Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وسيم اختر ڪراچي جي سمورين نسلن ۽ ثقافتي قومن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن جي بغير ڪنهن فرق جي خدمت ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


وسيم اختر ڪراچي جي سمورين نسلن ۽ ثقافتي قومن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن جي بغير ڪنهن فرق جي خدمت ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 12/17/2015
وسيم اختر ڪراچي جي سمورين نسلن ۽ ثقافتي قومن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن جي بغير ڪنهن فرق جي خدمت ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ ۾ ڪراچي جي لاءِ نامزد ميئر وسيم اختر سان ملاقات ۾ ڳالھھ ٻولھھ
مان ڊپٽي ميئر، سمورن ضلعي چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن سان گڏجي ڪري هڪ ٽيم وانگر  ڪم ڪندس.وسيم اختر
لنڊن: 17 ڊسمبر 2015 
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي جي ميئر جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي نامزد اميدوار وسيم اختر کي تلقين ڪئي آهي ته اوهان صرف اردو ڳالهائڻ وارن جا نه بلڪه پوري ڪراچي جا ميئر هوندوء. ان جي ڪري اوهان ڪراچي جي سمورين  قومن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي بغير ڪنهن فرق جي خدمت ڪجو. اها ڳالھھ انهن انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن ۾ وسيم اختر سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي فرمائي. انهن وسيم اختر کي تلقين ڪئي ته ڪراچي هڪ ڪاسموپوليٽن شهر آهي، جنهن ۾ مختلف قومون ، برادريون ۽ مختلف مذهبن سان تعلق رکڻ وارا ماڻهو رهن ٿا. اوهان جو فرض آهي ته اوهان جهڙي طرح اردو ڳالهائڻ وارن جي خدمت ڪريو اهڙي طرح سمورين قومن ، برادرين ،مذهبن ۽ عقيدن جي مڃڻ وارن جي به خدمت ڪجو. ڪراچي مختلف مسئلن جو شڪار آهي ان جي ڪري اوهان ڊپٽي ميئر، سمورن ضلعي چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن سان گڏجي ڪري ڪراچي جي ترقي جي لاءِ ڪم ڪجو. اسڪولن ۽ اسپتالن جي حالت بهتر بڻائجو. شهر جي ٽرانسپورٽ سسٽم کي بهتر بڻائجو، وڌيڪ فلائي اوور بڻائجو، پاڻي جي فراهمي ۽ سيوريج جي نظام کي بهتر بڻائجو. پاڻي جا ريزر وائر ننڍا ننڍا ڊيم بڻائجو، ڊي سيلينيشن پلانٽ لڳائجو ۽ شهر ۾ صفائي سٿرائي جي نظام کي بهتر بڻائجو. جناب الطاف حسين وسيم اختر کي چيو ته شهر ۾ امن جي قيام جي سلسلي ۾ به اوهان پوليس، رينجر  ۽ سمورن لاء انفورسمينٽ ايجنسيز سان گڏجي ڪري ڪوششون ڪجو. شهر مان ڏوهاري  ماڻهن جي خاتمي جي لاءِ بغير ڪنهن فرق جي ڪاروائي ڪجو. انهن وسيم اختر کي خاص طور تي اها به تلقين ڪئي ته ڪارڪن تحريڪ جي ڪرنگهي جي هڏي هوندا آهن. ان جي ڪري انهن جو دل نه ڏکائجو. انهن سان نرمي سان پيش اچجو. ان موقعي تي وسيم اختر قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ رابطا ڪميٽي جو شڪريو ادا ڪندي جناب الطاف حسين کي يقين ڏياريو ته اهي ڊپٽي ميئر ، سمورن ضلعي چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن سان گڏجي ڪري هڪ ٽيم وانگر ڪم ڪندا ۽ سڀ گڏجي ڪري شهر جي ترقي ۽ شهرين جي مسئلن جي حل جي لاءِ ڪوششون ڪنداسين.


5/13/2024 9:31:06 PM