Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌ ۾ مڪاني اليڪشن جي ملتوي ٿيل سيٽن تي به حق پرست اميدوارن ڪاميابي حاصل ڪري ورتي


سنڌ ۾ مڪاني اليڪشن جي ملتوي ٿيل سيٽن تي به حق پرست اميدوارن ڪاميابي حاصل ڪري ورتي
 Posted on: 12/16/2015
سنڌ ۾ مڪاني اليڪشن جي ملتوي ٿيل سيٽن تي به حق پرست اميدوارن ڪاميابي حاصل ڪري ورتي
ڪراچي: 17 ڊسمبر 2015 
مڪاني اليڪشن جي ملتوي ٿيل  سيٽن تي به  ايم ڪيو ايم جي نامزد حق پرست اميدوارن وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. تفصيلات جي مطابق سنڌ ۾ ڪجھھ ملتوي ٿيل سيٽن تي  اليڪشن ٿيا جن ۾ يوسي 28، وارڊ نمبر 1 کان ايم ڪيو ايم جو جنرل ڪائونسلر 1280 ووٽ وٺي ڪري ڪامياب ٿيو، جڏهن ته انهن جي مقابلي ۾ جماعت اسلامي جي اميدوار فقط 15 ووٽ حاصل ڪيا.اهڙي طرح حيدر آباد ميونسپل ڪارپوريشن يوسي 8 کان ايم ڪيو ايم جا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين به 1990 ووٽ وٺي ڪري ڪامياب ٿيا ۽ ٽائون ڪميٽي هوسڙي حيدرآباد جي وارڊ نمبر 2 ۽ 4 ۾ به ايم ڪيو ايم جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن. جڏهن ته انهي وارڊ نمبر 5 کان به ايم ڪيو ايم جو حمايت يافته آزاد اميدوار 523 ووٽ وٺي ڪري ڪامياب ٿيو آهي. ان کان علاوه رابطا ڪميٽي حق پرست اميدوارن کي واضع اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.

5/13/2024 4:42:12 PM