Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪستان کي مضبوط بڻائڻ، عوام کي انهن جا حق ڏيڻ ۽ گڊ گورننس جي لاءِ وڌيڪ صوبن جو قيام سخت ضروري آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


پاڪستان کي مضبوط بڻائڻ، عوام کي انهن جا حق ڏيڻ ۽ گڊ گورننس جي لاءِ وڌيڪ صوبن جو قيام سخت ضروري آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 12/26/2015
پاڪستان کي مضبوط بڻائڻ، عوام کي انهن جا حق ڏيڻ ۽ گڊ گورننس جي لاءِ وڌيڪ صوبن جو قيام سخت ضروري آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
جيڪڏهن وڌيڪ صوبن جي ڳالھھ ڪرڻ ملڪ جي خلاف ۽ غداري جي برابر آهي ته موجوده چئن صوبن کي به ختم ڪيو وڃي.
سعودي عرب ۽ ٻين خليجي رياستن ۾ مقيم پاڪستانين جي تنظيم محبان پاڪستان جي اجتماع کي خطاب.
لنڊن: 26 ڊسمبر 2015 
                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته پاڪستان کي مضبوط بڻائڻ، عوام کي انهن جا حق ڏيڻ ۽ گڊگورننس جي لاءِ وڌيڪ صوبن جي قيام جي سخت ضرورت آهي ۽ جيڪڏهن پاڪستان ۾ وڌيڪ صوبن جي قيام جي ڳالھھ ڪرڻ ملڪ جي خلاف ۽ غداري جي برابر آهي ته موجوده چئن صوبن کي به ختم ڪيو وڃي. انهن خيالن جو اظهار انهن سعودي عرب ۽ ٻين خليجي رياستن ۾ مقيم پاڪستانين جي تنظيم محبان پاڪستان جي اجتماع کي خطاب ڪندي فرمايو. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪستان ۾ فوج هجي يا سولين حڪومت هر شعبي ۾ واضع طور تي ٻه طبقا پاتا وڃن ٿا. هڪ مراعات يافته طبقو ۽ ٻيو غريب ۽ هيٺون طبقو. مراعات يافته طبقو زندگي جي هر قسم جي سهولت، عيش و عشرت ۽ دولت سان مالامال آهي جڏهن ته غريب ۽ هيٺون طبقو پاڻي، بجلي ، گيس ۽ زندگي جي ٻين بنيادي سهولتن کان محروم آهي. جيستائين اهو طبقاتي  فرق موجود رهندو ۽ طبقي جي بنياد تي عوام سان امتياز ڪيو ويندو ته ان وقت تائين عوام جا مسئلا حل نه ٿيندا. جناب الطاف حسين فرمايو ته پوري دنيا ۾ مڪاني نظام يا شهري حڪومتون هونديون آهن جن وٽ شهر جي تعمير و ترقي، صفائي سٿرائي، روڊن، فلائي اوورن ۽ انڊرپاسز جي تعمير ۽ شهرين کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جا اختيار هوندا آهن. ايستائين جو ترقي يافته شهرن ۾ پوليس به شهري حڪومتن جي ماتحت هوندي آهي. پر پاڪستان ۾ يا ته مڪاني اليڪشن ڪرايا ئي نه ٿا وڃن ۽ هاڻي مڪاني نظام آيو آهي ته  ان ۾ مڪاني ادارن کي بي اختيار رکيو ويو آهي . جناب الطاف حسين فرمايو ته جهڙي طرح ٻن ڪمرن جي گهر ۾ پٽن جي وڏي ٿيڻ ۽ شاديون ٿيڻ کان پوءِ انهن جي لاءِ هڪ گهر ۾ گذارو مشڪل ٿي وڃي ٿو ان جي ڪري انهن جي لاءِ الڳ ڪمرا بڻايا وڃن ٿا يا اهي ڪنهن الڳ گهر ۾ منتقل ٿي وڃن ٿا، اهڙي طرح آبادي وڌڻ جي ڪري ۽ بهتر حڪمراني جي لاءِ به پوري دنيا ۾ ڊي سينٽر لائزيشن ٿئي ٿي ۽ گڊ گورننس جي لاءِ وڌيڪ صوبا ۽ انتظامي يونٽ قائم ڪيا ويندا رهيا آهن. پر پاڪستان ۾ واچ جي سوئي چئن صوبن تي ئي اٽڪي پئي آهي. هاڻي اها واچ انهي وقت ٺيڪ ٿيندي  جڏهن  ان ۾ 20 صوبا قائم ٿيندا. انهن فرمايو ته پاڪستان ۾ جڏهن به نوان صوبا قائم ڪرڻ جي ڳالھھ ڪئي وڃي ٿي ته ان کي غداري سان تعبير ڪيو وڃي ٿو. انهن فرمايو ته جيڪڏهن وڌيڪ صوبن جي قيام جي ڳالھھ ڪرڻ ملڪ 
