ جي وزيرن وزير اعظم جي تقريب جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. انهن فرمايو ته پاڪستان هن وقت ٻه واٽي تي هلي رهيو آهي. ان جي ڪري فوج، وفاق ۽ سنڌ ۾ ڇڪٿاڻ پيدا ٿي وئي آهي. جيڪڏهن ان معاملي کي افهام و تفهيم ۽ عقل سان حل نه ڪيو ويو ته خدانخواسته پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان پهچي سگهي ٿو. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان حضرت لعل شهباز قلندر، حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي ۽ حضرت سچل سرمست جو قسم کڻي ڪري سنڌين کي يقين ڏياريان ٿو ته نئين انتظامي صوبي ۾ جيڪي به سنڌي رهندا  اتي انهن جو به اوترو ئي حق هوندو جيترو اردو ڳالهائڻ وارن جو هوندو.مان سنڌين سان گڏو گڏ بلوچن، پنجابين، پختونن، هزاري وال، ڪشميرين، ۽ ٻين سڀني برادرين کي به جيڪي اسان جي صوبي ۾ رهندا سڀني کي انهن جو حق ملندو. سڀني سان برابري جو سلوڪ ڪيو ويندو. جناب الطاف حسين وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان  پيپلز امن ڪميٽي جي دهشت گردن کان ڪراچي جي معصوم نوجوانن جا ڳلا ڪٽرايا  ۽ انهن کي اغوا ڪرائي تشدد جو نشانو بڻائي ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي. ان تي اوهان توبه ڪريو. انهن فرمايو ته نواب شاھ، ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊو ڄام سان گڏو گڏ نوڪوٽ ۽ ميرواھ گورچاڻي ۾ به مڪاني اليڪشن ان جي ڪري ملتوي ڪيا ويا  جو سنڌ حڪومت غير قانوني ۽ غير آئيني تڪ بنديون ڪيون هيون ته جيئن انهن شهري علائقن جي عوام کي نمائندگي جي حق کان محروم ڪيو وڃي. انهن فرمايو ته پي پي جي تاريخ هونئن ئي ٺڳي، عياري ۽ ڌوڪي بازي سان ڀري پئي آهي. انهن پنهنجي هر دور ۾ سنڌ جي شهري علائقن جي عوام سان وڏيون ناانصافيون ڪيون آهن. ڀٽي جي دور ۾ سنڌ ۾ غير منصفانه ڪوٽا سسٽم نافذ ڪيو ويو. جيڪڏهن اهو ڪوٽا سسٽم واقعي سٺو هجي ها ۽ اهو ٻهراڙي وارن علائقن جي عوام کي ترقي ڏيارڻ جي لاءِ هجي ها ته سنڌ سان گڏو گڏ پنجاب، بلوچستان ۽ سرحد ۾ به اهو نافذ ڪيو وڃي ها. ڇو ته ٻهراڙي وارا علائقا انهن صوبن ۾ تمام پٺتي پيل آهن. پر ڪوٽا سسٽم صرف سنڌ ۾ نافذ ڪيو ويو.شهري علائقن جي عوام تي نوڪرين ۽ اعلٰي تعليم جا دروازا بند ڪيا ويا. ڪوٽا سسٽم ڏهن سالن جي لاءِ آندو ويو هو. پر اهو اڄ تائين نافذ آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان سنڌي ڀائرن کان سوال ڪريان ٿو ته سنڌي وڏيرن اڄ تائين اوهان کي ڪهڙا حق ڏنا؟ ڇا انهن غريب سنڌي هارين ۽ ڪڙمين کي نوڪريون ڏنيون؟ ۽ جيڪڏهن ڪٿي ڪجھھ نوڪريون به ڏنيون ويون ته ڇا اهي بغير  ڪنهن پيسي جي ڏنيون ويون؟ اڄ به غريب هارين جي ٻارڙين کي ڪاروڪاري جي نالي تي قتل ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن کي ظلم جو نشانو بڻايو وڃي ٿو.انهن فرمايو ته سنڌ جا غريب هاري ايم ڪيو ايم سان اچي وڃن، مان انهن کي يقين ڏياريان ٿو ته جڏهن به صوبي ۾ ايم ڪيو ايم جي حڪومت آئي ته ڪوئي به وڏيرو ڪنهن غريب هاري جي نياڻي کي ڪاروڪاري قرار ڏيئي ڪري قتل نه ڪري سگهندو ۽ جيڪڏهن ڪنهن غريب سنڌي جي نياڻي کي قتل ڪيو ويو ته قانون جي تحت ان کان حساب ورتو ويندو. جناب الطاف حسين فرمايو ته مڪاني ادارا جمهوريت جي نرسري هوندا آهن. پي پي جيڪا جمهوريت جي چيمپئين بڻجي ٿي. ان جي حڪومت گذريل 8 سالن جي دوران مڪاني اليڪشن ٿيڻ نه ڏنا ۽ مقامي حڪومتن جو نظام نه آڻي ڪري انهن ترقياتي ڪمن کي تباھ ڪري ڇڏيو. هاڻي سپريم ڪورٽ جي دٻاءُ تي مڪاني اليڪشن ٿيا آهن ته پي پي جي حڪومت مڪاني ادارن کان رهيل سهيل اختيار به کسي ورتا آهن ۽ انهن کي تمام تر مالي ۽ انتظامي اخيتارن کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي جي بلديه کان ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جو ادارو، ڪچري کڻڻ جو ادارو ۽ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ به سنڌ حڪومت کسي ورتو آهي. اهڙي طرح ٻيا مقامي ادارا به بلديه کان کسي ورتا آهن. جڏهن ته پاڪستان جي آئين جو آرٽيڪل 140 اي صاف لفظن ۾ چوي ٿو ته سياسي، انتظامي، مالياتي ذميواري ۽ اختيار مڪاني حڪومتن جي چونڊيل نمائندن کي منتقل ڪيا ويندا. انهن فرمايو ته اسان وڙهڻ نه ٿا چاهيون. بلڪه پرامن طريقي سان مڪاني ادارن جا اختيار حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ جيڪڏهن سنڌ حڪومت مڪاني ادارن کي انهن جا آئيني اختيار نه ڏنا ته اسان پاڪستان جي تاريخ جو سڀني کان وڏو مظاهرو ڪنداسين.
جناب الطاف حسين نواب شاھ، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو ڄام، نوڪوٽ ۽ ميرواھ گورچاڻي جي عوام کي اپيل ڪئي ته اهي 30 ڊسمبر تي ٿيندڙ مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي اميدوارن کي ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب بڻائين. انهن اجتماعن جي انعقاد تي ٽنهي زونن جي ڪارڪنن کي شاباش ۽ خراج تحسين به پيش ڪيو ۽ اليڪشن مهم ۾ حصو وٺڻ تي سمورن ذميوارن، رابطا ڪميٽي، اسيمبلي ميمبرن، عورتن، ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي به شاباش پيش ڪئي.


5/10/2024 1:21:43 AM