Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

منهنجي تمنا آهي ته جڏهن مان هن دنيا کان وڃان ته منهنجي زبان تي ڪلمو پاڪ هجي ۽ مان عاشق رسول صلي الله عليه وسلم جي حيثيت سان مران. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


منهنجي تمنا آهي ته جڏهن مان هن دنيا کان وڃان ته منهنجي زبان تي ڪلمو پاڪ هجي ۽ مان عاشق رسول صلي الله عليه وسلم جي حيثيت سان مران. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 12/27/2015
منهنجي تمنا آهي ته جڏهن مان هن دنيا کان وڃان ته منهنجي زبان تي ڪلمو پاڪ هجي ۽ مان عاشق رسول صلي الله عليه وسلم جي حيثيت سان مران. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
پاڪستان ۾ الطاف حسين کان سواءِ ٻيو ڪوئي به طالبان، القائده ۽ داعش جي خلاف نه ٿو ڳالهائي.
جماعت اسلامي جون عورتون درس جي نالي تي ورغلائين ٿيون، عورتون انهن جي درس ۾ نه وڃن بلڪه انهن جو سوشل بائيڪاٽ ڪن.
جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ محفل ذڪر مصطفٰي صلي الله عليه وسلم کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن: 27 ڊسمبر 2015 
                   متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته منهنجي تمنا آهي ته جڏهن مان هن دنيا مان وڃان ته منهنجي زبان تي ڪلمو پاڪ هجي ۽ مان عاشق رسول صلي الله عليه وسلم جي حيثيت سان مران. انهن خيالن جو اظهار انهن جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام محفل ذڪر مصفطٰي صلي الله عليه وسلم کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو. اجتماع ۾ تمام مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن، بزرگن، ثناء خوان حضرات، مذهبي اسڪالرن ۽ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. جناب الطاف حسين خطاب ڪندي فرمايو ته اڄ  جي محفل مبارڪ جنهن مبارڪ هستي جي نالي مبارڪ تي آهي ان جهڙي هستي اڄ تائين هن دنيا ۾ نه آئي آهي. اها مبارڪ هستي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي آهي جيڪا 12 ربيع الاول مبارڪ تي حضرت بي بي آمنه جي لعل جي صورت ۾ هن دنيا ۾ تشريف آور ٿي. انهن کي الله تعالٰي محسن انسانيت بڻائي ڪري موڪليو. جن  الله تعالٰي کان پنهنجي امت جي شفاعت گهري. سرڪار دو عالم صلي الله عليه وسلم غار حرا ۾ وڃي ڪري عبادت ڪندا هئا ۽ هڪ ڏينهن الله سائين جي پاڪ فرشتي حضرت جبرائيل عليه السلام تشريف آندي ۽ الله سائين جي وحي مبارڪ نازل ڪئي. اقرا باسم ربڪ الذي خلق يعني پڙھ پنهنجي رب جي نالي سان جنهن اوهان کي پيدا ڪيو. ان پهرين وحي پاڪ جو پهريون لفظ ئي اقرا آهي. جنهن جي معنٰي آهي پڙھ. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان سمجهان ٿو ته انسانيت جي پيدائش ۽ ڪائنات جي وجود جو مقصد ئي اهو آهي ته الله تعالٰي چاهي ٿو ته هن دنيا ۾ جيڪي به شيون پيدا ڪيون ويون آهن.