Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌ جي ضلعن نواب شاھ، ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊو ڄام ۾ مڪاني اليڪشن فوج جي نگراني ۾ڪرايا وڃن.محمد حسين.


 Posted on: 12/28/2015
سنڌ جي ضلعن نواب شاھ، ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊو ڄام ۾ مڪاني اليڪشن فوج جي نگراني ۾ڪرايا وڃن.محمد حسين.
نواب شاھ جا عوام 30 ڊسمبر تي ٿيندڙ مڪاني اليڪشن ۾ حق پرست چيئرمينَ ئي چونڊيندا.سيد امين الحق.
نواب شاھ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس.
نواب شاھ: 28 ڊسمبر 2015 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر محمد حسين مطالبو ڪيو آهي سنڌ جي ضلعن نواب شاھ، ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊو ڄام ۾ مڪاني اليڪشن  فوج جي نگراني ۾ ڪرايا وڃن.انهن چيو ته سڄي سنڌ ۾رينجر کي آپريشن جي لاءِ مڪمل اختيار ڏنا وڃن.انهن خيالن جو اظهار انهن نواب شاھ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبرَ سيد امين الحق ۽ اسلم آفريدي ۽ اسيمبلي ميمبر سليم ٻنڌاڻي به موجود هئا.محمد حسين چيو ته ايم ڪيو ايم ملڪ جي چوٿين وڏي ۽ سنڌ جي ٻئي وڏي جماعت آهي جيڪا فرسوده جاگيرداراڻه ۽ وڏيراڻه نظام جي خلاف ۽ ملڪ جي غريبن کي حق ڏيارڻ جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم سمجهي ٿي ته جمهوريت جي مضبوطي پرامن اليڪشن ۾ ئي پوشيده آهي ۽ اليڪشن جو ماحول اهڙو هجڻ گهرجي جو هر اميدوار آزادي سان پنهنجي اليڪشن مهم کي هلائي سگهي. انهن چيو ته اسان ميونسپل ڪميٽي نواب شاھ جي 43 وارڊن مان 41 وارڊن تي پنهنجا اميدوار نامزد ڪيا آهن. انهن وڌيڪ چيو ته اسان کي ان سلسلي ۾ مڪاني اليڪشن جي حوالي سان ڪيترن ئي پريشانين جو سامنو آهي ۽ اسان کي پرامن ۽ شفاف اليڪشن جي انعقاد تي سخت تحفظات آهن. جن جون تفصيلات اسان معزز صحافين جي ذريعي اختيار رکندڙ ڌرين ۽ عوام جي آڏو رکون ٿا. انهن تفصيلات ٻڌائيندي چيو ته پي پي جي حڪومت اليڪشن ڪميشن سان گڏجي ڪري ميونسپل ڪميٽي نواب شاھ کي 46 وارڊن ۾ ورهايو ۽ مخصوص مفادن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻهراڙي جي علائقن کي شهري علائقن ۾ شامل ڪيو. اسان ان غيرقانوني عمل جي خلاف عدالت سان به رجوع ڪيو ۽ معزز عدالت اسان جي حق ۾ فيصلو ڏيندي سنڌ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن کي پابند ڪيو ته قانون جي تحت ٻهراڙي وارن علائقن کي شهري علائقن مان ڪڍي ڪري منصفانه تڪ بنديون ڪيون وڃن، پر هاڻي به سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن سان گڏجي ڪري غير منصفانه تڪ بنديون ڪيون آهن.جيڪا عدالت جي حڪمن جي سراسر خلاف ورزي آهي. انهن چيو ته اسان هڪ ڀيرو ٻيهر عدالت ويا آهيون جتي اسان کي انصاف ملڻ جي پوري اميد آهي. انهن چيو ته اهڙي قسم جي ڌاندلي ڪري پي پي هر صورت ۾ نواب شاھ جي بلديه تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي. انهن چيو ته سنڌ حڪومت نواب شاھ سميت پوري ضلع ۾ پي پي جا جيالا پوليس آفيسر ۽ پنهنجا من پسند ريٽرننگ آفيسر مقرر ڪيا آهن  ۽ انهن ريٽرننگ آفيسرن جي ذريعي پولنگ اسٽيشن به تبديل ڪيا ويا آهن. انهن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت پوليس آفيسرن کي اهو ٽاسڪ ڏنو آهي ته هر صورت ۾ پي پي جي اميدوارن کي ڪامياب ڪرائڻو آهي. انهن چيو ته 2013 جي اليڪشن ۾ به ايم ڪيو ايم جي ٽن ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو هو ۽ درجنين ڪارڪنن ۽ همدردن کي زخمي ڪيو ويو هو. انهن چيو ته ڪجھھ وقت اڳ وارڊ نمبر 27 جي حق پرست اميدوار عبدالحميد راٺوڙ جي ڀيڻويي کي به قتل ڪيو ويو هو، جنهن جي ايف آئي آر به نه ڪٽي وئي آهي. ان کان علاوه اسان جي ڪارڪنن ۽ همدردن کي اليڪشن ۾ حصو نه وٺڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون ويون آهن. انهن چيو  ته اسان ان سموري صورتحال کان اوهان جي ذريعي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ ملڪ جي اعلٰي اختيارين کان مطالبو ڪريون ٿا ته نواب شاھ ، ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊو ڄام ۾ مڪاني اليڪشن فوج جي نگراني ۾ ڪرايا وڃن ۽ سمورن پولنگ اسٽيشنن جي اندر ۽ ٻاهر فوج مقرر ڪئي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ انهن چيو ته رينجر کي پوري سنڌ ۾ اختيار ڏنا وڃن ۽ ٽارگيٽڊ آپريشن بغير ڪنهن فرق جي ڪيو وڃي. انهن چيو ته ڪراچي جو 85 سيڪڙو مينڊيٽ ايم ڪيو ايم وٽ آهي ۽ نواز شريف پوري ملڪ جا وزير اعظم آهن ته اها انهن جي ذميواري بڻجي ٿي ته اهي چئني صوبن کي پاڻ سان گڏ کڻي ڪري هلن. انهن چيو ته وزير اعظم کي گهربو هو ته جيڪو ڪراچي سڄي ملڪ کي پالي رهيو آهي اهي ان جي مسئلن کي به سمجهن .ان موقعي تي سيد امين الحق به ڳالھھ ٻولھھ ڪئي.


5/9/2024 9:35:18 PM