Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

فوج ۽ اسٽيبلشمينٽ خدا جي واسطي مهاجرن کي غدار سمجهڻ ڇڏي ڏين.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


فوج ۽ اسٽيبلشمينٽ خدا جي واسطي مهاجرن کي غدار سمجهڻ ڇڏي ڏين.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 12/20/2015
فوج ۽ اسٽيبلشمينٽ خدا جي واسطي مهاجرن کي غدار سمجهڻ ڇڏي ڏين.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
اسان پاڪستان کي ٽوڙڻ نه ٿا چاهيون بلڪه پاڪستان کي مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا.
جنرل راحيل شريف، سمورا ڪورڪمانڊر، آئي ايس آئي ۽ اسٽيبلشمينٽ جيڪڏهن مهاجرن جي خلاف پکيڙيل نفرت ۽ غلط فهمين کي ختم ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته اها ملڪ جي وڏي خدمت هوندي.
سنڌ جي شهري علائقن جو صوبو بڻايو وڃي، جيڪڏهن اسان صوبي جي قيام جي حق ۾ جدوجهد شروع ڪري ڇڏي ته پوءِ ڀلي ڪهڙي به قرباني ڏيڻي پوي اسان صوبي جي جدوجهد کي نه ڇڏينداسين.
جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ هڪ وڏي جلسي کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن :20 ڊسمبر 2015 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين آرمي چيف جنرل راحيل شريف، سمورن ڪور ڪمانڊرن، آئي ايس آئي ۽ اسٽيبلشمينٽ کي مخاطب ڪندي فرمايو آهي ته مان اوهان کي وڏي ادب ۽ احترام سان درخواست ڪريان ٿو ته خدا جي واسطي مهاجرن کي غدار سمجهڻ ڇڏي ڏيو، اوهان مهاجرن جي خلاف پکيڙيل نفرت ۽ غلط فهمين کي ختم ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو ته اها ملڪ جي وڏي خدمت هوندي. فوج ۽ ايم ڪيو ايم ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڇڏيو ته دنيا جي ڪائي به طاقت پاڪستان ڏانهن ميري اک کڻي ڏسي نه ٿي سگهي. انهن خيالن جو اظهار انهن جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ هڪ وڏي جلسي کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو. جلسي ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي لاءِ نامزد اميدوارن وسيم اختر ۽ ارشد وهره، چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن تحريڪ سان وفاداري ۽ عوام جي بغير ڪنهن فرق جي خدمت ڪرڻ جو حلف به کنيو. انهن کان حلف ڊاڪٽر فاروق ستار ورتو.جناب الطاف حسين آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڪورڪمانڊرن، آئي ايس آئي ۽ اسٽيبلشمينٽ کي مخاطب ڪندي فرمايو ته سٺا ۽ خراب ماڻهو هر پارٽي ۽ قوم ۾ هوندا آهن.پر ڪجھھ ماڻهن جي ڪري پوري پارٽي يا قوم کي غلط سمجهڻ ڪنهن به طرح صحيح  نه آهي.جيڪڏهن اوهان جي اطلاعن جي مطابق ايم ڪيو ايم جا ڪجھھ ماڻهو ڪنهن جا ايجنٽ بڻيا ته پاڪستان ۾ ڪهڙي پارٽي يا قوم آهي جنهن سان تعلق رکڻ وارا ماڻهو ڪنهن طاقت جا ايجنٽ نه بڻيا هجن؟ ايستائين جو فوج سان تعلق رکڻ وارا ماڻهو به ٻين طاقتن جا ايجنٽ بڻيا ته ان بنياد تي ڇا پوري فوج کي غدار چوڻ درست هوندو؟ جيڪڏهن ن ليگ ۾ ڪجھھ ماڻهو ڪنهن جا ايجنٽ هجن ته ڇا پوري مسلم ليگ ن کي غدار چيو ويندو؟ ڀٽي جي ڦاهي کان پوءِ جڏهن پي پي جي خلاف آپريشن ٿيو ته پي پي جي ماڻهن به ٻين ملڪن ۾ وڃي ڪري پناھ ورتي هئي ۽ ڪجھھ ماڻهو انڊيا به ويا. پي پي جي اڳواڻ ۽ سابق گورنر پنجاب ملڪ غلام مصطفٰي کر ته ايترو به چيو ته اسان ڀارتي ٽينڪن تي ويهي ڪري اينداسين. پر سڀني کي ته معاف ڪيو ويو  پر مهاجرن جي خلاف پيدا ڪيل نفرتون ختم نه ٿي رهيون آهن. جناب الطاف حسين آرمي چيف جنرل راحيل شريف ، سمورن ڪورڪمانڊرن، آئي ايس آئي ۽ اسٽيبلشمينٽ کي مخاطب ڪندي فرمايو ته مان اوهان کي وڏي ادب ۽ احترام سان گذارش ڪريان ٿو ته خدا جي واسطي مهاجرن کي غدار سمجهڻ ڇڏي ڏيو. انهن کي غلط نه سمجهو ۽ مهاجرن جي باري ۾ پنهنجي پاليسي کي تبديل ڪريو. جيڪڏهن اوهان مهاجرن جي خلاف پکيڙيل نفرت ۽ غلط فهمين کي ختم ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو ته اها ملڪ جي سڀني کان وڏي خدمت هوندي. فوج ۽ ايم ڪيو ايم ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري گڏ بيهجي ويا ته  دنيا جي ڪائي به طاقت پاڪستان ڏانهن ميري اک کڻي ڪري ڏسي نه ٿي سگهي. جناب الطاف حسين واضع لفظن ۾ چيو ته اسان پاڪستان کي ٽوڙڻ نه ٿا چاهيون بلڪه پاڪستان کي مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا. اسان نه پاڪستان جي  خلاف ۽ نه فوج جي خلاف آهيون بلڪه اسان لٽ مار ۽ ڪرپشن جي خلاف آهيون.اسان بدعنواني ۽ ڪميشن وٺي ڪري ٻه نمبر ڪم ڪرڻ وارن جي خلاف آهيون. اسان ملڪ جي خدمت ڪرڻ چاهيون ٿا. پوري ملڪ کي ترقي ڏيارڻ چاهيون ٿا. اسان سڄي ملڪ ۾ روڊن، فلائي اوورن ۽ انڊر پاسز جو ڄار وڇائڻ چاهيون ٿا. سڄي ملڪ ۾ ننڍا وڏا ڊيم بڻائڻ چاهيون ٿا. اسان چئون ٿا ته ڪالاباغ ڊيم جي باري ۾ جيڪڏهن ماضي ۾ ڪائي سنجيده ويهڪ نه ٿي آهي ته هاڻي ڪري وٺو، سنڌي ۽ ٻين ماهرن کي ساڻ ويهاريو. ڪالاباغ ڊيم تي تفصيلي ڳالھھ ٻولھھ ڪريو. سنڌ جي ماڻهن جا خدشا دور ڪريو ۽ پوءِ ڪالاباغ  ڊيم به بڻايو. جناب الطاف حسين ڊي جي رينجر ميجر جنرل بلال اڪبر کي به مفاهمت جي دعوت ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ماضي ۾ اسان جي ۽ اوهان جي وچ ۾ ڪجھھ غلط فهميون ٿيون هجن ته ان تي مٽي وجهو. اچو ته اسان وطن جي خاطر نئين سري کان سٺن تعلقاتن جو آغاز ڪريون ۽ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ هڪ نئون سوشل ڪنٽريڪٽ ڪريون. مان اوهان کي يقين ڏياريان ٿو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جي صف ۾ شامل ڪوئي ماڻهو چوري، ڀتا خوري ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث هجي ته ان کي گرفتار ڪري عدالت ۾ ان تي مقدمو هلايو وڃي ۽ ڏوھ ثابت ٿي وڃي ته ان کي جيل ۾ نه بلڪه چوڪ تي سزا ڏيو. جناب الطاف حسين ڊي جي رينجر ميجر جنرل بلال اڪبر کي مخاطب ڪندي فرمايو ته رينجر ٻه ڀيرا نائن زيرو تي ڇاپو هنيو، ڪيترن ئي مهاجر علائقن ۾ به ڇاپا هنيا ويا. پر ڪنهن هڪ به علائقي ۾ رينجر يا ڪنهن پوليس واري تي بندوق جي گولي ته ڇا انهن کي ڪوئي ڇرو به لڳو؟ جڏهن ته ٻئي طرف رينجر ۽ پوليس جڏهن به لياري ۾ ايڪشن ڪيو ته اتي انهن تي دستي بمن ۽ جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي وئي. اتان رينجر ۽ پوليس وارن جون لاشون آيون. اتحاد ٽائون، سهراب ڳوٺ يا ٻئي ڪنهن اهڙي علائقي ۾ پوليس ۽ رينجر ڪاروائي ڪرڻ وئي ته اتي مقابلا ٿيا. اتي انهن تي حملا ٿيا ۽ رينجر ۽ پوليس جي جوانن کي شهيد ڪيو ويو. اڄ بي بي سي، نيويارڪ ٽائيمز ۽ وال اسٽريٽ جرنل سميت پوري عالمي ميڊيا ۾ واضع طور تي اچي رهيو آهي ته اتحاد ٽائون ۽ ڪجھھ ٻين علائقن ۾ طالبان، داعش ۽ ٻين پابندي وڌل تنظيمن جا مضبوط ٺڪاڻا قائم ٿي ويا آهن ۽ اتي پوليس ۽ رينجر وڃي ٿي ته انهن تي حملا ٿين ٿا. جناب الطاف حسين آرمي چيف جنرل راحيل شريف ، سمورن ڪورڪمانڊرن، آئي ايس آئي ۽ اسٽيبلشمينٽ کي يقين ڏياريندي چيو ته اسان ڪنهن به زبان ڳالهائڻ واري يا ڪنهن به فقه، مسلڪ يا مذهب سان تعلق رکڻ واري ماڻهو سان نفرت نه ٿا ڪريون ، اهي اسان جا ڀائر آهن. اسان پنجابي، پختون، سنڌي، بلوچ، هزاري وال، سرائيڪي، ڪشميري، گلگتي بلتستاني يا ڪنهن به برادري سان وڙهڻ نه ٿا چاهيون. اسان لياري وارن سان به وڙهڻ نه ٿا چاهيون. بلڪه اسان لياري وارن کي به دعوت ڏيون ٿا ته اوهان نائن زيرو تي اچو، نائن زيرو اوهان جو گهر آهي. اوهان ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيو ۽ لياري کي به ايم ڪيو ايم جو ڳڙھ بڻايو. انهن فرمايو ته ماضي ۾ به ڪراچي ۾ هڪ سازش جي تحت پنجابي مهاجر، پختون مهاجر ۽ سنڌي مهاجر فساد ڪرايا ويا. علي ڳڙھ ڪالوني، قصبه ڪالوني ۽ ٻين مهاجر آبادين تي حملا ٿيا، حيدرآباد ۾ پڪا قلعي تي حملو ٿيو، ٻين علائقن ۾ مهاجرن تي حملا ٿيا. انهن جو قتل عام ڪيو ويو، پر اسان ڪڏهن به ڪنهن جي وسنديءَ تي حملو نه ڪيو. ڇو ته اسان ڪنهن سان وڙهڻ نه ٿا چاهيون. بلڪه سڀني کي پنهنجو ڀاءُ سمجهون ٿا. ماضي ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف ان قدر ڪوڙو ۽ بي بيناد زهريلو پروفيگنڊو ڪيو ويو جو ٻين قومن سان تعلق رکڻ وارا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ايم ڪيو ايم کان نفرت ڪرڻ لڳيون. انهن فرمايو ته مان پنجابي، پختون، هزاري وال، سنڌي، بلوچ ۽ ٻين قومن جو نه بلڪه ملڪ ۽ قوم کي لٽڻ وارن جو دشمن آهيان. مان ڪنهن قوم جو خاتمو نه ٿو چاهيان بلڪه مان فرسوده جاگيرداراڻه ۽ وڏيراڻه نظام جو خاتمو چاهيان ٿو. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي عمل ۽ ڪردار ثابت ڪيو آهي ته اسان ڪنهن به قوم سان نفرت نه ٿا ڪريون. بلڪه سڀني کي پنهنجو ڀاءُ سمجهون ٿا. اهو ئي ڪارڻ آهي ته هن اليڪشن ۾ صرف مهاجرن ئي نه بلڪه سڀني زبانون ڳالهائڻ وارن ماڻهن ايم ڪيو ايم کي ووٽ ڏنا. انهن ايم ڪيو ايم کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرائڻ تي سمورين قومن، برادرين ۽ تمام مڪاتب فڪر سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن جو دل جي