جي خلاف ۽ غداري جي برابر آهي ته موجوده چئن صوبن کي به ختم ڪيو وڃي. جناب الطاف حسين فرمايو ته جيڪڏهن اسان جو صوبو بڻيو ته مان قسم کڻي ڪري چوان ٿو ته اسان جي صوبي ۾ جيڪو به پنجابي، پختون، سنڌي، بلوچ، سرائيڪي، ڪشميري هزاري وال، ڪاٺياواڙي، بوهري، اسماعيلي،هندو، سک، عيسائي ۽ ٻيا جيڪي به زبان ڳالهائڻ وارا ۽ ڪنهن به برادري سان تعلق رکڻ وارا هوندا انهن سڀني سان برابري جو سلوڪ ڪيو ويندو. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جا مخالف چون ٿا ته جڏهن کان ايم ڪيو ايم آئي آهي ته تعصب پکڙيو آهي. انهن سوال ڪيو ته 1964 ۾ جنرل  ايوب خان جي دور ۾ محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏيڻ جي ڏوھ ۾ گوهر ايوب خان جي سربراهي ۾  ڪراچي جي مهاجر آبادين تي جيڪي حملا ڪرايا ويا ۽ بي گناھ مهاجرن جو قتل عام ڪيو ويو. انهن جا گهر ساڙيا ويا.عورتن جي بي حرمتي ڪئي وئي. ڇا ان وقت ايم ڪيو ايم هئي. ڇا ان وقت الطاف حسين سياست جي ميدان ۾ هو. 1974 ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ سنڌ ۾ جيڪي لساني فساد ڪرايا ويا. اندرون سنڌ جهڙي طرح مهاجرن جو قتل عام ڪيو ويو، مهاجرن جي آبادين تي حملا ڪيا ويا ۽ انهن کي لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو ويو. ڇا ان وقت ايم ڪيو ايم موجود هئي؟ انهن فرمايو ته ڀٽي جي دور ۾ سنڌ ۾ ٻهراڙي واري آبادي کي شهري آبادي جي برابر آڻڻ جي نالي تي ڪوٽا سسٽم نافذ ڪيو ويو. مهاجرن جو هر شعبي ۾حق ڇنيو ويو. جڏهن ڪوئي به ان جي خلاف ڳالهائڻ جي لاءِ تيار نه هو ته مان اي پي ايم ايس او قائم ڪئي. حقن جي لاءِ آواز بلند ڪرڻ جي ڏوھ ۾ اسان تي ظلمن جا جبل ٽوڙيا ويا. اسان جو قتل عام ڪيو ويو. 14 ڊسمبر 1986  تي ڪراچي ۾ قصبه ڪالوني ۽ علي ڳڙھ  ڪالوني تي حملو ڪري 200 سو کان وڌيڪ مهاجرن جو قتل عام ڪيو ويو. انهن جي گهرن کي لٽي ڪري انهن کي باھ ڏيئي ڪري ساڙيو ويو. 30 سيپٽمبر 1988 تي حيدرآباد ۾ دهشت گردن شهر ۾ داخل ٿي ڪري 300  کان وڌيڪ مهاجرن کي قتل ڪيو . 26 ۽ 27 مئي تي حيدرآباد پڪا قلعه ۾ آپريشن ڪيو ويو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر مهاجر عورتن ، نوجوانن ۽ بزرگن کي گوليون هڻي ڪري شهيد ڪيو ويو. هر دور ۾ اسان جي خلاف آپريشن ڪيو ويو. اڄ به ڪيو پيو وڃي. اسان جا ڪيترائي ساٿي شهيد ڪيا ويا. لاپتا ڪيا ويا ۽ اڄ به اسان جا ڪيترائي ساٿي لاپتا آهن. انهن سوال ڪيو ته ڇا انهي ڏينهن جي لاءِ اسان جي بزرگن پاڪستان ٺاهيو هو. جو انهن جي ٻارن سان اهو سلوڪ ڪيو وڃي؟ انهن فرمايو ته اوڀر پاڪستان 1971 ۾ ٽٽي ڪري بنگله ديش بڻجي ويو. جنگ ۾ هٿيار اڇلائڻ وارا فوجي ته ٻن سالن کان پوءِ واپس اچي ويا پر اهي اردو ڳالهائڻ وارا جن کي عام طور تي بهاري چيو وڃي ٿو ۽ جن پاڪ فوج جو ساٿ ڏنو هو اهي گذريل 44 سالن کان اڄ به بنگله ديش جي ريڊ ڪراس جي ڪيمپن ۾ انتهائي مفلسي جي زندگي گذاري رهيا آهن. انهن کي جماعت اسلامي به وساري ڇڏيو آهي انهن کي وطن واپس آڻڻ جي لاءِ نه ته جماعت اسلامي ڳالهايو، نه ولي خان ڳالهايو ، نه ڀٽي آواز اٿاري ۽ نه مسلم ليگ مطالبو ڪيو ۽ نه ئي پي پي مطالبو ڪيو بلڪه پي پي ته بهاري نه کپن جا نعرا به هنيا. انهن فرمايو ته اهي محصورين اڄ تائين پاڪستاني آهن ۽ جنهن ڏينهن ملڪ ۾ ايم ڪيو ايم جي حڪومت آئي ته پهريون ڪم انهن محصور پاڪستانين جي وطن واپسي جو ڪنداسين. جناب الطاف حسين شاندار اجتماع جي انعقاد تي محبان پاڪستان جي سمورن ڪارڪنن کي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو.
*****

5/9/2024 5:44:17 PM