Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

16 ڊسمبر پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


 Posted on: 12/17/2015
16 ڊسمبر پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
ان ڏينهن پاڪستان ٻه اڌ ٿيو ۽ آرمي پبلڪ اسڪول ۾ طالبان دهشت گردن معصوم شاگردن ۽ استادن جي رت سان هولي کيڏي
طالبان ۽ ٻيا جهادي ماڻهو مونسٽر بڻجي چڪا آهن، هن مهل تائين اهي فوجين سميت 70 هزار پاڪستانين کي خودڪش حملن ۽ ڌماڪن ۾ شهيد ڪري چڪا آهن
نئين نسل کي ننڍي کنڊ جي آزادي جي عظيم اڳواڻڻ جي باري ۾ ڪجھھ به نه ٿو ٻڌايو وڃي ۽ هڪ طرفه تاريخ پڙهائي وڃي ٿي
اوڀر پاڪستان سانحي، آرمي پبلڪ اسڪول سانحي ۽ قصبه علي ڳڙھ سانحي جي شهيدن جي ورسي جي اجتماع کي وڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب
لنڊن: 17 ڊسمبر 2015
 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته 16 ڊسمبر پاڪستان جي تاريخ جو هڪ ڪارو ڏينهن آهي. ان ڏينهن پاڪستان ٻه اڌ ٿيو، پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول ۾ طالبان دهشت گردن ننڍڙن معصوم شاگردن ۽ استادن جي رت سان هولي کيڏي ، وقت جو تقاضا آهي ته پاڪستان مان طالبان، القائده ۽ داعش جو مڪمل خاتمو ڪيو وڃي ۽ انهن کي ڪنهن به ملڪ جي خلاف پراڪسي وار جي لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي. انهن خيالن جو اظهار انهن لال قلعه گرائونڊ عزيزآباد ۾ اوڀر پاڪستان سانحي، آرمي پبلڪ اسڪول سانحي ۽ قصبه علي ڳڙھ سانحي جي شهيدن جي ورسي جي سلسلي ۾ منعقد ٿيندڙ اجتماع کي وڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب ڪندي فرمايو . اجتماع ۾ نون چونڊيل مڪاني نمائندن، اسيمبلي ميمبرن، تنظيمي شعبن جي ميمبرن، يونٽن ۽ سيڪٽرن جي ڪارڪنن سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته بدقسمتي سان نئين نسل کي پاڪستان جي ا صل تاريخ کان آگاھ نه ڪيو ويو آهي. انهن کي اهو ٻڌايو ويو آهي ته موجوده پاڪستان ئي شروع کان دنيا جي نقشي تي موجود آهي. نئين نسل کي هڪ سازش جي تحت اوڀر پاڪستان جي تاريخ کان اڻ ڄاڻ رکيو ويو. انهن کي اهو نه ٿو ٻڌايو وڃي ته 14 آگسٽ 1947 تي دنيا جي نقشي تي اڀرڻ وارو ملڪ پاڪستان 16 ڊسمبر 1971 تي ٻه اڌ ٿي ويو هو ۽ هڪ حصو الڳ ٿي ڪري بنگله ديش بڻجي ويو. انهن فرمايو ته نئين نسل کي صرف قائد اعظم ۽ علامه اقبال جي باري ۾ ٻڌايو وڃي ٿو. پر بدقسمتي سان انهن کي ننڍي کنڊ جي آزادي ۽ تحريڪ پاڪستان جي ٻين عظيم اڳواڻڻ خان لياقت علي خان، سرسيد احمد خان، مولانا محمد علي جوهر، مولانا شوڪت علي، مولانا حسرت موهاني، خواجه ناظم الدين، چوڌري خليق الزمان، راجه صاحب محمود آباد ۽ ٻين عظيم اڳواڻڻ جي باري ۾ نه ٿو ٻڌايو وڃي. انهن اڳواڻڻ جا ڏينهن ملهائڻ ته پري جي ڳالھھ انهن جي باري ۾ پورو ٻڌايو به نه ٿو وڃي. انهن فرمايو ته جيڪي قومون پنهنجي تاريخ ۽ تاريخ جي قومي هيرن کي وساري ويهن ٿيون تاريخ ۽ زمانو به انهن کي وساري ڇڏي ٿو ۽ اهي قومون ختم ٿي وڃن ٿيون. جناب الطاف حسين فرمايو ته تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻڻ  وانگر فنون لطيفه ۾ به ڪجھھ مخصوص شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن جي باري ۾ ته ٻڌايو وڃي ٿو پر نئين نسل کي شاعر انقلاب جوش مليح آبادي، استاد قمر جلالوي، مصطفٰي زيدي، ناصر ڪاظمي، محسن ڀوپالي، رئيس امروهوي، شهنشاھ غزل مهدي حسن، ممتاز ميوزڪ ڊائريڪٽر سهيل رعنا، ڊرامه نگارن فاطمه ثريا بجيا، حسينه معين، ابن صفي ۽ ٻين اڪابرن جي باري ۾ ڪجھھ به نه ٿو ٻڌايو وڃي. جناب الطاف حسين ڪارڪنن ۽ عوام کي چيو ته اهي پنهنجن وڏن اڪابرن، شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن جو ڏينهن ملهائين. انهن جي ياد ۾ اجتماع منعقد ڪن ۽ نئين نسل کي انهن جي شخصيت ۽ خدمتن