Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

نواب شاھ جا غيرت مند عوام قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان گڏ آهن.رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين ۽ اسلم آفريدي.


نواب شاھ جا غيرت مند عوام قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان گڏ آهن.رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين ۽ اسلم آفريدي.
 Posted on: 12/25/2015
نواب شاھ جا غيرت مند عوام قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان گڏ آهن.رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين ۽ اسلم آفريدي.
نواب شاھ ۾ ريلي کي خطاب.
نواب شاھ: 25 ڊسمبر 2015 
                 ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن محمد حسين ۽ اسلم آفريدي چيو آهي ته سياسي مخالف ڏسي وٺن ته عوام جو اهو سمنڊ ڪنهن وڏيري يا جاگيردارن جي هارين جو نه بلڪه جناب الطاف حسين جي چاهڻ وارن جو آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن اليڪشن مهم جي سلسلي ۾ ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ تنظيمي ڪميٽي جو انچارج عمر قريشي، حق پرست اسيمبلي ميمبر راشد خلجي، ديوان چند چائوله ۽ ٻيا به موجود هئا. ريلي ننڍي مسجد مڪا چوڪ کان شروع ٿي ۽ زونل آفيس تي اختتام پذير ٿي. انهن چيو ته نواب شاھ ۾ ووٽ جي طاقت سان ڪڏهن به سياسي مخالف کٽي نه ٿا سگهن ڇو ته نواب شاھ جا غيرت مند عوام قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان گڏ آهن. انهن چيو ته اڳ ۾ ڏاڍ ، طاقت ۽ انتطاميه جي ذريعي اليڪشن ڇنيو ويندو رهيو آهي پر هاڻي ائين نه ٿيندو. انهن چيو ته نواب شاھ جا عوام هر قيمت تي پنهنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪندا ۽ لغڙ تي ٽپو هڻي ڪري ايم ڪيو ايم جي نامزد اميدوارن کي ڪامياب ڪرائيندا. انهن چيو ته ماضي ۾ اليڪشن کي اسان کان ڇنيو ويو هو ۽ اسان جي ٽن ساٿين کي شهيد به ڪيو ويو هو. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف کان مطالبو ڪيو ته اهي صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائڻ جي لاءِ انتطاميه کي غيرجانبدار ڪن ۽ فوج ۽ رينجر جي جوانن کي پولنگ بوٿ جي اندر ۽ باهر تعينات به ڪن ته جيئن ڪوئي به اڻ وڻڻدڙ واقعو نه ٿي سگهي. ان کان علاوه انهن 20 هندن تي پرچم ڪشائي به ڪئي. 
*****

5/10/2024 12:16:16 AM