Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وزير اعلٰي سنڌ، صوبائي وزير داخلا ۽ انهن سان لاڳاپيل اعلٰي آفيسر معصوم ٻارڙي جي فوت ٿيڻ جا ذميوار آهن. نديم نصرت


وزير اعلٰي سنڌ، صوبائي وزير داخلا ۽ انهن سان لاڳاپيل اعلٰي آفيسر معصوم ٻارڙي جي فوت ٿيڻ جا ذميوار آهن. نديم نصرت
 Posted on: 12/23/2015
وزير اعلٰي سنڌ، صوبائي وزير داخلا ۽ انهن سان لاڳاپيل اعلٰي آفيسر معصوم ٻارڙي جي فوت ٿيڻ جا ذميوار آهن. نديم نصرت
سپريم ڪورٽ ڪورٽ ان واقعي تي فوري طور تي سوموٽو ايڪشن وٺي.نديم نصرت
لنڊن: 23 ڊسمبر 2015 
متحده قومي موومينٽ جي قائم مقام ڪنوينر نديم نصرت سول اسپتال ۾ پي پي جي سربراھ بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ جي آمد جي موقعي تي ٽريفڪ بند ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڏهن مهينن جي معصوم ٻارڙي بسمه جي فوت ٿيڻ جي هانءَ ڏاريندڙ واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ معصوم بسمه جي والدين ۽ سمورن پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار به ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ نديم نصرت چيو ته وي وي آئي پي پروٽوڪول جي نالي تي ان طرح سان ٽريفڪ کي بند ڪيو ويو جو  معصوم ٻارڙي پنهنجي والد جي ڪڇ ۾ تڙپندي رهي ۽ وقت تي اسپتال نه پهچڻ جي ڪري انهن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. انهن چيو ته ان معصوم ٻارڙي جي هلاڪت جي ذميواري سنڌ حڪومت تي عائد ٿئي ٿي ۽ وزير اعلٰي سنڌ، صوبائي وزير داخلا ۽ انهن سان لاڳاپيل اعلٰي آفيسر ان ٻارڙي جي هلاڪت جا سڌي ريت ذميوار آهن. انهن چيو ته ايتري وڏي واقعي تي شرمسار ٿيڻ جي بجاءِ پي پي جا صوبائي وزير عذر پيش ڪري ۽ بيهوده بيان ڏيئي ڪري معصوم ٻارڙي جي ڏک ۾ ورتل والدين جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي رهيا آهن.انهن چيو ته وي وي آئي پي پروٽوڪول جي نالي تي شهرين سان جانورن جهڙو سلوڪ ڪرڻ جو سلسلو فوري طور تي بند ڪيو وڃي. انهن سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته اها ان واقعي تي سوموٽو ايڪشن وٺي ۽ ذميوارن تي معصوم ٻارڙي جي قتل جو مقدمو درج ڪيو وڃي.انهن معصوم ٻارڙي جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي معصوم ٻارڙي کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.

5/9/2024 3:24:48 PM