Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي کي ان جا جائز وسيلا ڏنا وڃن ۽ آدمشماري به ڪرائي وڃي ته جيئن ان کي اصل حق ملي سگهي.ڊاڪٽر فاروق ستار.


ڪراچي کي ان جا جائز وسيلا ڏنا وڃن ۽ آدمشماري به ڪرائي وڃي ته جيئن ان کي اصل حق ملي سگهي.ڊاڪٽر فاروق ستار.
 Posted on: 12/19/2015
ڪراچي کي ان جا جائز وسيلا ڏنا وڃن ۽ آدمشماري به ڪرائي وڃي ته جيئن ان کي اصل حق ملي سگهي.ڊاڪٽر فاروق ستار.
سمورا چونڊيل مڪاني نمائندا بغير ڪنهن فرق جي ڪراچي جي عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ پوري ڪوشش ڪندا.وسيم اختر.
نائن زيرو جناح گرائونڊ ۾ حلف برداري جي تقريب کي خطاب.
ڪراچي: 19 ڊسمبر 2015 
                    متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته سنڌ حڪومت کي ان شهر جي مڪاني نمائندن کي هر صورت ۾ اختيار ڏيڻا پوندا ته جيئن ڪراچي جي عوام جي مسئلن کي حل ڪري سگهجي. انهن خيالن جو اظهار انهن جناح گرائونڊ ۾ چونڊيل مڪاني نمائندن جي حلف برداري جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان ، رابطا ڪميٽي جو ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا ۽ رابطا ڪميٽي جا ميمبر، سينيٽر، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر ۽ ڪارڪن هزارن جي تعداد ۾ موجود هئا. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ڪراچي کي ان جا جائز وسيلا ڏنا وڃن ۽ هتي آدمشماري به ڪرائي وڃي ته جيئن ڪراچي کي ان جو اصل حق ملي سگهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم اليڪشن ڪنهن سياسي جماعت جي خلاف نه کٽيو آهي بلڪه ان تاثر ۽ پروفيگنڊي جي خلاف کٽيو آهي جيڪو گذريل ڪيترن سالن کان ميڊيا ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف ڀرپور انداز ۾ ڪيو ويندو رهيو آهي، انهن  چيو ته اليڪشن ۾ عوام حق پرست اميدوارن کي ڪامياب ڪري سمورن منفي پروفيگنڊن کي بلڪل رڌ ڪري ڇڏيو آهي. انهن چيو ته اسان اڄ عهد ڪيو آهي ته مڪاني نمائندن وٽ جيترا به اختيار ۽ وسيلا آهن جناب الطاف حسين جي تعليمات جي مطابق اسان انهن ئي سان عوام جي خدمت ڪنداسين ۽ بي اختياري ۾ به عوام جي خدمت جي مثال قائم ڪنداسين ۽ ڪراچي جي مسئلن کي حل ڪري گذريل پنجن سالن جي سموري جمود کي ٽوڙي ڇڏينداسين. ان موقعي تي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبر ڪنور نويد جميل چيو ته اڄ جيڪي نمائندا ڪراچي جي مڪاني حڪومت جي لاءِ نامزد ڪيا ويا آهن اهي صرف ان جي لاءِ ته ڪراچي جي عوام ماضي وانگر هن ڀيري به جناب الطاف حسين تي پنهنجي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ۽ انهن جي نامزد ڪيل اميدوارن کي ووٽ ڏنو آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وسيم اختر چيو ته جناب الطاف حسين اسان کي ڪراچي جي عوام جي خدمت جي لاءِ چونڊيو آهي ۽ هاڻي اسان جو فرض آهي ته اسان ايمانداري سان پنهنجو ڪم ڪريون ۽ تنظيم جي اعتماد تي پورو لهون. انهن چيو ته اسان جي ڪاميابي تحريڪ جي شهيدن جي قربانين،جناب الطاف حسين جي اعتماد ۽ عوام جي محبت جو ثمر آهي. جنهن تي مان جناب الطاف حسين ۽ عوام جو شڪر گذار آهيان ۽ انهن جي اميد تي پورو لهڻ جي پوري ڪوشش ڪندس. ان موقعي تي ڪراچي جي لاءِ نامزد ڊپٽي ميئر ارشد وهره به خطاب ڪيو. 
*****

5/13/2024 12:24:25 PM