Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حڪمرانن مڪاني نمائندن کي اختيار نه ڏنا ته ڪراچي جي عوام جي تائيد سان پنهنجو حق حاصل ڪنداسين. ڊاڪٽر فاروق ستار.


حڪمرانن مڪاني نمائندن کي اختيار نه ڏنا ته ڪراچي جي عوام جي تائيد سان پنهنجو حق حاصل ڪنداسين. ڊاڪٽر فاروق ستار.
 Posted on: 12/18/2015
حڪمرانن مڪاني نمائندن کي اختيار نه ڏنا ته ڪراچي جي عوام جي تائيد سان پنهنجو حق حاصل ڪنداسين. ڊاڪٽر فاروق ستار.
ڪراچي جي ترقي جي لاءِ سمورن اختلافن کي هڪ پاسي رکي ڪري سمورين سياسي جماعتن کي ساڻ وٺي ڪري هلنداسين. وسيم اختر.
ايئر پورٽ ۽ نائن زيرو تي استقبال جي موقعي تي خطاب.
ڪراچي: 18 ڊسمبر 2015 
                 متحده قومي موومينٽ جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار جناب الطاف حسين جي طرفان نامزد ڪيل ميئر وسيم اختر جو نائن زيرو تي استقبال ڪيو ۽ انهن کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته مڪاني اليڪشن ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص کان حق پرست اميدوارن جي تاريخي ڪاميابي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي نظريي جي سچائي ۽ سڄي ملڪ جي مظلومن، غريبن ۽ وچولي طبقي جي عوام جي ڪاميابي آهي.انهن خيالن جو اظهار انهن وسيم اختر جو نائن زيرو تي استقبال ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي، سي اي سي ميمبر ۽ ڪارڪنن جي به تمام وڏي تعداد موجود هئي.ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ڪراچي پاڪستان جي ترقي جو انجڻ ۽ هڪ قومي شهر آهي ۽ جڏهن ڪراچي جو ڦيٿو هلندو ته پاڪستان به ترقي ڪندو. انهن چيو ته ڪراچي جو ميئر ۽ ڊپٽي ميئر سنڌ جي ٻين سمورن شهري علائقن جي مڪاني نمائندن سان به تعاون ڪندا ۽ انهن شهرن جي لاءِ به پنهنجي مدد فراهم ڪندا. انهن چيو ته ماضي ۾ به آزمائشن کي جناب الطاف حسين جي رهنمائي سان ڪاميابي ۾ تبديل ڪيو هو ۽ اڄ به ائين ئي ڪنداسين. انهن چيو ته ميئر وٽ اختيار نه آهن پر اسان گهٽ اختيارن ۽ وسيلن جي باوجود به ڪراچي کي گلستان بڻائڻ جي پوري ڪوشش ڪنداسين، جيئن آزادي کان پوءِ اسان جي ابن ڏاڏن اختيار ۽ وسيلا بلڪل نه هجڻ جي باوجود به پاڪستان کي پنهنجن پيرن تي بيهاري ڇڏيو هو.انهن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ ڀيرو ٻيهر ماضي جي ڀرپور جذبي سان اڀري ڪري سامهون آئي آهي. جيڪڏهن حڪمرانن مڪاني ادارن جي نمائندن کي اختيار نه ڏنا ته ڪراچي ۾ وسندڙ برادرين ۽ قومن جي مدد سان پنهنجو حق حاصل ڪنداسين. ان موقعي تي خطاب ڪندي وسيم اختر چيو ته مڪاني اليڪشن ۾ تاريخي فتح حق پرست شهيدن جي رت جو ڦر آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم هر دور ۾ زيادتين ۽ ناانصافين کي منھھ ڏنو آهي پر صبر جو دامن ڪڏنهن به نه ڇڏيو آهي.انهن چيو ته جناب الطاف حسين جو فلسفو امن پسندي جو فلسفو آهي. جنهن تي اسان اڄ به عمل ڪري رهيا آهيون. انهن چيو ته اسان ڪراچي جي ترقي جي لاءِ سمورن اختلافن کي هڪ پاسي رکي ڪري پي پي ، پي ٽي آئي ۽ جماعت اسلامي سميت سمورين جماعتن ۽ مقامي انتظاميه کي به شهر جي عوام جي وسيع تر مفاد ۾ ساڻ کڻي ڪري هلنداسين ۽ ايم ڪيو ايم کي جنهن ووٽ نه به ڏنو آهي انهن جي به دل سان خدمت ڪنداسين. ان موقعي تي ڊپٽي ميئر ارشد وهره به خطاب ڪيو. 
*****

5/14/2024 11:02:43 AM