اسان انهن جي باري ۾ ڄاڻون. پڙهون ۽ سکون. انهي جي ڪري قرآن پاڪ جي هڪ ٻئي آيت مبارڪ ۾ الله تعالٰي فرمايو آهي ته  اسان زمين ۽ آسمان کي تابع ڪري ڇڏيو آهي ۽ نشانيون آهن علم وارن جي لاءِ. جناب الطاف حسين فرمايو ته سرڪار دوعالم صلي الله عليه وسلم جنهن زماني ۾ حق جي تبليغ شروع ڪئي.ان زماني ۾ عرب جاهليت جي دور ۾ هو جتي ٻارڙين کي پيدا ٿيندي ئي زنده دفن ڪيو ويندو هو پر نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم تعليم ڏني ته نياڻيون ته الله تعالٰي جي رحمت هونديون آهن، مبارڪ هونديون آهن انهن کي مارڻ وڏو ظلم آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته 14 سو سال گذري ويا ان دوران اسان ڇا سکيو، ڇا پڙهيو، ڪجھھ عالمن سڳورن ظلم جي خلاف آواز اٿاري. پر جهڙي طرح عالمن سڳورن ۽ مفتي صاحبان کي آواز اٿارڻ گهرجي ها اهڙي طرح آواز نه اٿاري وئي. مان پاڪستان جي مفتي اعظم کي مفتي اعظم نه ٿو مڃان ڇو ته جيڪڏهن اهي واقعي مفتي اعظم هجن ها ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ ظلمن جي خلاف به فتوٰي جاري ڪن ها. نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي زماني ۾ ٻارڙين کي زنده دفن ڪيو ويندو هو. ان پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾  ڪاروڪاري جي نالي تي ٻارڙين کي زنده دفن ڪيو وڃي ٿو. بلوچستان ۾ پنجن عورتن کي هڪ سردار زنده دفن ڪري ڇڏيو ۽ اهو اسيمبلي ۾ بيهي ڪري وڏي فخر سان چوي پيو ته اها اسان جي روايت آهي. انهن فرمايو ته جيڪڏهن مان مفتي اعظم هجان ها ته مان صدر يا وزير اعظم کي حڪم ڏيان ها ته ان کي پڪڙيو ۽ ان کي چوڪ تي سزا ڏيو. جهالت جي دور ۾ عورتن کي ماريو ويندو هو. اڄ پاڪستان ۾ عورتن جي منهھ تي تيزاب اڇلايو وڃي ٿو. انهن کي بيدردي سان قتل ڪيو وڃي ٿو. اسان جا مفتي اعظم ڪٿي سٿل آهن؟ جيڪڏهن مفتي اعظم صدر ، وزير اعظم ۽ حڪومت کان ڊڄن ٿا ۽ اهي خدا کان نه ٿا ڊڄن ته اهي جعلي مفتي اعظم آهن. مان سچ ڳالهائيندو هئس، سچ ڳالهائيندو آهيان ۽ سچ ڳالهائيندو رهندس. پوءِ ڀلي مون سان گڏ هڪ ماڻهو به نه رهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته طالبان القائده ۽ داعش اسلام جي نالي تي گهرن ۾ گهري ڪري پيءُ ماءُ کي هڪ پاسي ڪن ٿا ۽ انهن تي دٻاءُ وجهن ٿا ته ڇوڪرين جي شادي مجاهدن سان ڪريو نه ته توهان کي قتل ڪري ڇڏينداسين. آخر اهو ڪهڙو اسلام آهي؟ پاڪستان ۾ الطاف حسين کان سواءِ ڪوئي به طالبان، القائده ۽ داعش جي خلاف نه ٿو ڳالهائي. مان رڙيون ڪري ڪري چوندو رهيس ته طالبان ڪراچي ۾ پنهنجا ٺڪاڻا قائم ڪري رهيا آهن. سڀني ان کان انڪار ڪيو. اڄ ڪراچي جي ٻهراڙين ۾ طالبان ۽ پابنديون وڌل تنظيمون پنهنجا مضبوط ٺڪاڻا قائم ڪري ورتا آهن. جتي طالبان پنهنجيون عدالتون به قائم ڪري ورتيون آهن. اتي پوليس، رينجر ۽ ٻيا سرڪاري اهلڪار داخل ٿي نه ٿا سگهن. اهي طالبان ۽ پابندي وڌل تنظيمن جا ماڻهو هاڻي شهر جي اندروني علائقن ۾ به ڦيلجڻ چاهين