جي باري ۾ ٻڌائين، انهن جي باري ۾ مضمون لکن، ڪتابون شايع ڪن ۽ انهن جي نالن سان انجمنون به قائم ڪن. جناب الطاف حسين فرمايو ته 16 ڊسمبر جي تاريخ هاڻي ان حوالي سان به ياد رکي ويندي ته ان ڏينهن پشاور ۾ طالبان دهشت گردن آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ڪري ننڍڙن معصوم شاگردن ۽ استادن جي رت سان هولي کيڏي. ڏيڍھھ سو کان وڌيڪ شاگردن ۽ استادن کي بيدردي سان فائرنگ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو. اسڪول جي پرنسپل کي زنده ساڙي ڇڏيو. انهن فرمايو ته جڏهن مان چوندو هوس ته طالبان وارا ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ پنهنجيون پاڙون مضبوط ڪري رهيا آهن. انهن جي روڪٿام ڪئي وڃي ته چيو ويندو هو ته الطاف حسين ڪوڙ ڳالهائي ٿو، قوم کي خوفزده ڪري رهيو آهي. سيڪيورٽي ادارن به ان کان انڪار ڪيو. پر جڏهن آرمي پبلڪ اسڪول تي طالبان دهشت گردن حملو ڪيو ته ان جو احساس ٿيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان پهرين به چيو هو ته داعش ڪراچي ۽ پاڪستان جي ٻين شهرن ۾ تيزي سان ڦيلجي رهي آهي. جنهن جو ثبوت صفورا سانحو آهي ۽ هاڻي هر روز وڌيڪ نوان نوان ثبوت سامهون اچي رهيا آهن. انهن فرمايو ته وقت جو تقاضا آهي ته پاڪستان کان طالبان، القائده ۽ داعش جو مڪمل خاتمو ڪيو وڃي ۽ انهن کي ڪنهن به ملڪ جي خلاف پراڪسي جي طور تي استعمال نه ڪيو وڃي. ڇو ته اهي وقت گذرڻ سان گڏ مونسٽر بڻجي وڃن ٿا. جن جو ڪم پنهنجن کي کائڻ آهي.طالبان ۽ ٻيا جهادي عناصر جيڪي هاڻي مونسٽر بڻجي چڪا آهن. هن مهل تائين اهي فوجين سميت 70 هزار پاڪستانين کي شهيد ڪري چڪا آهن. سيڪيورٽي فورسز تي حملا، مسجدن، امام بارگاهن، بازارن ۽ ٻين هنڌن تي خودڪش حملا ۽ ڌماڪا ڪري چڪا آهن. انهن فرمايو ته ماهرن جي ٽيمن جي ذريعي سڄي ملڪ جي مدرسن ۾ ڏني ويندڙ تعليم ۽ تربيت جو جائزو ورتو وڃي ۽ جيڪي مدرسا مفت ۾ ديني تربيت ڏين ٿا ۽ نفرت نه ٿا ڦيلائين انهن کي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي. پر جيڪي مدرسا دهشت گردي جي ترغيب ڏيندا هجن انهن کي ختم ڪيو وڃي. بنگله ديش ۾ محصور پاڪستانين جو ذڪر ڪندي انهن فرمايو ته 1971 ۾ جڏهن اوڀر پاڪستان ۾ جنگ ٿي رهي هئي ته اتي اردو ڳالهائڻ وارن پاڪستانين جن کي عام طور تي بهاري چيو وڃي ٿو. انهن پاڪستاني فوج جو ساٿ ڏنو هو پر جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ جنگي قيدي بڻجڻ واري پاڪستاني فوج ته ٻن سالن کان پوءِ واپس اچي وئي.پر 44 سال گذرڻ جي باوجود به انهن بهارين کي وطن واپس نه آندو ويو آهي ۽ اهي اڄ تائين بنگله ديش جي 66 ريڊ ڪراس جي ڪيمپن ۾ بک ۽ تنگدستي جي زندگي گذاري رهيا آهن. انهن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته بنگله ديش ۾ محصور بهارين کي فوري طور تي وطن واپس آندو وڃي. ڇو ته جيستائين پاڪستان جي لاءِ قربانيون ڏيڻ وارن محصور پاڪستانين کي وطن واپس نه ٿو آندو وڃي پاڪستان تي الله سائين جون رحمتون نازل ٿي نه ٿيون سگهن.  جناب الطاف حسين قصبه علي ڳڙھ سانحي جو ذڪر ڪندي فرمايو ته 14 ڊسمبر 1986 تي هٿيار بند دهشت گردن علي ڳڙھ ڪالوني ۽ قصبه ڪالوني تي حملو ڪري مهاجرن کي گجرن ۽ مورين وانگر ڪٽيو هو،  200  کان وڌيڪ مهاجرن جو قتل عام ڪيو ويو، 6 ڪلاڪن تائين اهو قتل عام ٿيندو رهيو پر ڪائي به پوليس، رينجر ۽ فوج بچائڻ نه آئي ۽ اڄ تائين انهن جو هڪ به قاتل نه پڪڙيو ويو آهي. انهن مطالبو ڪيو ته قصبه علي ڳڙھ سانحي جي تحقيقات ڪرائي وڃي ۽ معصوم مهاجرن جو قتل عام ڪندڙن کي سرعام سزا ڏني وڃي. جناب الطاف حسين اوڀر پاڪستان سانحي، آرمي پبلڪ اسڪول سانحي ۽ قصبه علي ڳڙھ سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ انهن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار به ڪيو. 




5/14/2024 7:05:06 AM