Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم وڏين آزمائشن ۽ امتحانن مان گذري رهي آهي پر ان حضرت محمد مصطفٰي صلي الله عليه وسلم جي دامن مبارڪ کي ڪڏهن به نه ڇڏيو آهي. مولانا تنوير الحق ٿانوي.


ايم ڪيو ايم وڏين آزمائشن ۽ امتحانن مان گذري رهي آهي پر ان حضرت محمد مصطفٰي صلي الله عليه وسلم جي دامن مبارڪ کي ڪڏهن به نه ڇڏيو آهي. مولانا تنوير الحق ٿانوي.
 Posted on: 12/27/2015
ايم ڪيو ايم وڏين آزمائشن ۽ امتحانن مان گذري رهي آهي پر ان حضرت محمد مصطفٰي صلي الله عليه وسلم جي دامن مبارڪ کي ڪڏهن به نه ڇڏيو آهي. مولانا تنوير الحق ٿانوي.
الله تعالٰي جناب الطاف حسين کي جيڪا عزت عطا فرمائي آهي اها هن دور ۾ ڪنهن کي به عطا نه فرمائي آهي. علامه عباس ڪميلي. 
جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ محفل ذڪر مصطفٰي صلي الله عليه وسلم کي خطاب.
ڪراچي: 27 ڊسمبر 2015 
                    معروف عالم دين ۽ حق پرست سينيٽر مولانا تنوير الحق ٿانوي، علامه عباس ڪميلي ۽ ممتاز مذهبي اسڪالر الحاج ڊاڪٽر جميل راٺوڙ چيو آهي ته نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم فرمايو آهي ته مومن جي شان اها آهي ته اهو حق کي لڪائي نه ٿو ۽ کلي عام حق جو اظهار ڪري ٿو.ماڻهن کي منصب ۽ طاقت ملي پر اهي عزت حاصل نه ڪري سگهيا پر الله تعالٰي جناب الطاف حسين کي وڏي عزت ۽ احترام سان نوازيو آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ محفل ذڪر مصطفٰي صلي الله عليه وسلم ۾ سيرت طيبه پاڪ تي روشني وجهندي فرمايو. ان موقعي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ادي سائره خاتون، ايم ڪيو ايم رابطاڪميٽي جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان، ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا، سينيٽرن، اسيمبلي ميمبرن ، اداڪار جاويد شيخ ، بهروز سبزواري ۽ عوام وڏي تعداد ۾ موجود هئا.  ان موقعي تي خطاب ڪندي مولانا تنوير الحق ٿانوي چيو ته ايم ڪيو ايم وڏين آزمائشن مان گذري رهي آهي پر ان جي باوجود ان نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جو دامن پاڪ نه ڇڏيو آهي ۽ مون کي يقين آهي ته الله تعالٰي تمام جلد انهن جي ٻيڙي کي پار ڪري ڇڏيندو. انهن چيو ته نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم فرمايو آهي ته مومن پنهنجي ڀاءُ جي لاءِ آئيني جي مثل آهي جڏهن اهو پنهنجي ڀاءُ جي اندر ڪوئي عيب ، برائي ۽ نقص ڏسي ته اهو ان جي اصلاح ڪري ڇڏي.ان موقعي تي خطاب ڪندي معروف عالم دين علامه عباس ڪميلي چيو ته الله تعالٰي جناب الطاف حسين کي جيڪا عزت نصيب فرمائي آهي اها ٻئي ڪنهن کي به عطا نه فرمائي آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي الحاج ڊاڪٽر جميل راٺوڙ چيو ته الله تعالٰي قرآن پاڪ ۾ فرمائي ٿو ته اهو الله سائين جي دست قدرت ۾ آهي ته اهو جنهن کي چاهي ٿو ته ان کي ملڪ نصيب فرمائي ٿو ۽ جنهن کان چاهي ٿو ته ان کان حاڪميت ۽ ملڪ ڇني وٺي ٿو. هر شي الله تعالٰي جي ئي دست قدرت ۾ آهي.انهن چيو ته الله تعالٰي فوعون کي حڪومت ڏيئي ڪري نيل درياء ۾ غرق ڪري ڇڏيو ۽ موسٰي عليه السلام کي عصا عطا ڪري سرخرو ڪري ڇڏيو. انهن چيو ته جناب الطاف حسين جيڪو نيڪ ڪم شروع ڪيو آهي ان تي ايندڙ نسلون به جناب الطاف حسين کي ياد ڪنديون. محفل جي آخر ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين لنڊن ٽيليفون تي وڏي عاجزي سان دعا به ڪرائي. ان کان اڳ قوال حضرات گڏيل طور تي رنگ به پڙهيو. 


5/9/2024 5:57:00 PM