Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان زبردست خراج عقيدت پيش.


آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان زبردست خراج عقيدت پيش.
 Posted on: 12/16/2015
آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان زبردست خراج عقيدت پيش.
لنڊن: 16 ڊسمبر 2015 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن جي پهرين ورسي جي موقعي تي سمورن شهيد ٻارن ۽ استادن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته 16 ڊسمبر 2014 پاڪستان جي تاريخ جو هڪ ڪارو ڏينهن آهي، جڏهن وحشي دهشت گردن آرمي پبلڪ اسڪول ۾ داخل ٿي ڪري اتي تعليم حاصل ڪندڙ ٻارن ۽ استادن کي گوليون هڻي ڪري شهيد ڪري ڇڏيو هو. جناب الطاف حسين آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي شهيدن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي، انهن جا درجات بلند فرمائي ۽ انهن جي پونئرن  کي صبر جميل عطا فرمائي. جناب الطاف حسين فرمايو ته آرمي پبلڪ اسڪول ۾ معصومن جي رت سان جهڙي طرح سان هولي کيڏي وئي ان جي ڪري ان دردناڪ واقعي کي وساري نه ٿو سگهجي ۽ جيڪي عناصر به ان ظلم ۾ ملوث آهن اهي ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن ۽ وقت اچي ويو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان جي تحت فوج ۽ ٻين سيڪيورٽي فورسز کي دهشت گردي جو نشانو بڻائڻ وارن دهشت گردن، سويلين ۽ حساس فوجي تنصيبات، مسجدن، امام بارگاهن ، بازارن ۽ عوامي هنڌن تي معصوم شهرين کي دهشت گردي جو نشانو بڻائڻ وارن طالبان ۽ ٻين پابندي وڌل تنظيمن جي JET  BLACK  دهشت گردن، انهن جي سهولت ڪارن، فرقي وارانه گروپن ۽ انهن جي حامي انتها پسند جماعتن جي خلاف پوري ملڪ ۾ بغير ڪنهن فرق جي ڪاروائي ڪئي وڃي.
*****

5/14/2024 1:50:10 AM