Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پروٽوڪول جي ڪري لياري جي معصوم ٻارڙي بسمه جي فوت ٿيڻ جو واقعو قابل مذمت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


پروٽوڪول جي ڪري لياري جي معصوم ٻارڙي بسمه جي فوت ٿيڻ جو واقعو قابل مذمت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 12/23/2015
پروٽوڪول جي ڪري لياري جي معصوم ٻارڙي بسمه جي فوت ٿيڻ جو واقعو قابل مذمت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
لنڊن: 23 ڊسمبر 2015 
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ جي آمد جي موقعي تي ٽريفڪ بند ڪرڻ جي ڪري لياري جي هڪ معصوم ٻارڙي بسمه جي فوت ٿيڻ جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ معصوم بسمه جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته سيڪيورٽي جا قدم کڻڻ  پنهنجي جڳھھ تي پر  پروٽوڪول جي آڙ ۾ سڀئي روڊ رستا بند ڪري شهرين جو رستو بند ڪرڻ ايستائين جو مريضن کي اسپتال وڃڻ کان به روڪي ڇڏڻ ڪٿان جو انصاف آهي. جيڪڏهن اڄ لياري جي ان شخص کي پنهنجي ٻارڙي کي اسپتال وٺي وڃڻ ڏنو هجي ها ۽ اهو وقت تي اسپتال پهچي ها ته ان معصوم ٻارڙي جي جان بچي وڃي ها. جناب الطاف حسين فرمايو ته پروٽوڪول جي نالي تي شهرين سان ظلمن جو سلسلو بند ڪيو وڃي ۽ اهو پروٽوڪول ڪلچر ختم ڪيو وڃي. جناب الطاف حسين معصوم ٻارڙي جي والدين سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا فرمائي ته الله تعالٰي معصوم بسمه کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.


5/9/2024 5:49:25 PM