Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اسان جا ٻچا ٽنڊو الهيار کي دنيا جي نقشي تي چمڪائيندا ۽ انشاء الله تعالٰي سنڌ جو ايندڙ وزير اعلٰي ايم ڪيو ايم جو هوندو. ڊاڪٽر فاروق جو ٽنڊو الهيار ۾ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب.


 Posted on: 12/28/2015
اسان جا ٻچا ٽنڊو الهيار کي دنيا جي نقشي تي چمڪائيندا ۽ انشاء الله تعالٰي سنڌ جو ايندڙ وزير اعلٰي ايم ڪيو ايم جو هوندو.
ڊاڪٽر فاروق جو ٽنڊو الهيار ۾ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب.
ٽنڊوالهيار: 28 ڊسمبر 2015 
                  ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته مخالفن جون ضمانتون اهڙيون ضبط ٿينديون جو آئنده  انهن کي ٽڪيٽ ئي نه ملندا.انهن خيالن جو اظهار انهن ٽنڊو الهيار ۾ هڪ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ تنظيمي ڪميٽي جا ميمبر نبيل احمد خان، شيراز مسعود، اسيمبلي ميمبر محترمه رعنا انصار، دلاور قريشي ۽ قائم مقام زونل انچارج عبدالرحمٰن ايڊووڪيٽ به موجود هئا. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اسان جا ٻچا ٽنڊو الهيار کي دنيا جي نقشي تي چمڪائيندا ۽ انشاء الله تعالٰي ايندڙ وزير اعلٰي سنڌ ايم ڪيو ايم جو هوندو. انهن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ اسان جو وزير اعلٰي بڻايو وڃي ته اسان 6 مهينن ۾ ئي سنڌ جو نقشو تبديل ڪري ڇڏينداسين. انهن چيو ته جيڪي اختيار مشرف دور ۾ هئا. اهي هاڻي نه آهن جنهن جي لاءِ اسان هر فورم تي آواز  اٿارينداسين ۽ عدالت جو  دروازو به کڙڪائينداسين ۽ جيڪڏهن اتي به انصاف نه مليو ته عوام سان گڏجي ڪري ڀرپور تحريڪ هلائينداسين. ان موقعي تي ٻين به خطاب ڪيو. ان کان اڳ انجمن تاجران ٽنڊو الهيار ۽ واپاري اتحاد جي طرفان ڊاڪٽر فاروق ستار جي اعزاز ۾ استقباليه به ڏنو ويو. جنهن کي خطاب ڪندي فاروق ستار چيو ته  وڏيراڻه ۽ جاگيرداراڻه سوچ سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي.ان موقعي تي واپارين حق پرست اميدوارن جي مڪمل حمايت جو اعلان به ڪيو.


5/9/2024 9:24:22 PM