گهرائين سان شڪريو به ادا ڪيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته هن اليڪشن ايم ڪيو ايم جي تاريخي ڪاميابي جي باري ۾ ڦيلايل سڄي منفي تاثر کي بلڪل بدلي ڇڏيو آهي. ايم ڪيو ايم جا مخالف هميشه اهو پروفيگنڊا ڪندا آيا آهن ته ايم ڪيو ايم وارا ٽپا لڳائن ٿا ۽ ڌاندلي سان ڪامياب ٿين ٿا، پر ڪراچي جي اين اي 246 تي ننڍي چونڊ ٿي مخالف مذهبي ۽ سياسي جماعتن مطالبو ڪيو ته پولنگ اسٽيشنن جي اندر ۽ ٻاهر فوج مقرر ڪئي وڃي. ڪيميرا به لڳايا وڃن، اسان جي دل ۾ چور نه هو ان جي ڪري اسان ان جي مخالفت نه ڪئي. ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ جي باري ۾ منفي پروفيگنڊو ڪرڻ وارا تعصب پرست تجزيه نگار وڏي خوشي سان چوندا هئا ته هاڻي پولنگ بوٿ جي اندر رينجر هوندي، هاڻي ايم ڪيو ايم کٽي ڏيکاري. دنيا ڏسي ورتو ته تمام تر پابندين ۽ ڪڙي نگراني جي باوجود به ايم ڪيو ايم وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي ۽ عوام ايم ڪيو ايم کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب بڻائي ڪري مخالفن جي منھھ تي پنهنجن ووٽن جون زوردار ٿپون وهائي ڪڍيون. وري مڪاني اليڪشن ويجهو آيا ته تڏهن به تعصب پرست ماڻهن ايم ڪيو ايم جي باري ۾ منفي تجزيه پيش ڪيا پر ايم ڪيو ايم مڪاني اليڪشن جي پهرين مرحلي ۾ سکر، ٻئي مرحلي ۾ حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي. جڏهن مڪاني اليڪشن جو ٽيون مرحلو آيو ته تڏهن به تعصب پرست تجزيي نگارن پنهنجي تعصب واري سوچ جي تحت اهو ئي تبصرو ڪيو ته هن ڀيري ڪراچي ۾ مقابلو تمام سخت آهي. ايم ڪيو ايم جيڪڏهن ڪراچي ۾ کٽي به وئي ته تمام گهٽ ووٽن سان کٽندي. پر ڪراچي ۾ فوج جي نگراني ۾ ٿيندڙ مڪاني اليڪشن ۾ به ايم ڪيو ايم وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ دنيا کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڏيکاري ڇڏيو ته ايم ڪيو ايم ڌاندلي سان ڪامياب نه ٿي ٿئي. بلڪه عوام جي ووٽن سان ئي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿئي ٿي. جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان صرف پنهنجو حق گهريو ته اسان تي ظلمن جا جبل ٽوڙيا ويا، اسان جي هزارين ساٿين کي شهيد ڪيو ويو، پر هاڻي اسان جو به اهو فيصلو آهي ته جنهن ڏينهن اسان باقائده اهو مطالبو ڪري ڇڏيو ته سنڌ جي شهري علائقن جو صوبو بڻايو وڃي ۽ اسان صوبي جي قيام جي جدوجهد شروع ڪري ڇڏي ته پوءِ ڪهڙي به قرباني ڏيڻي پوي اسان صوبي جي جدوجهد نه ڇڏينداسين. جناب الطاف حسين فرمايو ته جڏهن کان اسان تحريڪ شروع ڪئي آهي ته تڏهن کان وٺي اسان جو ڪردار خراب ڪرڻ ۽ عوام کي اسان کان بدظن ڪرڻ جي لاءِ هر واقعي جو الزام ايم ڪيو ايم تي ٿوپيو پيو وڃي. هر قتل ۽ دهشت گردي جي واقعي ۾ ايم ڪيو ايم کي ملوث ڪيو پيو وڃي. بلديه ٽائون فيڪٽري ۾ باھ لڳڻ جو واقعو ٿيو ته ان جو الزام به بغير ڪنهن سوچڻ سمجهڻ  جي ايم ڪيو ايم جي مٿان لڳايو ويو. جڏهن ته مان صاف لفظن ۾ چيو هو ته جيڪڏهن ان ۾ ايم