Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اوڀر پاڪستان سانحي ۽ قصبه علي ڳڙھ سانحي جي تحقيقات ڪرائي ذميوارن کي قوم جي سامهون آندو وڃي. ڪنور نويد جميل.


اوڀر پاڪستان سانحي ۽ قصبه علي ڳڙھ سانحي جي تحقيقات ڪرائي ذميوارن کي قوم جي سامهون آندو وڃي. ڪنور نويد جميل.
 Posted on: 12/16/2015
اوڀر پاڪستان سانحي ۽ قصبه علي ڳڙھ سانحي جي تحقيقات ڪرائي ذميوارن کي قوم جي سامهون آندو وڃي. ڪنور نويد جميل.
اوڀر پاڪستان جا ماڻهو اڪثريت ۾ هئا پر انهن سان ناانصافين جي ڪري ملڪ ٽٽي ويو. حيدرعباس رضوي.
لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ منعقد ٿيندڙ اجتماع کي خطاب.
ڪراچي: 16 ڊسمبر 2015 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڪنور نويد جميل چيو آهي ته اڄ جو اجتماع قصبه علي ڳڙھ سانحي، اوڀر پاڪستان سانحي ۽ آرمي پبلڪ اسڪول پشاور سانحي جي شهيدن جي ايصال و ثواب ۽ انهن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ منعقد ڪيو ويو آهي.انهن خيالن جو اظهار انهن قصبه علي ڳڙھ سانحي، اوڀر پاڪستان سانحي ۽ آرمي پبلڪ اسڪول پشاور سانحي جي شهيدن جي ورسي جي موقعي تي لال قلعه گرائونڊ ۾ منعقد ٿيندڙ اجتماع کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر ۽ سي اي سي ميمبر ن کان علاوه ڪارڪن هزارن جي تعداد ۾ موجود هئا.ڪنور نويد جميل چيو ته اسان جي ملڪ ۾ اڄ تائين جيڪي به سانحا ٿيا آهن اهي گهٽ عقل وارن حڪمرانن جي ڪري ٿيا آهن.انهن چيو ته تاريخ  اوڀر پاڪستان سانحي جي حقيقتن ۽ اوڀر پاڪستان جي عوام سان ٿيندڙ ناانصافين سان ڀريل پئي آهي پر حڪمرانن جي طرفان اڄ تائين ان سانحي جي تحقيقات 

جي لاءِ بڻجندڙ حمود الرحمٰن ڪميشن جي رپورٽ به باقائده طور تي قوم جي سامهون نه آندي وئي آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي حيدرعباس رضوي چيو ته بنگال جي عوام 1757 ۾ ئي تحريڪ آزادي هندستان جي بيناد رکي ڇڏي هئي ۽ تحريڪ پاڪستان ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. جڏهن ته 1940 ۾ قرارداد پاڪستان پيش ڪرڻ واري تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻ مولوي فضل الحق جو تعلق به هندستان جي صوبي بنگال سان هو. انهن چيو ته آزادي جي وقت اوڀر پاڪستان جي ماڻهن جي تعداد اولھھ پاڪستان کان وڌيڪ هئي پر انهن سان ناانصافيون ڪيون ويون ۽ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اڪثريت اقليت جي زيادتين کان تنگ اچي ڪري عليحدگي جو مطالبو ڪيو ۽ ملڪ ٽٽي ويو پر اڄ تائين ان سانحي جي ذميوارن کي منظر عام تي نه آندو ويو آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبر ڪمال ملڪ چيو ته 1971 ۾ اوڀر پاڪستان ۾ رهندڙ مهاجرن پاڪستان جي فوج جو ساٿ ڏنو هو پر اهي اڄ به بنگله ديش جي ريڊ ڪراس جي ڪيمپن ۾ بي وسي جي زندگي گذاري رهيا آهن. ان موقعي تي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبر محترمه ريحانه نسرين چيو ته جناب الطاف حسين غريب ۽ وچولي طبقي جي اعلٰي تعليم يافته ماڻهن کي ملڪ جي ايوانن ۾ موڪليو آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبر عادل خان چيو ته اڄ 16 ڊسمبر جو ڏينهن حق پرستي جي تحريڪ ۾ شهيد ٿيندڙن کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبر زاهد منصوري چيو ته ماضي جي اليڪشنن ۾ به سنڌ جي شهري علائقن جي عوام جناب الطاف حسين سان پنهنجي والهانه محبت جو ثبوت ڏنو هو. ان موقعي تي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبر اسلم آفريدي چيو ته جناب الطاف حسين جو نظريو ملڪ گير آهي ۽ چونڊيل نمائندا انهن جي نظريي تي ئي هلي ڪري عوامي مسئلا حل ڪندا. ان موقعي تي ڊپٽي ميئر ارشد وهره به خطاب ڪيو. 

5/14/2024 12:34:32 PM