ٿا. انهن فرمايو ته جيڪڏهن طالبان ۽ داعش شهر تي قبضي جي ڪوشش ڪئي ته نوجوان ۽ بزرگ ئي نه بلڪه امڙين ۽ ڀينرن کي به منهنجو ساٿ ڏيڻو پوندو. جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان ڪنهن فقه، مسلڪ، مذهب يا قوم جي خلاف نه آهيون بلڪه انهن کي پنهنجو ڀاءُ سمجهون ٿا ۽ اهو چئون ٿا ته انهن کي به شهر ۾ پنهنجي عقيدي جي مطابق زندگي گذارڻ جو حق حاصل آهي. انهن فرمايو ته اسان اسماعيلي برادري جو احترام ڪريون ٿا ۽ انهن کي پنهنجو حصو سمجهون ٿا. انهن فرمايو ته ڪجھھ ڏينهن اڳ سانحه صفورا ۾ اسماعيلي برادري جي ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو ۽ ان جو الزام به ايم ڪيو ايم تي ٿوپڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پر بعد ۾ ان ۾ جيڪي ماڻهو ملوث پاتا ويا انهن جو تعلق اسلامي جميعت طلبه سان نڪتو. انهن اجتماع ۾ موجود عورتن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته جماعت اسلامي جون عورتون درس جي نالي تي ورغلائين ٿيون. ان جي ڪري انهن جي درس ۾ نه وڃو بلڪه انهن جو سوشل بائيڪاٽ ڪريو. جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان جي نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم امت کي اهو درس ڏنو آهي ته ڪنهن جي به عبادت گاھ کي پٿر نه هڻو ڇو ته جيڪڏهن توهان ڪنهن جي عبادتگاھ کي پٿر هڻندو ته اهو به توهان جي عبادتگاھ کي پٿر هڻڻدو. نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جو عمل ته اهو هو ته هڪ غير مسلم عورت اوهان صلي الله عليه وسلم تي روزانو گند اڇلائيندي هئي. هڪ ڏينهن انهن گند نه اڇلايو ته اوهان صلي الله عليه وسلم معلوم ڪيو ته اڄ ان عورت گند ڇو نه اڇلايو آهي؟ معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته اها عورت بيمار آهي جنهن تي اوهان صلي الله عليه وسلم انهن جي عيادت ڪرڻ انهن جي گهر ويا. اوهان صلي الله عليه وسلم جو اهو عمل ڏسي ڪري انهن اوهان صلي الله عليه وسلم تي ايمان آڻي ڇڏيو. اوهان صلي الله عليه وسلم اسلام جي تبليغ جي لاءِ طائف ويا ته اتي ڪافرن حرڪتي ٻارن جي ذريعي اوهان تي ان قدر پٿر وسرايا جو اوهان صلي الله عليه وسلم رتو رت ٿي ويا.اوهان صلي الله عليه وسلم هڪ وڻ جي هيٺان ويهي رهيا . ان موقعي تي حضرت جبريل عليه السلام تشريف آوور ٿيا ۽ اوهان صلي الله عليه وسلم کي عرض ڪيو ته جيڪڏهن اوهان صلي الله عليه وسلم حڪم فرمايو ته ٻئي ٽڪر پاڻ ۾ ملائي ڇڏيان ته جيئن اهي ماڻهو ختم ٿي وڃن. ان تي اوهان صلي الله عليه وسلم فرمايو ته نه اهي ماڻهو نادان آهن. اهي مون کي نه ٿا سڃاڻين. مون کي يقين آهي ته ڪالھھ اهي ئي نادان ماڻهو ايمان آڻيندا. جناب الطاف حسين فرمايو ته منهنجو نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم ته معاف ڪرڻ وارو هو. ٻين جي تڪليف دور ڪرڻ وارو هو. پاڻ صلي الله عليه وسلم جنهن ڳالھھ جي ٻين کي تلقين ڪندا هئا ته پهرين ان تي پاڻ به عمل ڪندا هئا. پاڻ صلي الله عليه وسلم هڪ مسجد جي تعمير جي موقعي تي صحابه ڪرام کي بک کان بچڻ جي لاءِ پيٽ تي پٿر ٻڌڻ جي لاءِ حڪم فرمايو  ته پاڻ صلي الله عليه وسلم به پنهنجي پيٽ مبارڪ تي پٿر ٻڌا. