Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پوري دنيا جي مسلمانن کي نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي يوم ولادت جي موقعي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مبارڪباد پيش


پوري دنيا جي مسلمانن کي نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي يوم ولادت جي موقعي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مبارڪباد پيش
 Posted on: 12/23/2015
پوري دنيا جي مسلمانن کي نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي يوم ولادت جي موقعي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مبارڪباد پيش
لنڊن: 23 ڊسمبر 2015 
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سڄي دنيا جي مسلمانن کي خاتم الانبياء حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي يوم ولادت جي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي موقعي تي پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ربيع الاول جو مهينو مبارڪ ۽ مقدس مهينو آهي. جنهن ۾ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم هن دنيا ۾ تشريف آندي هئي. انهن فرمايو ته الله تعالٰي جهالت جي اونڌاهين ۾ ٻڏل معاشري ۾  ايمان ۽ علم جي روشني ڦيلائڻ جي لاءِ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم کي هن دنيا ۾ موڪليو ۽ انهن کي صرف مسلمانن جي لاءِ ئي نه بلڪه پوري انسانيت ۽ سمورن جهانن جي لاءِ رحمت بڻائي ڪري موڪليو آهي. نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جو ڪردار  و عمل ۽ تعليمات صرف مسلمانن جي لاءِ ئي نه بلڪه پوري دنيا جي لاءِ مشعل راھ آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم سان محبت ۽ عقيدت جو تقاضا اهو آهي ته مذهبي رواداري، هم آهنگي ۽ انسانيت جي احترام کي فروغ ڏنو وڃي . هڪ ٻئي جي عقيدن جو احترام ڪيو وڃي ۽ دنيا کي امن جو گهوارو بڻائڻ جي لاءِ عملي جدوجهد ڪئي وڃي. جناب الطاف حسين سمورن مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجن خطبن ۾ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي سيرت مبارڪ تي روشني وجهڻ سان گڏو گڏ پاڻ ۾ اتحاد ۽ ڀائيچاري جو درس به ڏين. انهن دعا ڪئي ته الله تعالٰي اسان کي نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي تعليمات تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.آمين.

5/9/2024 1:04:26 PM