ڪيو ايم جو ڪوئي به ماڻهو ملوث هجي ته ان کي سرعام چوڪ تي ڦاهي ڏني وڃي. بوهري ۽ اسماعيلي برادري جن ڪراچي جي ترقي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. بوهري برادري جي مسجد تي حملو ٿيو ته ان ۾ به ايم ڪيو ايم کي ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اهڙي طرح جڏهن صفورا سانحي ۾ اسماعيلي برادري جي بس تي فائرنگ جو واقعو ٿيو ته ان جو الزام به ايم ڪيو ايم جي مٿان ٿوپڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پر صفورا سانحي ۾ ملوث جيڪي دهشت گرد پڪڙيا ويا اهي سمورا هڪ مذهبي سياسي جماعت جي شاگرد تنظيم سان لاڳاپيل نڪتا. ان ۾ يونيورسٽي جا استاد ۽ عورتون به ملوث پاتيون ويون. اهڙي طرح ڪراچي يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر شڪيل اوج ۽ پروفيسر وحيد جي قتلن ۾ به شروع ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي ملوث ڪيو ويو پر هاڻي انهن جا اصل قاتل گرفتار ٿيا آهن جيڪي پابندي وڌل تنظيم سان تعلق رکن ٿا. مان چئي رهيو آهيان ته ڪراچي ۾ القائده ۽ داعش ڦيلجي رهي آهي. ان کان انڪار ڪيو ويو پر بعد ۾ اهو ئي سچ نڪتو. انهن فرمايو ته اها ڳالھھ ريڪارڊ تي آهي ته القائده جا سمورا ماڻهو جماعت اسلامي جي گهرن مان پڪڙيا ويا آهن. جماعت اسلامي ئي حقيقت ۾ پاڪستان ۾ دهشت گردي ۾ ملوث آهي.ان جي ڪري ان تي فورن پابندي هنئي وڃي. جناب الطاف حسين سمورن نون چونڊيل نمانئدن کي اليڪشن ۾ شاندار ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪندي فرمايو ته اها ڪاميابي شهيدن جي رت جي صدقي ۽ تحريڪ جي گمنام ڪارڪنن جي بدولت آهي. انهن شهيد ڪارڪنن کي خراج عقيدت پيش ڪندي دعا فرمائي ته الله تعالٰي شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ گمنام ڪارڪنن کي به سلامت رکي.انهن مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ ڏينهن رات ڪم ڪرڻ تي رابطا ڪميٽي پاڪستان و لنڊن، سي اي سي، سمورن شعبن، يونٽن ۽ سيڪٽرن جي ڪارڪنن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ سمورن نون چونڊيل نمائندن ۽ جلسي جي شرڪاء کي چيو ته اهي اٿي بيهي ڪري انهن کي سلوٽ پيش ڪن. جنهن تي سمورن اٿي بيهي ڪري انهن کي سلوٽ پيش ڪيو. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي نامزد ميئر ڊپٽي ميئر ۽ ٻين نمائندن کي پنهنجي حفاظت ۾ رکي. انهن کي عوام جي وڌ کان وڌ خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. تحريڪ جي غيب سان مدد ڪري. الله تعالٰي غير شادي شده ڀينرن ۽ نياڻين جي لاءِ سٺن رشتن جو بندوبست ڪري، امتحان ڏيڻ وارن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي امتحان ۾ پاس ڪري. انهن سمورن مرحومن جي لاءِ  مغفرت جي دعا به ڪئي ۽ سمورن نوجوانن کي تلقين ڪئي ته اهي پنهنجي والدين، استادن، بزرگن ۽ عورتن جو احترام ڪن. انهن شاندار جلسي جا انتظام ڪرڻ وارن ڪارڪنن کي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو. 


5/13/2024 8:06:17 AM