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان وڏو گنهگار انسان آهيان پر منهنجي پوري ڪوشش هوندي آهي ته مان پنهنجي پياري نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي تعليمات تي پوري طرح سان عمل ڪريان.منهنجي پوري فلاسفي ۽ درس ڏسو ته ان ۾ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي تعليمات نظر ايندي. جيڪي ساٿي 1978 کان وٺي ڪري مون سان گڏ آهن. اهي چڱي نموني ڄاڻين ٿا ته مان جيڪو به درس ساٿين کي ڏيان ٿو ته ان تي پاڻ به عمل ڪريان ٿو. مان اڄ به جيڪو پاڻ کاوان ٿو اهو ئي پنهنجن ساٿين کي به کارايان ٿو. منهنجي پوري ڪوشش هوندي آهي ته مان ڪنهن طرح الله تعالٰي ۽ ان جي محبوب صلي الله عليه وسلم کي راضي ڪري سگهان. انهن فرمايو ته مون کي پنهنجي ذات جي لاءِ نه ڪالھھ گهربو هو ۽ نه اڄ گهرجي. منهنجي جدوجهد ته اها آهي ته محروم ماڻهن کي انهن جا حق ملن. مون کي پنهنجي لاءِ جائيدادون ۽ محل نه گهرجن ، مون کي هر بي گهر انسان جي لاءِ هڪ ننڍڙو گهر گهرجي جتي اهو پنهنجن ٻارن سان گڏ عزت سان رهي سگهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته وقت جي باطل قوتن ۽ شيطاني قوتن پنهنجي طاقت جو استعمال ڪري ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. منهنجي هزارين ساٿين کي شهيد ڪيو ويو، لاپتا ڪيو ويو. قيد ڪيو ويو. انهن تي هر قسم جو ظلم ڪيو ويو. جيڪڏهن سرڪاردو عالم صلي الله عليه وسلم جو ڪرم نه هجي ها ته اڄ ايم ڪيو ايم هن ڌرتي تان ميٽجي وڃي ها. انهن فرمايو ته منهنجي خلاف طرح طرح جا زهريلا پروفيگنڊا ڪيا ويا. پر الله سائين جو ڪرم آهي ته ان جي باوجود منهنجي فلاسفي پوري ملڪ ۾ ڦيلجي رهي آهي. مان ڪارڪنن مان قيادت ڪڍڻ جون جيڪي مثالون پيش ڪيون آهن.ان جا اثر اڄ هر هنڌ ڦيلجي رهيا آهن ۽ هر سياسي جماعت ۾ هاڻي ڪارڪن پنهنجي قيادت جي سامهون اهي سوال اٿاري رهيا آهن ته اليڪشن ۾ ڪارڪنن کي ٽڪيٽ ڏنا وڃن. مان پنهنجي ساٿين کي هميشه اها ئي تعليم ڏني آهي ته ڀلي ڪهڙي ئي وڏي مقام تي ڇو نه پهچي وڃو پر ڪڏهن به تڪبر نه ڪجو. ڇو ته تڪبر الله تعالٰي کي پسند نه آهي. مان پنهنجن ذميوارن کي به هميشه اهو ئي درس ڏنو آهي ته توهان جو مقام تحريڪي ڪارڪنن جي  ڪري ئي آهي. ان جي ڪري ڪارڪنن جو دل نه ڏکائجو. انهن سان پيار سان پيش اچجو. جناب الطاف حسين اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ وارن سمورن عالمن سڳورن، بزرگن، اسڪالرن، نعت خوان حضرات ۽ قوالن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي ان محفل جو انعقاد ڪرڻ ۽ ان کي ڪامياب بڻائڻ وارن سمورن ماڻهن ۽ انهن جي ستن نسلن کي به ان جو اجر عطا فرمائي. آمين.
*****

5/10/2024 9:47:26 AM